7
ميڊيا تي ٿر جي ڏڪار جو ئي موضوع ڇانيل هو، جنهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا جا صحافي ٿر ڏي رخ ڪري رهيا هئا. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي صحافين ٿر وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو ته آڪاش به سوچيو ته ڇو نه هُو به اداري کان اجازت وٺي ساڻس گڏ وڃي مسئلي کي اجاگر ڪري نيوز اسٽوري ٺاهي اچي! اهو پروگرام ٺاهي ٻي ڏينهن آڪاش ۽ باقي صحافي دوست به سڀ ٿر ڏي نڪتا.
ٿر جنهن جو تعارف لوئي ۽ لڄ جي رکوالي، ڀٽائيءَ سرڪار جي سورميءَ مارئي سان ٿيندو هو، پارڪر جي ان بهادر جوڌي روپلي ڪولهي جي انگريز سامراج اڳيان دليري سان وڙهندي قرباني سان ٿيندو هو، ڪارونجهر جي ان اڏول ڪردار مسڪين جهان خان کوسي جي سماجي خدمتن سان ٿيندو هو، موهن ڀڳت جي مٺڙي آواز ۾ ڳايل لطيف جي وائين جي واهه واهه سان ٿيندو هو، ٿر جي ٻاٻيهي صادق فقير جي ذڪر سان ٿيندو هو، پر اڄ ٿر جي ذڪر تي هر ڪنهن جي وات ۾ صرف بک، بدحالي، بيماري، مفلسي، ڏڪار ۽ بي حسي جي وائي هُئي. جيڪو ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ واري لاءِ تڪليف جو باعث هو.
بئراجي علائقا پار ڪري گاڏي جڏهن ٿر جي ڀٽن جي ور وڪڙ وارن پيچرن ۾ داخل ٿي ته رستي جي ٻنهي طرف بک، اڃ ۽ بيمارين جي ڪري مري ويل جانورن جا هڏاوان پڃرا پکڙيا پيا هئا، جيڪي وقت جي بي حسيءَ جو هڪ ڀيانڪ منظر پيش ڪري رهيا هئا، ۽ هر ايندڙ ويندڙ گذرندڙ جي دل تي تڪليف جا ڦٽ اڀاري رهيا هئا. برسات نه پوڻ ڪري ساوڪ يا گاهه جو نالو نشان ئي نه هو، ڳوٺ جي کوهن جو پاڻي هيٺ هليو ويو هو ٿورو گهڻو پاڻي مليو به ٿي ته اهو انسان ته پري رهيو جانورن جي پيئڻ لائق به نه هو، پر الله سائين جي بدنصيب مخلوق اهو زهريلو پاڻي پي پنهنجي هٿن سان خودڪشي طرف وڃي رهي هئي جو وٽس اهو زهر پيئڻ کان سواءِ ٻيو ڪو حل به ته نه هو. ٻنيون ٻارا آباد نه ٿيڻ، گاهه ۽ پاڻي نه هئڻ ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿي ويا هئا، ڪيترائي مارو ماڻهو پنهنجا اجها ڇڏي مال ڪاهي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري چڪا هئا. مارو ماڻهو لٿل چهرن ۽ اٻاڻڪين اکين سان اڀ ڏي نهاري وينتي ڪري رهيا هئا ته من ڪا مالڪ کي مهر پوي ۽ هي ڏک ڏولاوا لهي پون.
واري جي وڏين ڀٽن، سُڪل اڪن ۽ ساين ڪنڊين جي گهيري ۾ آيل ڳوٺ جي چونئري مٿان سِج جڏهن پنهنجا آخري ڪرڻا ڳوٺ جي ڀِٽ تان واري سانجهيءَ جو سَڏ ڏيئي رهيو هو، رستن تان ٻارن جا آواز، ٻڪرين جو هُل، واٽهڙوئن جي هل چل هئي، انهي ويل انهن جي گاڏي زوزاٽ ڪندي اچي ڳوٺ جي بس اسٽاپ وٽ پهتي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي صحافين سان آڪاش به شامل هو ۽ هڪڙو اتان جو مقامي ڳوٺاڻو پڻ هو، جنهن کي انهن ٿر جي شهر مٺيءَ مان گڏ کنيو هو، جيڪو صحافين کي ڳوٺ جي ڏڪاري صورتحال ٻڌائڻ لاءِ گڏ آيو هو، سي گاڏي مان هيٺ لٿا.
ٿر جي اڙانگن پيچرن ۽ ڊگهي مسافت سڀني کي ٿڪائي وڌو هو، جنهن ڪري گاڏي مان لهندي ئي اسٽاپ تي ٺهيل جهوپڙا هوٽل تي پيل کٽن تي ٿڪ ڀڃڻ خاطر سڀ ليٽي پيا. ڳوٺ جي جهوپڙا هوٽل جتي چار پنج ڇڳل ٽٽل کٽون، هڪ ٽن پاون واري بئنچ جيڪا چوٿين پاوي جي جاءِ تي پٿرن جي مدد سان رکيل هئي. اڌڙوٽ چاچو سرن سان ٺهيل چُلهه تي چڙهيل چانهه جي هنڊي ۾ کنڊ پتي وجهي رهيو هو، ۽ رکي رکي ڪاٺين کي چمٽي سان ٺاهي لوهه جي پائيپ سان ڦوڪون ڏيئي باهه کي تيز ڪري رهيو هو. چُلهه جي مٿان ڪاٺ جي پٽي جيڪا لوهه جي تندن ۾ ٻڌل هئي، جنهن ۾ ٻه، ٽي سائي، ڳاڙهي رنگ جون لوهه جو ڪٽليون ٽنگيل هُيون۽ پاسي ۾ رکيل برتن ۾ ڪوپ پيل هُيا. هوٽل تي آيل ماڻهن کي ڏسندي ئي ڇوڪري ڏي اشارو ڪندي چيائين ”ابا مسافرن کي پاڻي جو جڳ ڀري ڏي“ سندس چوڻ تي ڏهن ٻارنهن سالن جي ڇوڪري پاڻي جو جڳ ۽ گلاس کڻي اچي انهن اڳيان رکيو.
”ابا جيءُ ڪري آيا، ڀلين آيا .... ابا چانهه پيئندا؟“ اڌڙوٽ گهاٽن ڀروئرن مٿان هٿ رکندي آس ڀرين نگاهن سان کين مخاطب ٿيندي چيو.
”جيءُ چاچا...!! بلڪل ڪا سريلي چانهه پيار.“ هڪڙي سينيئر صحافي اڌڙوٽ جون اکيون پڙهندي چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيو.
”جيءُ ابا! ڏڪار جي ڪري مال صفا اَڀرو ٿي ويو آهي، کير به مشڪل سان ٿو ملي، پر چانهه سُٺي ملندي اوهان کي.“ چاچو ورندي ڏيندي چلهي جي ڪاٺين کي ٺاهيندي چانهه ٺاهڻ ۾ لڳي ويو.
ڀٽن جي پيالي ۾ سئو، سوا سئو گهرن تي مشتمل ڳوٺ، جنهن جي هڪ گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ساوتري ڀيلڻ هڪ اونهي سوچ ۾ گُم هئي، سندس شادي کي ڪي ڇهه مهينا به نه گذريا هئا، سندس هٿن تي شادي جي مهندي جا عڪس اڃان تائين ڌنڌلا به نه ٿيا هئا، ته هيءَ قهري ڏڪار سندي خوشين ڀري زندگي ۾ ڪنهن پهاڄ جيان هانءُ ڏاريندڙ ڏک ۽ تڪليفون کڻي پهتو هو.هي ڏڪار ڪو ساوتريءَ ڀيلڻ لاءِ نئون نه هو، هيءَ تڪليفون ۽ پريشانيون پنهنجي مائٽن ۾ به ڏسندي پئي آئي هئي، پر هُن سوچيو هو ته شايد شادي کان پوءِ گهر بدلجڻ کان پوءِ ڀاڳ به بدلجندو ..! پر هُن اڀاڳي اهو ڪٿي ٿي ڄاتو ته تقدير جو ليڪو رشتن جي نوَن پيچرن تي هلڻ کان پوءِ به چٽو رهي ٿو، جيڪو مُئي پڄاڻان ئي مٽجي سگهي ٿو.
انهي ڳوٺ جي ٻئي گهر ۾ گونگھٽ سان مُک لڪائي ويٺل گينيءَ کي پنهنجو ننڍڙو پوٽو ڀورو ياد آيو، جيڪو ڪجهه وقت اڳ ئي مٺي اسپتال نيو ويو هيو، ڇاڪاڻ ته هو ڄمڻ وقت ئي غذائي کوٽ جي ڪري ڪمزور هيو. سِڪي پني مرشد جي دعا سان پنج پوٽين تان هڪڙو پوٽو ڄائو هو، اهو به ڏڪار جي قهر جو شڪار ٿي ويو هو، لڙڪ اڌما ڏئي وهي آيا.
چونئري جي آڳنڌ کي ٻهاري ڏيندي پارو منجهيل ۽ اداس هئي،جو سندس مڙس اڄ ئي چيو هو ته ”ٿر ۾ بک ويهڻ نه ٿي ڏئي اجها ڇڏڻا ئي پوندا، پر بئراجي علائقي ڏانهن سفر ۾ ته ڏهه ڏينهن لڳندا، رستي ۾ ڏوڪري جو ڇا ٿيندو؟.“هُن چنري جي پلئه سان پنهنجي بي اختيار وهي آيل ڳوڙهن کي اگهندي پنهنجي منهن سوچيو.
انهي ڳوٺ جي هڪڙي اداس گهر جي اڱڻ ۾ کٽ تي هڪڙو جهونو اڀ ڏي نهاري گهري سوچ ويچار ۾ گم هو ته هو ٻج لاءِ کنيل قرض واري رقم ڪيئن ادا ڪندو؟، جو ڏڪار سبب فصل ته گهوريو پر ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پئسا ڪونه هئا، پر ان جو احساس انهن قرض ڏيڻ وارن ادارن کي ڪٿي هو، هُو ته پئسه وٺڻ لاءِ گهر جي چانئٺ به اورانگهي ٿا اچن، اهو ويچار ايندي ئي هُن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪندا اڇي سونهاريءَ ۾ جذب ٿي ويا.
اهڙي ئي درد ڪهاڻي انهي ڳوٺ جي ميران جي به هئي، جيڪا هر هر پنهنجي هٿ جي لڪيرن کي نهاري قسمت تي ويچاري رهي هئي، هن جو بابا گذريل چئن سالن کان چئي رهيو هو ته هيل سال وسڪاري جي فصل کان پوءِ سندس هٿ پيلا ڪندو، پر هيل به ڏڪار جي راڪاس سندس هٿن مان خوشين جي لڪير ئي کسي ڇڏي هئي.
ٿر جي اڪثر ڳوٺن جي هر ٻئي گهر جون اهڙيون ڪيتريون ئي درد ڪهاڻيون هيون، جيڪي پوءِ ڪڏهن ڳوٺ جي وڻ ۾ ڦنڌو کاڌل بي جان وجود جي صورت ۾ ظاهر ٿيون ته ڪڏهن پيٽ جي دوزخ کان تنگ عورت طرفان ٻارن سميت کوهه ۾ ٽپو ڏيئي زندگي جو ڏيئو اجهائيندي ظاهر ٿيون، جيڪي هڪ باشعور معاشري لاءِ سواليه نشان آهن.
اهڙيون ڪيتريون ئي درد ڪهاڻيون رپورٽ ۽ رڪارڊ ڪري آڪاش صحافي دوستن سان گڏ واپس وريو.