ناول

اڌوري عشق جو اَلميو

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“
Title Cover of book اڌوري عشق جو اَلميو

31

رات جو ماني جي ٽيبل تي آڪاش، سندس ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ ويٺل هئا. ماني کائيندي ماءُ ڳالهه شروع ڪندي پڇيائين.
”آڪاش تو تصوير ڏٺي؟ ڇوڪري ڪيڏي نه خوبصورت آهي، پڙهيل لکيل به، مائٽ به سٺا ۽ گهر وغيره بهترين آهي.“
”پر امڙ آئون هڪڙي ڳالهه توهان سان اورڻ ٿو چاهيان.“ آڪاش چانورن جي پليٽ ۾ چمچي سان چانورن جي داڻن کي ڦهلورڻ لڳو، پريشاني وچان ماني کائڻ تي ته دل ئي نه پئي چئيس.
”ها پٽ بلڪل چئو.“ ماءُ مسڪرائيندي چيو.
”امان هُو جيڪو..!“ آڪاش کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته پِرهه جي باري ۾ ڳالهه ڪٿان کان شروع ڪري.
”ها ڳالهه ڪر پٽ، پاڻ سڀ پنهنجا ئي ويٺا آهيون.“ آڪاش جي پيءُ کيس دلجاءِ ڪندي چيو.
”ها ادا جيڪا ڳالهه آهي دل کولي ٻڌاءِ، ڇوڪري پسند نه آهي ڇا؟ يا مڱڻي تي ڪو اعتراض آهي ڇا؟“ آڪاش جي ننڍي ڀيڻ کائنس ضمني سوال ڪندي چيو.
”چپ ڪر پسند ڇونه هوندي ڇوڪري، حُور جهڙي سهڻي آهي.“ ماءُ ننڍي ڀيڻ کي ڇنڊ پٽيندي چيو.
”مون ته ادا کي ڳالهه شروع ڪرڻ لاءِ مدد پئي ڪئي.“ ڀيڻ دڙڪي ملڻ تي منهن ڦٽائي ماني کائڻ ۾ لڳي ويئي.
”ڇوڪري ته سٺي آهي خوبصورت آهي پر....“ آڪاش ٻيهر ڳالهه اوريندي اڌ ۾ رڪجي ويو.
”پر ڇا پٽ؟ ڳالهه ڪر مون سان.“ امڙ آڪاش کي دل جي ڳالهه کولي ڪرڻ لاءِ چيس.
”امان آئون ڪنهن ٻيءَ ڇوڪريءَ کي پسند ڪريان ٿو، اها به مون کي پسند ڪري ٿي. اسين ٻيئي شادي ڪرڻ چاهيون ٿا.“ آڪاش دل ٻَڌي يڪ ساهي ۾ ڳالهه پوري ڪري ويو.
”هڪ جو ته مون کي به اندازو آهي جنهن جو ذڪر مون امان سان به ڪيو هو.“ ننڍي ڀيڻ مسڪرائيندي انومان لڳائيندي چيو.
آڪاش ڇرڪ پائي ننڍي ڀيڻ ڏي ڏٺو، جيڪا ماءُ ڏي نهاري مسڪرائي پوءَ آڪاش کي ڏسي مسڪرائي رهي هئي.
”تون چپ ڪر، آڪاش کي پوري ڳالهه ته ڪرڻ ڏي.“ امڙ ٻيهر ڇنڊ پٽيندي ننڍي ڀيڻ کي چپ ڪرايو جيڪا ويچاري ٻيهر خاموش ٿي ويئي.
”امان تون هُن کي ڀلي ريت سڃاڻين ٿي ۽ پسند به ڪرين ٿي مون کي يقين آهي ته تون نالو ٻڌي فوراً ها ڪنديئين.“ آڪاش اميد جي نظرن سان امڙ ڏي نهاريندي چيو.
”پٽ منهنجي لاءِ تنهنجي خوشي ۾ ئي خوشي آهي، تون نالو ٻڌاءِ ڪير آهي؟“ ماءُ کيس ڇوڪري جو نالو ٻڌائڻ لاءِ چيو.
”امان اها پِرهه آهي، جنهن سان آئون پيار ڪيان ٿو ۽ کيس پنهنجو جيون ساٿي بڻائڻ چاهيان ٿو.“ آڪاش نيٺ پنهنجي دل جي ڳالهه امڙ کي بيان ڪندي چيو.
”تون ڇا ٿو سمجهين آئون تنهنجي دل جي ڳالهه کي سمجهي نه ٿي سگهان؟ آئون تنهنجي ماءُ آهيان، آئون ته تنهنجي ۽ پِرهه جي پيار کي ڪافي وقت اڳ ئي پرکي ويئي هيس.“ آڪاش جي امڙ پنهنجي لاءِ ماني پليٽ ۾ وجهندي چيو.
”ها ادا امان صحيح ٿي چوي.“ آڪاش جي ننڍي ڀيڻ به امڙ جي ڳالهه جي تائيد ڪئي.
”مطلب؟“ آڪاش ڪجهه به سمجهي نه سگهيو ۽ حيراني جا تاثرات چهري آڻيندي چيائين.
”انهن ڏينهن ۾ جڏهن تنهنجي ڊيوٽي هتي حيدرآباد ۾ ئي هئي، ته روز توهان ٻيئي آفيس مان گڏ گهر ايندا هئا، ماني گڏ کائيندا هئا، پِرهه جو ايترو حجائتو ٿيڻ، تنهنجو پڻ هن سان گهڻو وقت گهارڻ، گڏ کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ اهو مون کي دوستي ۽ آفيس ڪليگ کان وڌ محسوس ٿيو هو.“ امڙ پنهنجي ڳالهه کي پيرائتي ڪري ٻڌائي.
”اها ڳالهه مون به محسوس ڪئي هئي ۽ امان سان ذڪر به ڪيو هو، ته ادا ۽ پِرهه هڪ ٻئي کي شايد پسند ڪن ٿا.“ آڪاش جي ننڍي ڀيڻ امڙ جي ڳالهه جي ٻيهر تائيد ڪندي چيو.
”پر توهان مون سان ته ڪڏهن پهرين اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي هئي؟“ آڪاش حيران ٿيندي چيو.
”امان سوچيو ته هُو پِرهه جي گهر وارن کان تنهنجو رشتو گهري توکي سرپرائيز ڏي پر!“ ننڍي ڀيڻ ڳالهه مڪمل ڪرڻ کان سواءِ ئي ڪٽي ڇڏي.
”پر ڇا؟“ آڪاش حيران ٿيندي پڇيو.
”مون کي پڻ پِرهه ڏاڍي پسند هئي، مون پڻ چاهيو ٿي ته هُو منهنجي گهر جي ننهن بڻجي اهو سوچي آئون پِرهه جو رشتو گهرڻ لاءِ سندس گهر ويئي هيس، پر هن جي ماءُ پنهنجي اميري ۽ زمينداري جو رعب جتائيندي الٽو منهنجي بيحرمتي ڪري موٽائي ڇڏيائين.“ امڙ مايوسي جا تاثرات چهري تي آڻيندي چيو.
ادا امان جي اها ڳالهه صحيح آهي، آئون به ساڻس گڏ وئي هئس، پِرهه جي امڙ وڏيرڪو رعب ڪندي امان کي گهٽ وڌ به ڳالهايائين ۽ چيائين ته توهان جي جرئت ڪيئن ٿي آهي جو رشتي لاءِ آيا آهيو. پنهنجي حيثيت ڏسو توهين اسان جي لائق نه آهيو. ڪٿي اسان جي شهزادي جهڙي ناز سان پليل ڌيءَ ۽ ڪٿي توهان. هُو ڪجهه ڏينهن توهان جي گهر ڇا آئي يا تنهنجي پٽ کان ڪجهه پڙهائي بابت ڇا پڇيائين توهان ته کيس پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ملڪيت تي نظر رکي ويٺا آهيو. ادا ڏاڍا ڪڙا لفظ استعمال ڪيا هئا پِرهه جي اَمڙ. امان کي روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو هئائين پر امان خاموشي سان ٻڌي واپس موٽي آئي.“ آڪاش جي ننڍي ڀيڻ اٻاڻڪي لهجي ۾ ڳالهه ٻڌائيندي چيو جنهن تي آڪاش جي امڙ جون اکيون ڀرجي آيون.
”ايترو سڀ ڪجهه ٿي ويو پوءِ توهان مون سان اها ڳالهه پهرين ڇونه ڪئي هئي.“ آڪاش حيران ٿيندي چيو.
”مون کي امان ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو هو.“ آڪاش جي ڀيڻ جواب ڏيندي چيو.
”ٻڌ آڪاش جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو هيءَ اَن منهنجي اڳيان پيو آهي، ان ڏينهن مون من ئي من ۾ قسم کنيو هو ته هن کي سندس ڌيءَ کان وڌ سهڻي ڇوڪري سان تنهنجي شادي ڪرائي ڏيکارينديس، سو آڪاش هيءَ منهنجي عزت جو سوال آهي.“ امڙ آليون اکيون صاف ڪندي چيو.
”پر امان آئون پِرهه سان پيار ڪيان ٿو، هُو به مون سان پيار ڪري ٿي، کيس دوکو ڪيئن ڏيان؟“ آڪاش امڙ کي متوجه ٿيندي چيو.
”مون کي پِرهه پنهنجي ڌيءَ جيان عزيز آهي، هُو ڏاڍي معصوم ۽ صاف دل ڇوڪري آهي مون هميشه هن کي گهر جي ڀاتي جيان جيءُ ۾ جاءِ ڏني آهي، پر جيڪر سندس امڙ ئي نه ٿي چاهي ته پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون.“ آڪاش جي امڙ آڪاش کي سمجهائيندي چيو.
”هڪ دفعو ٻيهر کيس سمجهائي سگهجي ٿو، کيس قائل ڪري سگهجي ٿو ته پِرهه جي خوشي پڻ انهي ۾ لکيل آهي ته شايد هُو راضي ٿي پئي.“ آڪاش حل ڪڍندي چيو.
”ڇا تون چاهين ٿو ته هُو ٻيهر تنهنجي ماءُ ۽ پيءَ جي بي عزتي ڪري! هڪ دفعو جيڪا هن عزت افزائي ڪئي ان مان تنهنجي دل نه ڀَراڻي آهي ڇا؟“ امڙ ڪاوڙ ڪندي چيو.
”منهنجي چوڻ جو مطلب اهو نه هو.“ آڪاش سمجهائيندي چيو.
”ادا پِرهه جي ننڍي ڀيڻ ڪجهه ڏينهن پهرين چيو پئي ته پِرهه جو رشتو هُو سندس ماسات سان پڪو ڪرڻ وارا آهن جيڪو ڊاڪٽري پڙهي پيو.“ آڪاش جي ڀيڻ آڪاش کي حقيقت ٻڌائيندي چيو.
”بس هاڻي پڪ ٿي، هُو اسان کي پنهنجي حيثيت جي برابر ئي نه ٿا سمجهن ته پوءِ ساڻس رشتيداري ڪيئن ٿي ڪري سگهجي ۽ پِرهه جي ماءُ جيڪا پنهنجي ڀيڻ جي پٽ کي رشتو ڏيڻ جو سوچي ويٺي آهي سو تنهنجي لاءِ ڀلا ڪيئن ها ڪندي.“ آڪاش جي امڙ ٻيهر ڳالهه دهرائيندي چيو.
”پر پوءِ به.“ آڪاش پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪري تنهن کان اڳ ئي آڪاش جي امڙ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو.
”آئون تنهنجي رشتي جي زبان ڏيئي چڪي آهيان، منهنجي ڳالهه ٻڌي ڇڏ، آئون ڇوڪريءَ جي مائٽن کي فون ڪري ”مڱڻي جي رسم“ لاءِ سڀاڻي شام جو وقت ٿي طئه ڪريان، سمورو سامان آئون ڪافي ڏينهن کان وٺي چڪي آهيان باقي منڊي سڀاڻي ئي مارڪيٽ مان وٺي ٿي وٺان، اهو منهنجو فيصلو آهي.“ امڙ ڪاوڙ مان فيصلو ٻڌائيندي ڊائننگ ٽيبل تان اٿندي چيو.
”پر ايترو جلدي ڪيئن ممڪن آهي؟“ آڪاش کيس روڪيندي چيو.
”آڪاش تو ها نه ڪئي ته آئون خودڪشي ڪري ڇڏينديس تون سمجهي ڇڏ.“ امڙ پنهنجو آخري فيصلو ٻڌائيندي چيو.
ماءُ جو اهڙو جملو ٻڌي آڪاش کان ساهه ڇڏائجي ويو ته هاڻي هُو ڪري ته ڇا ڪري هڪ طرف ماءَ جي ممتا ته ٻيءَ طرف محبت پر جڏهن هُن ٻنهي کي احساس جي ساهمي ۾ توري ڏٺو ته پنهنجي خوشي کان وڌ هُن کي جيجل جون خوشيون وڌيڪ عزيز لڳيون جنهن جي ڪارڻ هُن کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو جيڪو لازمي هن لاءِ ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو پر زندگي ٻين لاءِ جيئڻ جو درس ڏيئي ٿي، ان ڪري نه چاهيندي به آڪاش کي ماءُ جو فيصلو قبول ڪرڻو پيو.
آڪاش دل تي پٿر رکندي ”ها“ ڪئي.
جنهن تي امڙ ڊوڙي اچي آڪاش کي ڇاتيءَ سان لاتو ۽ خوشي مان پيشاني چُمي دعائون ڏيندي چوڻ لڳي. ”پٽ تون دل نه لاهه، تنهنجي لاءِ جيڪا ڇوڪري پسند ڪئي آهي اها تمام سٺي، ۽ سلجهيل آهي تون خوش رهندين، منهنجون دعائون هميشه تو سان گڏ آهن.“
سڀئي ڄڻا خوش ٿي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا ۽ امڙ ڇوڪريءَ وارن کي مڱڻي جي رسم جو وقت طئه ڪرڻ لاءِ فون ڪرڻ لڳي.
آڪاش پنڊپهڻ جيان پٿر بڻجيو اتي ئي بيٺو رهيو ۽ پِرهه جون سوچون لهرون بڻجي سندس من جي پڌر تي تري آيون جيڪي لڙڪ بڻجي اکين جي ڀَٽياڻي نئين مان وهڻ لڳيون. محبت ۾ سڀ سٺو پيو لڳندو آهي پر جڏهن ان محبت ۾ وڇوڙي جا واءُ ورندا آهن ۽ پيڙاءُ طوفان بڻجي دل اندر جي وستين کي اجاڙي ويندي آهي، جيڪا وستي ڪيڏي نه پيار ۽ پريت جوڙي ويئي هئي سا کن پل ۾ طوفان جي زد ۾ اچي اجڙي ٿي وڃي. جنهن جي اجاڙ سان ڪيترن ئي وجودن جا رستا ئي بدلجي ٿا وڃن، جيڪي پنهنجي اکين سان انهي اجاڙ کي ڏسندي پيڙاءُ ۾ پلجي چاهيندي به ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن، اهڙي مجبوري ۽ بي وسي انسان کان جياپي جا گس ئي کسي ٿي ڇڏي جنهن ۾ ڪوئي ساٿي سفر ۾ ساٿ نه هجي ته ڀلا اهڙي پنڌ جو ڪهڙو فائدو جنهن جي منزل جو ڪو مقصد ئي نه هجي بس بي مطلب ڏکن جي راهه تي ايئن ئي وجود ڀٽڪندو رهي.
چپن تي ڦٽل ٽٽل لفظ سڏڪا بڻجي وهي پيا. ”پِرهه مون کي معاف ڪجان، آئون تو سان وفا نه ڪري سگهيس.“