شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

مٺا محبوب ماڙ ڪيو، ڏسي مغموم اي جاني،

مٺا محبوب ماڙ ڪيو، ڏسي مغموم اي جاني،
مدد مسڪين جي ڪريو، سڏي مظلوم اي جاني.

نظر جي ڪر عنايت بس، ٺهي پئي زندگي منهنجي،
بچاء اجڙڻ ڪنان جواني، منهنجي معصوم اي جاني.

هِي هڪ هڪ وارُ هر دم پيو، دعاءِ دلربا ڏيندءِ،
سڻايان سورَ ڇا پنهنجا، اٿئي معلوم اي جاني.

سدا لک لک منهنجا سائين! اميدون آسرا تو ۾،
اگهاءِ کڻي اهي حاڪم! گھري محڪوم اي جاني.

سڄڻ سرڪار تون آهين، سڀئي تنهنجي ته وس ۾ آ،
سدا “خاطي” هي خادم آ ته تون مخدوم اي جاني.

