شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

تنهنجي قدمن ۾ سدا زندگي ڏني هئي مون،

تنهنجي قدمن ۾ سدا زندگي ڏني هئي مون،
تنهنجي چاهت پرين توکان گھري هئي مون.

ڏسي پوڄا منهنجي ۽ تون به خدا ٿي ويٺين،
ٿي چريو تنهنجي چاهه ۾ مسجد ڇڏي هئي مون.

پنهنجي خادم کي مٺا ايڏي سزا نه ڏين ها،
سدائين تنهنجي سِرَ جي، غلامي ڀري هئي مون.

ڀلو ڪيئي اي پرين جو پاڻ ڀلائي ڇڏيَئي،
اڃا به توکان پنهنجي دلڙي نه پلي هئي مون.

گھري هڪ بي حس پٿر کان پيار هي ڪيريو چئي،
وڏي خان محمد “خاطي” خطا ڪئي هئي مون.

