شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

سمهين پئو سڀ اوهين تارا، منهنجو مقدر ڦٽل آهي،

سمهين پئو سڀ اوهين تارا، منهنجو مقدر ڦٽل آهي،
ڦِٽي وئي ننڊ آ منهنجي، سمورو جڳ ستل آهي.

اٿَوَ نظرون رڳو مونڏي، ڏٺو ڇا آ اوهان مون ۾،
منهنجو سينو سڄو چيري، ڏسو دلڙي ٽٽل آهي.

لڙي اڌ رات آ ويئي، لهي چنڊ آ ويو ليڪن،
پيو ڦٿڪان لڇان تڙپان، اڃا اک پڻ کليل آهي.

پيا گڏ لڙڪ هاريو ڇو؟ اوهان جو ڏوهه ڪونهي ڪو،
ٻڌايان ڇا ظلم مونسان، دنيا وارن جو ٿيل آهي.

ڇڏي ڏيو خان محمد کي پنهنجي هن حال تي هاڻي،
پڇو ٿا حال هي ڪهڙو، رٺل مونکان مٺل آهي.

