25
مختلف اسٽال گهمندي آڪاش جي نظر سامهون اسٽال تي پيل سنڌ جي بهترين ليکڪ امر جليل جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”دل جي تاريخ“ تي پيئي. هٿ وڌائي ڪتاب کڻندي پِرهه ۽ ڪريم کي چيائين ”هيءَ ڪتاب پڙهيو آهي؟“
”نه پڙهيو آهي.“ ٻنهي ناڪار ۾ جواب ڏنو.
”پوءِ ڀلا توهان ادبي ڪتابن ۾ ڇا ٿا پڙهندا وتو. امر جليل جون ته سموريون ئي لکڻيون سون آهن. پر هِن ۾ ڪهاڻيون ”اروڙ جو مست“، ”ڌرتيءَ جي ڌوڙ، آسمان جا تارا“، ”هن ڄار ۾“ صفا دل کي ڇُهڻ جهڙيون آهن ۽ حقيقت جي انتهائي ويجهو آهن، بلڪه حقيقت چئجي تڏهن به غلط نه ٿيندو.“ آڪاش ڪتاب جا ورق اٿلائيندي چيو.
”اڇا پوءِ ڪتاب آئون وٺان ٿي. هاڻي ته اهي ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ دلچسپي وڌي ويئي آهي.“ پِرهه آڪاش جي هٿ مان ڪتاب وٺندي چيو.
”سنڌ واسي اڃان الائي ڪيترن اروڙ جي مستن وٽ يرغمال آهن ۽ اهي اروڙ جا مست پنهنجي طلسماتي ڄار وسيلي عام اٻوجهه عوام کي ڦريندا ۽ لُٽيندا ٿا وتن، پر انهن جي اکين تان انڌوشواس جي چڙهيل پٽي لهي نه ٿي ۽ پنهنجو پاڻ لٽائيندا ٿا وتن.“ آڪاش پِرهه ڏي نهاريندي چيو.
”هيءُ ٻيو ڪتاب سنڌ جي بهترين ليکڪه نورالهنديٰ شاهه جو ”ڪيڏارو“ به وٺ، جنهن ۾ توکي اهڙن موضوعن تي ڪهاڻيون ملنديون جن تي بس ميڊم نورالهنديٰ شاهه ئي اهڙي شاهڪار نموني لکي سگهي ٿي.“ آڪاش ڪيڏارو ڪتاب پِرهه کي ڏيندي چيو.
”ها ميڊم جون ڪجهه ڪهاڻيون مون پڙهيون به آهن، جنهن ۾ هڪ ڪهاڻي ”پاروٿو گوشت“ به آهي، جنهن ۾ مرد جي عورت جي جسم ۾ ڇڪ صرف حوس پوري ٿيڻ تائين هجي ٿي، جيئن کيس ڪو ٻيو خوبصورت جسم مليو ته پهريون جسم کيس سڙيل، ڳڙيل ۽ پاروٿي گوشت جيان ڀاسجي ٿو. مرد جي ذهن جي عڪاسي ٿيل آهي ته کيس عورت جي سونهن ۾ سڪ صرف حاصلات تائين هجي ٿي جيڪا نه ٿي ملي ته ڀٽڪي ٿو ۽ جڏهن حاصل ٿئي ٿي ته کيس استعمال ڪري ڦٽو ٿو ڪري وجهي.“ پِرهه جذباتي ٿيندي چيو.
”پر سڀئي مرد اهڙا ناهن هوندا جيئن مون جهڙو شريف انسان.“ آڪاش پنهنجي کاڏي کي هٿ لاهيندي پِرهه ڏي نهاري مسڪرايو.
جنهن تي ٽنهي جا ٽهڪ فضا ۾ پکڙي پيا.
”يار آڪاش مونکي آغا سليم جو ”هم اوست“، علي بابا جو ”موهن جو دڙو“، رسول ميمڻ جا ”قالو بلا“ ۽ ”نجومي“، طارق عالم ابڙي جو ”رهجي ويل منظر“ ناول وٺڻا آهن ڏسون متان هتي اسٽال تي ملي وڃن. تمام گهڻو ٻڌو آهي ته اهي سڀئي شاهڪار ناول آهن.“ ڪريم آڪاش کي مخاطب ٿيندي چيو.
”بلڪل صحيح ٻڌو آهي پيارا ڪريم! تنهنجي پسند انتهائي سٺي آهي، سڀئي بهترين ليکڪ ۽ بهترين ڪتاب آهن، ملي ويندا ڏسون ٿا، ضرور پڙهجان.“ آڪاش ڪريم جي ادبي چونڊ تي ڏاڍو خوش ٿيو.
”بس تنهنجي سنگت جو اثر آهي.“ ڪريم خوشگوار لهجي ۾ جواب ڏيندي چيو.
سڀني جي چهري تي ٻيهر مرڪن جو مکڙيون ٽڙي پيون.
”سنڌ جي راڄڌاني هئڻ باوجود هڪ ٻن سنڌي ڪتابن جي اسٽالن کان سواءِ سمورن اسٽالن تي انگريزي توڙي اردو زبان جا ڪتاب رکيل آهن، جيڪو ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي.“ پِرهه افسوس جو اظهار ڪندي چيو.
”اهو اسان جي نسل جي وچ ۾ پيدا ڪيل هٿرادو منفي سوچ ۽ تفاوت جو نتيجو پڻ آهي.“ ڪريم انهي تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو.
”پر اسين ته اردو ادب شوق سان پڙهون ٿا، اسان ته ڪڏهن اهڙي سوچ ناهي رکي.“ پِرهه ڪريم جي دليل کي رد ڪندي چيو.
”اهو انهي لاءِ ته اسان هميشه محبت کي ترجيح ڏني آهي، پر انهن جو جياپو لسانيت کي هوا ڏيڻ ۾ آهي.“ ڪريم پنهنجي موقف جي حق ۾ دليل ڏيندي چيو.
”ڪجهه قدر ته ڪريم به صحيح آهي پر جيڪر اڻ ڌريو ٿي هڪ ٻيءَ راءِ ڏسون ته سنڌي ادب ۾ ڪجهه ليکڪن کي ڇڏي ڪري باقي ته بس ڪاپي، پيسٽ تي زور ڏين ٿا، سنڌي زبان ۾ عالمي ادب يا تاريخ تي ڪو جاندار ڪتاب اچي ئي نه ٿو، جيڪو پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري. سنڌي ادب ۾ ڪجهه سٺن ليکڪن کي ڇڏي جيڪي پاڻ عالمي ادب کي مطالعو ڪري لکن ٿا، باقي ته سڀني جو زور شاعري تي آهي، اهو به ساڳيا قافيا ساڳيا رديف، ساڳيا گهاڙيٽا، اهي ئي زلف، اهي ئي نيڻ. ڪجهه نئون سرججي ته پڙهندڙ به موٽ ڏي.“ پِرهه ڪريم جي ڳالهه تي ڪو ردعمل ڏي تنهن کان اڳ آڪاش پنهنجي ڳالهه رکندي چيو.
”ها...ها..مطلب مرشد جون ايليا چواڻي ته جن کي پڙهڻ کپي، اهي لکن پيا.“ ڪريم به آڪاش جي ڳالهه کي وزن ڏيندي کلندي چيو.
”چوين سچ ٿو، اڄ ڪلهه جي ليکڪن جو مطالعو تمام گهٽ آهي، بس رڳو زور لفاظي تي آهي، تحرير جي نه اڳاڙي نه پڇاڙي، بس زبردستي پاڻ کي ليکڪ سڏائڻو آهي ته سڏائڻو آهي.“ آڪاش ٻيهر پنهنجي ڳالهه کي وڌائيندي چيو.
”خير ايئن به ڪونهي، سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي بهترين ليکڪن جو خدمتون نثر ۾ ڪنهن کان ڳجهيون ناهن ته وري شاعري ۾ پڻ ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري پڻ ڪنهن اردو جي شاعر کان گهٽ ناهي ته وري نوجوان پيڙهي ۾ به نوجوان ليکڪ، شاعر بهترين نظم توڙي نثر سرجين پيا.“ پِرهه جذباتي ٿيندي چيو.
”بلڪل انهي ڳالهه کان ڪنهن کي انڪار ناهي.“ ڪريم پِرهه جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي چيو.
”سنڌي ادب ۽ ليکڪن توڙي شاعرن بابت وڏي ڄاڻ آهي توکي.“ آڪاش حيرت مان پِرهه ڏي نهاريندي چيو.
”مهرباني جانان! ڪڏهن تڪبر ناهي ڪيو.“ پِرهه مسڪرائيندي پنهنجي ڪرتي جي ڪالر کي ساڄي هٿ سان ڇڪيندي چيو.
پِرهه جي اهڙي جواب تي آڪاش، ڪريم ۽ پِرهه پاڻ کل ۾ ٻڏي پيا.