شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

اک توسان اڙڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو،

اک توسان اڙڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو،
دل توکي ڏيڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو.

ڪا ڄاڻ نه هئي مونکي، هيءَ دنيا به ڇا آهي،
ڇا منزل آ منهنجي، ڪيڏانهن وڃان ڪاهي،
واسطو هي رکڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو.

ٿي سور سٺم سر تي، بي چين حياتي هئي،
در در تي رُليس ڏاڍو ڪٿ ڪين وفائي هئي،
در تنهنجي اچڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو.

غم دور ٿيا “خاطي”، دامن جي جھليم تنهنجي،
ٿيا قرب چئي ڪيريو هر آس پني منهنجي،
هي پيار ملڻ کانپوءِ، وري راز نئون ٿي پيو.