13
آڪاش هُن جي حُسن جي تاب کي وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ اچانڪ الائي ڇا سمجهه ۾ آيو جو هُو پنهنجي ڪرسي تان اٿيو ۽ پِرهه جي سامهون اچي گوڏي ڀر زمين تي ويهي سندس ساڄو هٿ پنهنجي ساڄي هٿ ۾ پڪڙيندي چيائين؛
”پِرهه جنهن پل کان مون توکي ڏٺو آهي تنهن پل کان پنهنجي من اندر ۾ توکي ديوي بڻائي پوڄيو آهي، تنهنجي اچڻ سان منهنجي ويران زندگي ۾ خوشبوئن جا کيت کڙي پيا آهن، تنهنجي گڏ هجڻ سان منهنجي من جي آڪاش تي مسرتن جون گهٽائون ڇائنجي ٿيون وڃن، تو بن هڪ پل به چين نه ٿو اچي.!“ آڪاش سندس اکين ۾ نهاريندي پنهنجي دل جي ڳالهه اوريندي وڌيڪ چيو ته؛ ”پِرهه تون منهنجي زندگي ۾ ڄڻ ڪنهن ڇانوري مثل بڻجي آئي آهين جو تون جڏهن به ساڻ هجين ٿي ته آس پاس ڄڻ هير جون ٿڌيون لهرون گهُلنديون ٿيون رهن، تنهنجي ملڻ کان پوءِ منهنجي زندگي جي دامن ۾ ستارن جي رمجهم جا ڪيئي عڪس لهي پيا آهن، منهنجي بي مطلب زندگي کي جيئڻ جو گس ملي پيو آهي، تنهنجو مرڪندڙ چهرو جڏهن به سامهون اچي ٿو ته سمورا درد وسري ٿا وڃن ۽ زندگي ۾ هڪ نئين امنگ پيدا ٿِي ٿي وڃي.“آڪاش هُن جي هٿ کي همٿ ڪري چمي ڏيندي چيائين؛”تون آهين ته آئون آهيان نه ته تو بن اڌورو آهيان، منهنجي محبت کي غلط نه سمجهِجان، منهنجي چيل هڪ هڪ لفظ ۾ سچائي آهي، هر لفظ دل جي ڌڙڪن کي ڪوري نڪتو آهي.“
پِرهه اچانڪ آڪاش جي اهڙي عمل تي خاموش، بنا ڪنهن ردعمل جي ٻڌندي رهي ۽ جڏهن آڪاش سندس هٿ چميو ته هُن فوراً هٿ ڇڏائيندي پنهنجو چهرو پنهنجي ٻنهي هٿن جي ٻُڪ ۾ لڪائي ڇڏيو. هوءَ ڪيتريون ئي گهڙيون خاموش بت بڻجي ڪرسي تي ويٺي رهي.
ڪمري ۾ مڪمل خاموشي ڇائنجي ويئي هئي، آڪاش خود پريشان هو ته هُن ۾ اچانڪ اهڙي طاقت ڪٿان آئي جو هُو همٿ ڪري پنهنجي دل جي ڳالهه ته اوري ويو، پر پِرهه طرفان هٿ ڇڏائڻ ۽ ڪوبه ردعمل نه ڏيڻ تي پشيمان ٿيڻ کان گڏ پريشان به ٿي ويو. هُن محسوس ڪيو ته هُن جي اهڙي حرڪت شايد کيس هڪڙي سٺي دوست کان به محروم ڪري ڇڏيندي ۽ ڪافي دير تائين ڪجهه به نه ڪڇڻ کيس ويتر پريشان ڪري ڇڏيو هو ته متان هُو هُن جي اهڙي حرڪت تي گوڙ ڪري ڪنهن کي مدد لاءِ نه پڪاري وجهي، جيڪو عمل هُن لاءِ جيئري ئي موت مثل هو، جيڪا عزت هُن ڪجهه عرصي ۾ ڪمائي هئي، جيڪي خواب هُن پنهنجي اکين ۾ پنهنجي ۽ گهر وارن لاءِ سانڍي رکيا هئا سي سڀ ڌوڙ ٿيڻ وارا هئا. نوڪري ته ويندي، پر عزت به ويندي، دوست، يار، عزيز، قريب سڀ نفرت جي نگاهه سان ڏسندا، پر .... پر ..... هُن ته صرف محبت جو اظهار ڪيو هو، ان ۾ هُن ڀلا ڪهڙو گناهه ڪيو هو جو هُو اهڙو ردعمل ڏيندي؟ هُن جي ذهن جي ڪينواس تي مختلف خيال ڊوڙون پائي رهيا هئا. پر ٻئي خاموش، پنهنجي پنهنجي ڪرسين تي ويٺا رهيا. ڪمري ۾ مڪمل سانت هئي، سامهون ديوار تي لڳل گهڙي جي سيڪنڊ ڪانٽي جي ٽڪ ٽڪ خاموشي ۾ رکي رکي لرزش پيدا ڪري رهي هئي، باقي ٻيئي وجود ڄڻ ته پنڊپهڻ ٿي ويا هئا.
اچانڪ پِرهه پنهنجي ڪرسي تان اٿي ۽ آڪاش جي ڪرسي طرف وڌي آئي، هن کي پاڻ ڏي ايندي ڏسي هُو پڻ ڪرسي تان اٿي بيهي رهيو. آڪاش ڀانئيو ته پڪ سان ڪو ڪاوڙ ڀريو ردعمل ظاهر ڪندي يا چماٽ وهائي ڪڍندي، پر هُن ذهني طور پاڻ کي تيار ڪري ڇڏيو هو ته؛”محبت جو اقرار ڪرڻ ڪو گناهه نه هو، جيڪر هُن اهو اقرار ڪري ڏوهه ڪيو آهي، ته پوءِ جيڪو به سزا ملي کيس قبول آهي.“
ويجهو اچي پِرهه آڪاش جي ٻنهي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ جهليو ۽ سندس نيڻن ۾ جهاتي پائيندي چيائين؛
”آڪاش مون کي لفظ محبت تي ويساهه ئي نه هوندو هو، پيار، پريت جون سموريون ڳالهيون دقيانوسي لڳنديون هيون، يونيورسٽي ۾ هيترا سال رهڻ باوجود ڪو اهڙو ساٿي نه ملي سگهيو هو جيڪو منهنجي من جي دروازي تي دستڪ ڏي، پيار، عشق، محبت اهي سڀ مون کي ڪتابي ڳالهيون لڳنديون هيون. مون الائي ڪيترائي جوڙا انهي پيار جي ٽياس تي ٽگجندي ڏٺا آهن، اهي ڪوڙي سماج جي منافقت جي ور چڙهندي به ڏٺا آهن، مون انهن کي ڏٺو جيڪي پهرين پيار جي پلصراط پار ڪرڻ جا وچن ڪن ٿا ۽ پوءِ ڪيئي جسمن مان حوس جي بک اجهائي ڪنهن جي ڪوري زندگي کي ناس ڪري ٿا ڇڏين، جو سندن مقصد صرف ۽ صرف خوبصورت جسمن جي حاصلات ۽ تسڪين هجي ٿو، جيڪو حاصل ٿيڻ کان پوءِ ڪيئن ٽشو پيپر وانگي جسم استعمال ڪري اڇلايا ٿا وڃن جيڪي روز اخباري چهرن جي زينت بڻجندا ٿا وڃن، پر تنهنجي ملڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته تنهنجو من ماڪ ڦڙن جهڙو اجرو ۽ ڪورو آهي، مون تنهنجي اکين ۾ سدائين محبت جون التجائون باسيون آهن، توسان ملي اهو ويساهه ٻيهر بحال ٿيو ته ڪي انسان نرمل ۽ ڪومل جذبن وارا به ٿين ٿا جيڪي زندگي جي احساس کي نيڪ نيتي سان سمجهن ٿا، جن جي اکين ۾ جنسي بک بجاءِ پيار ۽ پريت جا حسين خواب سجايل آهن.“ پِرهه آڪاش جي اکين ۾ پيار جا احساس اوتي پنهنجي ڳالهه ڪندي رهي. پنهنجي حسين چپن جي ڪنارن تي مرڪن جا گلابن پکڙيندي چيائين؛”آڪاش ..! آءِ ... لَو ... يُو .... ٽو .....“ ۽ شرمائي آڪاش جي ڇاتيءَ تي ڪنڌ لائي ٻانهن جو هار ٺاهي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ورتائين. پِرهه جي دل جي ڌڙڪو تيز ٿي ويو هو.
آڪاش سندس ڪلهن کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي ٻيهر سندس اکين ۾ ڏٺو، ته حياءَ جا سمورا عڪس وکري پيا هئا ۽ هُن شرمائي ٻيهر وڃي آڪاش جي ٻانهن ۾ پناهه ورتي، ۽ آڪاش کيس ڀاڪر ۾ ڀري پيشاني چميندي چيو؛”پِرهه تو منهنجي نامڪمل زندگي کي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، آئون پنهنجي خوشي کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان.“
آڪاش ۽ پِرهه ڪافي دير تائين محبت جي ناوَ تي چڙهي پيار جي درياءَ جو سفر ڪندا رهيا.