شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

هر ڪنهن جو هي ڪردار آ،

هر ڪنهن جو هي ڪردار آ،
انسانُ اداڪار آ.

هر ڪنهن جي ڪهاڻي جو،
ڪوئي ته لکڻهار آ.

آ ڪير هدايتڪار،
۽ ڪير صداڪار آ.

ڪو درد دُٻو پاڻي،
ڪو درد سمنڊُ تار آ.

ڪا ڪِيهه ڪا خاموشي،
جذبات جو اظهار آ.

لاعلاج مريضن جو،
تعويذ تي اعتبار آ

ڪٿ روز ڳڙن ڳوڙها،
ڪٿ ٽهڪ ئي ٽهڪار آ.

بدمست جي بي شرمي،
مسڪين شرمسار آ.

انصاف ڪٿان ملندو،
پڳدار جو بيڪار آ.

ٿو ڪنڌ گھري “خاطي”،
ڪهڙو هي ڪلاڪار آ.

