23
آڪاش جيڪو ڪافي وقت کان شاهه سائين جي رسالي جي مطالعي ۾ مصروف هو، تنهن چانهه جو ڪوپ وٺندي مسڪرائيندي چيو ”پيارا ڀٽائي جا بيت اسان لاءِ زندگي جي تتل ڏينهن ۾ ڇانوري مثل آهن، توهان ڪيترائي مايوس ڇو نه ٿي وڃو پر لطيف رح جو ڪلام پڙهو توهان ۾ زندگي جو نئون احساس ۽ جذبو جاڳي پوندو.“
”بلڪل ان ۾ ته ڪوئي شڪ ناهي، لطيف سائين سنڌي قوم جو رهبر شاعر آهي، هُن جي هر سٽ ۾ حڪمت، هدايت ۽ نئين راهه جي لاءِ دڳ ڏنل آهي.“ ڪريم ديوار کي ٽيڪ ڏيئي زمين تي رکيل ميٽريس تي ويهندي چيو.
”لطيف سائين هر طبقي، هر پيڙهِي جو شاعر آهي، لطيف سائين جي ڪلام ۾ توهان کي صوفياڻو رنگ به نظر ايندو ته عاشقاڻي رمز به ڏسڻ ۾ ايندي، ان کان علاوه شاهه سائين جي ڪلام کي ناصحانو، طبيعي، رزمي، مديحي طبقن ۾ به ورهائي سگهجي ٿو.“ آڪاش چانهه مان سُرڪ ڀريندي چيو.
”واهه واهه، ڪمال! هڪ ئي وقت ايترا رنگ. ڀٽائي سرڪار کي سِيس نمائي سلام!“ ڪريم چانهه جو ڪوپ هڪ پاسي رکندي سر جهڪائي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيائين”لطيف سائين جا سمورا سُر ۽ رنگ ئي ڪمال آهن پر مون کي سُر کنڀات ڏاڍو وڻي ٿو. جنهن ۾ محبوب سان محبت جو عڪس جهلڪي ٿو.“ جيئن:
”چڱا چنڊ! چئيج، سنيها کي سَڄڻين،
مٿا اَڱڻ اُڀري، پِرين جي پئيج،
جهيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا“.
”ها ڪريم بلڪل! لطيف سائين جو ڪلام عاشقاڻي نظر سان ڏسڻو آهي ته سُر کنڀات ۽ سُر پورب کي پڙهي ڏس، انهن سُرن ۾ حسن، عشق، دلڪشي ۽ دلربائي، مايوسي، ناز نخرا، بيقراري ۽ انتظاري جي جهلڪ نظر ايندي. لطيف سائين جي عاشقاڻي نظر ۾ معشوق ۽ محبوب ساري ڪائنات ۾ سهڻي مخلوق آهي. ان جي اڳيان پوري ڪائنات جون سموريون تخليقون تِڇ لڳنديون آهن، معشوق جي خماريل اکڙين ۾ اهڙو ناز ڀريل نظر ٿو اچي جو اندر جا احساس اڀري ٿا پون.“ آڪاش شاهه جو رسالو ريڊنگ ٽيبل تي رکندي سُر کنڀات مان هڪ شعر ٻڌايو:
”چنڊ چوانءِ سچ، جي مَٺِي نه ڀانئِئين،
ڪڏهن اُڀرين سَنهڙو، ڪڏهن اُڀرين ڳَچَ،
منهن ۾ ٻَرئي مَچ، تو ۾ ناهي پيشاني پرينءَ جي.“
”واهه سائين واهه! واهه!“ ڪريم ساڄو هٿ هوا ۾ اڀاريندي داد ڏنو.
”شاهه سائين عشق، محبت جي احساسن کي انتهائي خوبصورتي سان ڪمال درجي جي نفاست سان بيان ڪيو آهي. اتي وري عورت جي احساسن، سندس محبت جي جذبن، محبت ۾ هُن جي عاجزي ۽ سچائي کي پڻ سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. هُن عورت جي عشق ۾ تڙپ، سڪ ۽ ڇڪ کي مرد کان وڌيڪ بيان ڪيو آهي. هونئن به عورت محبت جي معاملي ۾ انتهائي نفيس آهي ۽ پنهنجي پريتم سان پريت نڀائيندي هُو هر درجو ٽپي ٿي وڃي جنهن کي شاهه صاحب انهي انتها درجي جي خلوص سان پيش ڪيو آهي.“ آڪاش ڪريم ڏي متوجه ٿيندي چيو.
”بلڪل اها ڳالهه بلڪل درست چئبي بلڪه دنيا جي ڪيترن ئي شاعرن مان صرف لطيف ئي عورت جي محبت جي حقيقي جذبي کي سمجهي سگهيو آهي، تنهن ڪري ئي ڪٿي ڪٿي عورت کي محبوب نه پر عاشق جو درجو به ڏنو آهي جيڪا پنهنجي پرين جي انتطار ۾ واٽون ٿي نهاريندي وتي.“ ڪريم ذهن تي تري آيل لطيف سائين جو شعر ٻڌائيندي سڌو ٿي ويٺو.
”سر نسريا پانڌ، اُتر لڳا آءٌ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سَهسين سُکائون ڪيون.“
”واهه واهه بهترين! وري لطيف سائين سُر سسئي ۾ ڪيڏي نه خوبصورتي سان چوي ٿو ته“:
”وڃين ٿو وڻڪار؟ هِت نه ڳولئين هوتَ کي؟،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار،
ٿي سَتي ٻڌ سنڌرو، پِرت پُنهونءَ سين پار،
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.“
”واهه سهڻا واهه! تو ته اڄ پراڻا ڦٽ کولي وڌا. ٻڌ سهڻا هڪڙو سگريٽ پِيو آهي، تو سورن کي سٽڪو ڏنو آهي، آئون تيلي ڏيانس ٿو اڄ ڪڍان ٿو درد جا دونهان، تون به ٻه ڪش ڇِڪ.“ ڪريم، سگريٽ کڻڻ لاءِ اٿيو.
”نه مٺا ڇڏينس سگريٽ کي! ڪٿي لطيف سائين جو ذڪر پيو هلي ڪٿي تو وري سگريٽ جو باب کوليو آهي.“ آڪاش چڙندي چيو.
”يار تون به ڪهڙو صحافي آهين؟نه ڪو سگريٽ ٿو پيئين نه دارون جو دور ٿو هلائين؟“ ڪريم سگريٽ دکائيندي چيو.
”ڀلا صحافي ٿيڻ لاءِ دارون ۽ سگريٽ واپرائڻ ضروري آهي ڇا؟“ آڪاش حيراني مان چيو.
”يار صحافت ٿڪائيندڙ ڪم آهي، تقريباً سڀئي صحافي واپرائيندا آهن.“ ڪريم ڪش ڇڪي دونهون ٻاهر ڦوڪندي چيو.
”الائي ڪيترين ئي معروف صحافين جا نالا ڳڻائي ٿو سگهان جيڪي دارون ۽ سگريٽ کي هٿ به نه ٿا لائين پر اهي ملڪ جا بهترين صحافي، ليکڪ ۽ دانشور آهن.“ آڪاش پنهنجي ڳالهه کي دليل سان ٻڌائيندي چيو.
”تون ڇڏ ان بحث کي! ٻُڌ سُر سسئي مان هڪڙو شعر تون به ڇا ياد ڪندين.“ ڪريم سگريٽ جو ٻيو ڪَش ڇڪيندي شعر اچاريو:
”سَڌائتي سڀ ڪا، بُک نه باسي ڪا،
جيهي تيهي ذات جي، جُنبش ڪانه ڪا،
مون سين هلي سا، جا جِيءُ مِٺو نه ڪري.“
”ڪريم تنهنجي هن سگريٽ جي بداخلاقي تي ڪاوڙ ته واهه جي آئي هئي پر هن خوبصورت شعر ٻڌائڻ تي تُنهنجا سڀئي گناهه معاف آهن.“ آڪاش ڪريم ڏي مسڪرائيندي چيو.
”مهرباني جاني لطيف سائين جي صدقي ئي سهي، پر چڱو بخشش ٿي ويئي.“
ٻنهي جا ٽهڪ ڪمري ۾ وکري پيا.
”تون به ٻڌ! سُر حسيني مان هي ڪمال جو شعر.“
”ڀينر هِن ڀنڀور ۾، گهايل ٿي گهاريان،
سڄڻ جي سانگ وئا، سيئي ٿي ساريان،
سي ڪنءَ وساريان؟ جي وٽا مون واٽ ٿئا.“
واهه جاني واهه! ڪمال!!“ڪريم، سگريٽ جو آخري ڪَش ڇڪيندي اٿي سگريٽ جي ٽوٽي کي دري مان ٻاهر اڇلائيندي چيو.
”ويٺي نت نهاريان، راڻا! تنهنجو راهه،
موٽائي ماڳَن ۾، آڻيندو الله،
سوڍا تو ڳر ساهه، نت راڻا گهڻا راڄ ۾ .“
آڪاش ڪريم پاران سگريٽ جي دونهي جو عذاب ختم ٿيڻ تي خوش ٿي سُر مومل راڻي مان خوبصورت شعر ڪريم جي نظر ڪندي چيو.
”سهڻا ماني کائڻي اٿئي يا نه! هل ته هيٺ هلي ماني کائي اچون. لطيف سائين جي باقي سُرن کي پوءِ ٿا ڏسون.“ ڪريم پيٽ تي هٿ ڦيريندي چيو.
”بس هڪڙو شعر ٿر جي ان لازوال ۽ امر ڪردار مارئي جي وطن جي حب تي سرجيل سُر مارئي مان، جنهن عمر جي ڌَن، دولت، عيش و آرام، لالچن باوجود به وطن ۽ ماروئڙن جي پريت کي سڀني آسائشن کان وڌ ڀائينو ۽ عمر کي مخاطب ٿيندي چيائين.
”اي نه مارن ريت، جن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي امرڪوٽ ۾ ، ڪنديس ڪان ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙي سين نه مَٽيان.“
”واهه واهه سلام لوئي ۽ لڄ جي رکوالي ڪندڙ ٿر ديس جي ان امر ڪردار مارئي کي ۽ اهڙو ئي زبردست سر سرجيندڙ لطيف سرڪار کي، جنهن ان ڪردار کي پنهنجن شعرن وسيلي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.“ ڪريم داد ڏيندي چيو.
”چڱو اٿ ته هلجي.“ آڪاش اٿندي چيو.
”هلو جاني.“ ڪريم به اٿندي چيو.