نفرت ٿِي پئِي ڄڻ ڏڊ آهي،
دشمنُ دشمنَ جي ڪڍ آهي.
بڇڙي کي جئن جئن ٿو جھلجي،
ويرئون وير اڃا وڌ آهي.
رت جا رشتا رتُ روئارينِ،
درد اهو بس بي حد آهي.
احساس نه زندهه جنهن جو آ،
انسان اهو ڄڻ اڌ آهي.
مرڪڻ سڏڪڻ سڀ مصنوعي،
جذبن تي پئي ڪا ٿڌ آهي.
قرب بنا دل بنجر بنجر،
پيار وارِي دل ڄڻ پڊ آهي.
همدرديءَ جا ٻول ٻه ڪافي،
دل ٿي ويندي گد گد آهي.
ساٿ ڏکن ۾ ڏيئي جياري،
ماڻهو ماڻهوءَ جو ڏڍ آهي.
وقت سان گڏ گڏ آخر “خاطي”،
ڀرجي ويندو هر وڍ آهي.