ناول

اڌوري عشق جو اَلميو

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“
Title Cover of book اڌوري عشق جو اَلميو

1

هُو پنهنجي آفيس واري ڪمري ۾ ليپ ٽاپ تي ڪم ۾ مصروف هو، بلڪل ئي اڪيلو پنهنجي ڪمري ۾ ليپ ٽاپ جي اسڪرين تي يڪ ٽڪ نظرون کپائي نيوز اسٽوري ٽائيپ ڪري رهيو هو. ڪمري جي سامهون واري ديوار تي لڳل ايل.سي.ڊي ٽي.وي تي نيوز چينل هلي رهيو هو، ٽي.وي جو آواز سائلينٽ موڊ تي رکيل هو، هُو خبر ٽائيپ ڪندي بار بار ٽي.وي ڏي ڏسندي ، اُهو پُڻ معلوم ڪري رهيو هو ته ڪهڙي خبر نشر ٿي رهي هئي.
سينٽر ٽيبل تي ماربل ٽيبل سيٽ رکيل هو ۽ شيشي جي هيٺ مختلف وزيٽنگ ڪارڊس، رمائينڊر چِٽِس، ڪئلينڊر ۽ ڪجهه يادگار تصويرون ترتيب سان پيل هيون. سينٽر ٽيبل جي ساڄي پاسي ايندڙ مهمانن لاءِ چار سنگل صوفا ۽ اڳيان رکيل شيشي جي ننڍي ٽيبل تي، پاڻي سان اڌ ڀريل شيشي جو جڳ پيل هو ۽ گڏ ٻه شيشي جا گلاس پڻ پيل هئا. انهي شيشي جي ٽيبل تي انهي تاريخ جون مختلف اخبارون ۽ ڪجهه ميگزين، وکريل ڪاغذ، پريس رليزز، سياسي بيانن جون ڪاپيون به پيل هُيون. ڪمري ۾ ٻيو ڪير به نه هجڻ ڪري مڪمل خاموشي هئي ۽ هُو يڪسوئي سان پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو.
سينٽر ٽيبل جي بلڪل سامهون هڪ ڪشادي دري ٻاهر گهٽيءَ جي طرف هئي، جيڪا اڌ کليل هئڻ ڪري ڪنهن ڪنهن مهل تازي هوا جو جُهوٽو ڪمري جي سانت کي ٽوڙيندو دري جي پردن سان ٽڪرائيندو سامهون دروازي مان نڪرندي ڪمري ۾ تازو احساس ڇڏي رهيو هو، جنهن سان ڪمري ۾ تازگي جو احساس پڻ محسوس ٿي رهيو هو.
هونئن ته آفيس ۾ هُن کان علاوه چئن ڄڻن جو اسٽاف هو، هڪ جونيئر رپورٽر، هڪ ڪئمرامين، هڪ پٽيوالو آفيس وقت لاءِ ۽ رات لاءِ سيڪيورٽي گارڊ پر جونيئر رپورٽر ۽ ڪئمرامين شهر ۾ ڪنهن تقريب جي رپورٽ ڪور ڪرڻ لاءِ ويل هئا. سڪيورٽي گارڊ رات واري وقت ايندو هو، باقي هُو ۽ پٽيوالو آفيس ۾ موجود هئا.
گهڻي دير بعد خبر مڪمل ڪري اداري کي اي. ميل ڪرڻ بعد هُن ليپ ٽاپ سِرڪائي، ٻنهي هٿن جي آڱرين کي پاڻ ۾ ڀڪوڙيندي آرس ڀَڃي ۽ بعد ۾ ٺونٺون ٽيبل تي رکي چهري کي ٻنهي هٿن ۾ ڀِڪوڙي ڪجهه دير ٿڪ ڀڃڻ لڳو. گهڙي کن رکي پنهنجي جڳهه تان اُٿي اخبارن ۽ ڪاغذن جي ڍير ۾ ڪجهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. ٻيهر پنهنجي سيٽ تي اچي ڪرسي کي پوئتي ڌڪي ٽيڪ ڏيندي پير ٽيبل تي رکي اکيون پوري رليڪس ٿي ٿڪ ڀڃڻ لڳو.
سُڪون جي ڪجهه گهڙين بعد موبائل فون جي رنگ ٽون وڳي ۽ هُو ٻيهر ڪُرسي تي سڌو ٿي ويٺو ۽ فون اٽينڊ ڪيائين جيڪو اداري کان آيل هو. فون اٽينڊ ڪري هن موبائل ٽيبل تي پئي رکيو ته هن جي نظر ڊور بيل جي رموٽ تي پيئي جنهن کي هن ڪجهه دير پهرين ٽيبل تي اخبارن جي ڍير ۾ پئي ڳوليو پر اهو ته ليپ ٽاپ جي پاسي ۾ ئي پيو هو. هُن رموٽ جو بٽڻ دٻايو، پٽيوالو ڪمري ۾ داخل ٿيو.
”جيءَ سائين“ پٽيوالي ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو.
”ولي محمد .....!! چانهه ته ڪا ڪڙڪ سريلي پيار، سڄي ڏينهن جو ٿڪ لهي پئي“. هُن پٽيوالي کي چانهه لاءِ پئسا ڏيندي چيو.
ڊگهي قد ۽ ڀوري رنگ جو نوجوان آڪاش، جنهن جي زندگي ٿر جي ريگستان ۾ سالن کان برسات جي آس لڳايل اُن ماروئڙي جي اميد جهڙي هئي ته ”ڪڏهن ته الله سائين رحمت وسائيندو ۽ سمورا ڏک ۽ پيڙائون انهي پلر ۾ وهي ويندا“. هن ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي انيڪ خواب اکڙين جي پيچرن تي سجايا. هن طئه ڪري ڇڏيو هو ته انهن سمورن سپنن جي ساڀيان لاءِ سوڀ جي منزل طرف انتهائي پختي ارادي سان اڳتي وڌندو رهندو ۽ منزل ماڻي رهبي. هونئن به ڏکيا رستا هميشه بهترين منزل طرف ئي ويندا آهن ۽ جيڪو اهي اڙانگا پنڌ اوري ٿو وڃي، منزل ان جو ئي مقدر ٿي بڻجي. هن وٽ سَسئي جهڙو ساهس هو، جنهن ٿڪجڻ سکيو ئي نه هو. بس پنهون جي پريت ۾ جيئن سسئي جهر جهنگ ڏوريندي اڳتي وڌي رهي هئي تيئن هُو پڻ پنهنجو مقصد طئه ڪري ويٺو هو ۽ ان کي ماڻڻ لاءِ اڳتي ۽ صرف اڳتي ئي وڌي رهيو هو.
ٿڌڙين هوائن جي شهر جي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافتي حلقي توڙي اداري ۾ هُو ڳڀرو نوجوان ٿوري ئي وقت ۾ وڏي محنت سان پنهنجي گهڻي اهميت ٺاهي چڪو هو. اڄ جي ميڊيا جي بريڪنگ نيوز جي ڊوڙ ۾ هُو ڪنهن وقت انتهائي اهم خبر کي ڪور ڪرڻ ۾ سينيئرس کي به پوئتي ڌڪي ويندو هو، جنهن ڪري کيس ڏکيائين ۽ عجيب روين کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو هو، پر هي ڏکيائيون هن جي ماضيءَ جي تڪليفن ۽ پيڙائن جي اڳيان واريءَ جي ديوار هيون. هن جي جُستجو بس اڳتي وڌڻ جي هئي، هن اهو طئه ڪري ڇڏيو هو ته پوئتي مڙي نه نهاربو. قدم وڌائبا ته صرف اڳتي ۽ منزل ماڻي رهبي ۽ انهي لڳاءُ جي ڪري هن ٿوري وقت ۾ ئي ڪافي ڪجهه سکيو هو.
هُو انهي سيٽ ۽ جاءِ تي ايئن ئي نه پهتو هو ان جو هُن کي احساس هو، هُو مائٽن جو وڏو پٽ هو، غربت سبب ذميوارين هن کي ٻالڪپڻ ۾ ئي جوان ڪري ڇڏيو هو. هُن بي رحم وقت جي هر موڙ تي پنهنجا احساس ڪيئن ماريا هئا؟ ان جي پروڙ صرف هن کي ئي هئي، هن پنهنجن جذبن کي لڙڪن سان ڪيئن ڌوتو هو؟ سا يادگيري هن کي ڪڏهن ڪڏهن ايندي هئي ته ضبط ٽُٽِي پوندو هو ۽ لڙڪ لهرون بڻجي اکڙين جي سَمُندر ڪنارن سان ٽڪرائجي پوندا هئا، ۽ هانوَ تي سٽ پئجي ويندي هئي. پر وري به زماني جي ڀرم خاطر ٿڌو ساهه ڀري ڳوڙها اگهي ان يقين کي پختو ڪندو هو، ته بس هاڻي نه روئبو.
آڪاش ڪرسي تان اٿي تازي هوا لاءِ دري جي ويجهو اچي بيٺو، گرمي باوجود ڪنهن ڪنهن مهل هوا جا تازا جهونڪا مُسرت ڀريل لهر جو پيغام کڻي اچي رهيا هئا. هوا جي دلفريب جهوٽن جي لهرن ۾ اهڙو ته گم ٿي ويو هو جو هُن جي سموري ٿڪاوٽ ڪجهه ئي لمحن ۾ دور ٿي ويئي.
”سائين چانهه“ پٽيوالي چانهه جو ٽري ڏانهس وڌائيندي چيو.
پٽيوالي جي آواز تي هُن مڙي چانهه جو مَگ ورتو ۽ چانهه مان سُرڪ ڀريندي گهٽيءَ ۾ کلندڙ دري مان ٻاهر نظر ڊوڙائيندي ڏٺو ته خاموشي ڇانيل هئي، گرمي جي ڪري ٻار گهرن ۾ هئا يا ٽيوشن سينٽرن تي ويل هئا، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪنهن وقت ڪنهن ماڻهو جو گذر ٿي رهيو هو، پر هن ڏٺو ته گرمي باوجود به سامهون گلي جي ڪنڊ ۾ هڪ غريب عورت جنهن جي هنج ۾ معصوم ٻار هو جنهن جي اڳيان ڇولن جو ٿال پيل هو،هوءَ ڇولا کپائڻ لاءِ ٻارن جي ٽيوشن سينٽرن تان واپسي جو انتظار ڪري رهي هئي، اهڙي گرمي ۾ به پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن جي پاپي پيٽ جي پورائي لاءِ کيس هي سڀ ڪشالا ڪَٽڻا پئجي رهيا هئا. بک جي دوزخ خلاف مسلسل جدوجهد سان گڏ ٽٽل پوتي باوجود کيس پنهنجي عزت، آجپي ۽ خودداري جو ڪيڏو نه خيال هو، جو بار بار هن پنهنجي پوتي کي ٺاهيو ۽ سنڀاليو ٿي ته جيئن سندس ڪو انگ اڻ ڍڪيو نه رهجي وڃي.
هيءَ آهي دنيا جي اها باوقار ۽ باڪردار عورت، جيڪا پنهنجي گهر، ٻارن، عزت جو هڪ ئي وقت خيال به رکي ٿي ته خودداري جي رُکي سُکي کائڻ کي به ترجيح ڏئي ٿي پر پنهنجي اوچي ڳاٽ کي جهڪائڻ هرگز نه ٿي ڏي. ”آئون ته چوان ٿو سوشل سيڪٽر جي بيبي ڪٽ وارن ۽ اوچي هِيل پاتل فينسي عورت سوشل ايڪٽِيوِسٽ سڏائي ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي عورت جي آجپي تي پاور پوائنٽس جي رٽيل پرزنٽينشن تي طوطي وانگر ٽانءُ ٽانءُ ڪندڙن کي اهڙين محنت ڪش عورتن کان سکڻ کپي ته عورت جي زندگي ۾ جدوجهد ڇا آهي؟ آجپو ڇا آهي؟ باقي عورت جي آزادي جي نعري تي فنڊ کائيندڙ نام نهاد عورت سماجي اڳواڻن وٽ مظلوميت جا نعرا وڪڻي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي“. چانهه پيئندي سندس ذهن ۾ اهڙا خيال ايندا رهيا.
هُن ڪجهه دير رکي سُرڪ ڀرڻ لاءِ ڪوپ چپن تائين آندو ته هُن کي محسوس ٿيو ته ڪوپ ۾ چانهه ختم ٿي چڪي آهي، هُن ڪوپ ٽيبل تي رکيو ۽ رليڪس ٿيڻ لاءِ ليپ ٽاپ جي ميوزڪ پليئر تي لتا جا ڪلام لڳائي ڪُرسي تي ٽيڪ ڏيئي اکيون بند ڪري موسيقي جو سرور وٺڻ لڳو.
موسيقي ٻڌندي هُن کي وقت جي پروڙ ئي نه پئي ته سانجهيءَ ٿي چڪي هئي، سيڪورٽي گارڊ جي اچڻ وقت پٽيوالو جڏهن گهر وڃڻ لاءِ اجازت گهرڻ آيو ته هُن ديوار تي لڳل سامهون گهڙيال ڏي نظر وڌي ته شام جا ست ٿي رهيا هئا. هُن کي احساس ٿيو ته ڪافي وقت ٿي چڪو آهي. شام واري شفٽ جي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ هُن فون ڪري اسٽوري ڪرڻ لاءِ ويل جونيئر رپورٽر کي هدايتون ڏنيون. بعد ۾ پٽيوالي کي به اجازت ڏني ۽ پاڻ به اُٿيو ۽ فليٽ ڏي روانو ٿي ويو.