هي غم الم ۽ زخم هي گهرا، سدائين قائم رهي نه سگهندا.
پريم پنهنجي مٿان هي پهرا، سدائين قائم رهي نه سگهندا.
وفا ڪئي سين سزا ڏني ٿن، ملڻ کلڻ کان جهليو آهي جن،
انهن رقيبن سندا سي چهرا،
سدائين قائم رهي نه سگهندا.
صبح مسا هي پنهنجي ڪنن ۾، وڄن ٿا خطري جا سائرن جي،
اهي به گهوگهوءَ وارا لهرا،
سدائين قائم رهي نه سگهندا.
اميد آ، هِي سماج وارا، سچائي سمجهي سجاڳ ٿيندا،
رواج گونگا انڌا ۽ بهرا،
سدائين قائم رهي نه سگهندا.
خدا ڪندو شل خوشيون ڪنداسين، ختم ٿي ويندا هي خوف سارا،
اسان تي “خاطي” هي ڏينهن کهرا،
سدائين قائم رهي نه سگهندا.