شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

ڪڏهن توکي قربت جو احساس ناهي،

ڪڏهن توکي قربت جو احساس ناهي،
ناهي توکي الفت جو احساس ناهي!

اهي ڪارون بنگلا منهنجي ڪهڙي ڪم جا؟
جڏهن توکي غربت جو احساس ناهي.

وڏا ماڻهو! سمجهيم منهنجو يار آهين،
مگر توکي محبت جو احساس ناهي.

وڇوڙي جا وڍ جي سٺا جنهن به ناهن،
انهي کي ته فرقت جو احساس ناهي.

ڪئين ڪنهن جي دل ۾ جڳهه جوڙبي آ،
سڄڻ توکي شرڪت جو احساس ناهي.

رڳو آهي پنهنجي ئي مطلب سان محبت،
غلامن جي خدمت جو احساس ناهي.

مزن ۾ وڏيرن اميرن جا ماڻهو،
خدا واري خلقت جو احساس ناهي.

خبر آهي “خاطي” متان يار سمجهين،
نگاهن جي نفرت جو احساس ناهي.

