شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

ريت ڪئي ختم پرين تو جڏهن حجاب جي،

ريت ڪئي ختم پرين تو جڏهن حجاب جي،
مهڪ ڦهلجي وئي، تنهنجي پوءِ شباب جي.

رات هڪڙي آ جلي، تو لقب شمع ڏنس،
دل جلي عمر سڄي، مِهرَ ڪر خطاب جي.

خوشنصيب هان مٺا، جو ڪٿان اچي ڇڻي،
جھول منهنجي ۾ پئي، پنکڙي گلاب جي.

ٻول تنهنجو مون ٻڌو جو سريلڙو مٺو،
ڄڻ ٻڌم صدا مِٺي، بانسري رباب جي.

اڌ ٽڙئي گلاب جي مکڙي جھڙي مک مٿان،
ڪجهه هٽاءِ ذلف جو، ڪن پيا نقاب جي،

ڇونه “خاطي” ياد ٿٖي، پيار پنهنجي جي ڪٿا،
ڄڻ ته آ لکت امر، پيار جي ڪتاب جي.

