شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

محبت ۾ هڪٻئي جا راڻا هجون ٻئي،

محبت ۾ هڪٻئي جا راڻا هجون ٻئي،
۽ هڪٻئي جي ڳل جا ڳانا هجون ٻئي.

جيڏا نه وارَ تنهنجا گھاٽا اٿئي پرين،
ايڏائي پاڻ ۾ پڻ گھاٽا هجون ٻئي.

ڪپڙي اُڻيل اندر جئن ڌاڳن جو ربط آ،
اي ڪاش ان اڻت جا ڌاڳا هجون ٻئي.

ٻٻرن جي وچ ۾ جئن ڪو ٽالهي جو وڻ هجي،
تيئن ئي پريِميُن ۾، ساوا هجون ٻئي.

هرپل هميشه جت ڪت گڏ گڏ هجون پرين،
اي ڪاش هڪٻئي جي آشا هجون ٻئي.

خاموشي ساز ٿي پئي منزل ملي اها،
خود ماٺ هوندي ليڪن واڄا هجون ٻئي.

سچ جي سڪار خاطر سر گھورَ ٿي پئون،
“خاطي” سڌا سٻاجھا سادا هجون ٻئي.

