ناول

اڌوري عشق جو اَلميو

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“
Title Cover of book اڌوري عشق جو اَلميو

34

ٻيءَ پاسي پِرهه آپريشن ٿيٽر ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهي هئي. او.ٽي جي گيٽ تي سندس ڀيڻ ڪينجهر پريشان حال ۾ بيٺي هئي. پِرهه کي اسپتال پهچائڻ بعد پوليس سندس پرس مان مليل ڊرائيونگ لائسنس تي ايمرجنسي ۾ رابطي لاءِ ڏنل ڪينجهر جي نمبر تي ڪال ڪري ايڪسيڊنٽ جو ٻڌايو جيڪا انهن ڏينهن ۾ يونيورسٽي جي موڪلن جي ڪري ڪراچي ۾ ڀيڻ وٽ آيل هئي، سا جلدي ئي اسپتال پهچي ويئي هئي. پِرهه جو والد بزنس جي ڪري اسلام آباد ويل هو، جنهن کي ڪينجهر واقعي بابت ٻڌايو ته هُن فوراً ئي سڀ ميٽنگون اڌ ۾ ڇڏيون ۽ ڪراچي پهچڻ لاءِ ايئرپورٽ لاءِ نڪتو ۽ امڙ ڳوٺ هئڻ سبب ويڪ سگنل ڪري ڪينجهر جو ماءُ سان رابطو نه ٿي سگهيو پر هُن پنهنجي رشتيدار کي پيغام ڏنو ته امڙ کي چئي ته جلدئي ساڻس رابطو ڪري. ماءُ ۽ پيءُ ٻيئي هتي حاضر نه هئڻ ڪري هُن فوري مدد لاءِ آڪاش جو نمبر ملايو پر موبائل بند هئڻ ڪري ان سان به رابطو نه ٿيڻ بعد روئندي نير وهائيندي اڪيلي ئي ڀيڻ جي ساهتا لاءِ اسپتال پهتي جيڪا رت گهڻو وهي وڃڻ جي ڪري آپريشن ٿيٽر ۾ هئي. ڪريم به اسپتال پهچي ڪينجهر سان رابطو ڪيو جنهن کيس سموري ماجرا بيان ڪئي.
والد ۽ امڙ پڻ اطلاع ملندي ئي فوراً ڪراچي اسپتال پهتا هئا، سڀئي ڄڻا آپريشن ٿيٽر ٻاهران انتظار ڪري رهيا هئا ته جيئن ڊاڪٽر ٻاهر نڪري ته ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪري پِرهه بابت پڇي سگهن.
ڪيترن ئي ڪلاڪن جي آپريشن بعد ڊاڪٽر ٻاهر نڪتو ته سڀئي ڊوڙي کائنس معلومات وٺڻ لاءِ هڪ ئي وقت سوال ڪرڻ لڳا جنهن تي ڊاڪٽر کين وڏي آواز ۾ هڪ ئي وقت سڀني کي ڳالهائڻ کان منع ڪندي چيو ته ”پليز گوڙ نه ڪريو ۽ هن وقت صرف توهان کي اهو ئي چئي سگهان ٿو ته اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي آهي، پر دماغي ڌڪ لڳڻ سبب رت گهڻو وهي چڪو آهي تنهن ڪري دوا سان گڏ دعائن جي ضرورت آهي.“
”پر ڊاڪٽر صاحب اهو ته ٻڌايو آپريشن ڪيئن رهيو ۽ هاڻي طبيعت ڪيئن آهي“ پِرهه جي امڙ لڙڪ لاڙيندي ڊاڪٽر کان سوال ڪيو.
”اسان پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي آهي، پر چند ڪلاڪ اڃان اهم آهن، هن وقت ڪابه حتمي راءِ نه ٿي ڏيئي سگهجي باقي مالڪ سڻائي ڪندو.“ ڊاڪٽر جواب ڏيندي چيو.
”ڊاڪٽر صاحب اسان پِرهه سان ملي سگهون ٿا؟“ پِرهه جي والد وياڪلتا مان ڊاڪٽر کي مخاطب ٿيندي چيو.
”جي نه! اڃان تائين کيس هوش نه آيو آهي، ان ڪري ته چوان پيو ته ايندڙ چند ڪلاڪ اهم آهن، اسين کيس ”انتهائي نگهداشت“ وارڊ ۾ منتقل ڪري رهيا آهيون“ ڊاڪٽر جواب ڏيندي اڳتي وڌي ويو.
اهڙو جواب ٻڌي ڪاريڊور ۾ مڪمل خاموشي ڇائنجي ويئي، چارئي ئي ڄڻا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خاموشي جا بت بڻيا پيا هئا، مسلسل خاموشي جي بيٺل پاڻي ۾ لفظن جون لهرون پيدا ڪندي پِرهه جي والد گهرواري جي ڪلهي تي هٿ رکندي آٿت ڏيندي چيو.
”تون پريشان نه ٿي، مالڪ سڀ سڻائي ڪندو ۽ پِرهه جلد ئي صحتياب ٿي ويندي؟“
”مون کي خبر آهي، توهان مون کي ڪوڙو دلاسو پيا ڏيو، منهنجي ڌيءُ جي طبيعت انتهائي خراب آهي.“ پِرهه جي امڙ پنهنجي ڪلهي تي رکيل مڙس جي هٿ تي هٿ ڏيندي روئندي چيو. ٻي لمحي ننڍي ڌيءُ ڪينجهر کان سوال ڪندي پڇيائين ته، ”ايڪسيڊنٽ ڪيئن ۽ ڪٿي ٿيو؟“
”اَمي آپي انسٽيٽيوٽ تان واپس پئي آئي يوٽرن وٺندي شايد سندس نگاهه موبائل يا ٻي طرف هئي، جنهن سبب گاڏي ڪنٽرول نه ڪري سگهي هوندي ۽ سامهون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪراجي پيئي.“ ڪينجهر ٿڪل لهجي سان انومان لڳائيندي چيو.
”ڊرائيونگ ڪندي ڪڏهن موبائل استعمال ڪبو آهي، آئون ته گهڻو ئي چوندي هيس پر منهنجي ٻڌي ڪير ٿو؟“ پِرهه جي امڙ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سڏڪندي رهي.
”جيڪو ٿيڻو هو، سو ٿي ويو. ڀلا هاڻي ان تي ڳالهائڻ مان ڇا ورندو؟ اصل ڪارڻ ڪهڙو آهي اهو ته پِرهه جي هوش ۾ اچڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي، هيئنر ته صرف انومان ئي لڳائي سگهجي ٿو.“ پِرهه جي والد سڀني کي حوصلو ڏيندي چيو.
”بس ايئن ئي ته دماغ خراب ڪيو توهان پِرهه جو، اهو نظر نه رکڻ، دڙڪو نه ڏيڻ جو ئي نتيجو آهي.“ امڙ ٻيهر ڪاوڙ مان جواب ڏيندي چيو.
”آهستي ڳالهاءِ اسپتال آهي، آواز ٻاهر ٿو وڃي ماڻهو ڀلا ڇا چوندا؟ آرام رک، ڌيرج رک سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. هينئر مون کي صرف پِرهه جي صحت ۽ زندگي جي فڪر آهي، باقي سڀ ڳالهيون پوءِ ڪنداسين.“ پِرهه جي والد، پنهنجي زال کي سمجهائيندي چيو.
اتي بيٺل ڪريم ڏانهن ڪُرڙي اک سان نهاريندي پِرهه جي امڙ ڪينجهر کان پڇيو؛”هيءُ ڪير آهي؟“
ڪريم جواب ڏئي، تنهن کان اڳ ئي ڪينجهر جواب ڏيندي چيو؛ ”اَمي هيءَ انسٽيٽيوٽ تي پِرهه سان گڏ پڙهندو آهي، بابا جي اسلام آباد ۽ توهان جي ڳوٺ هجڻ جي ڪري آئون اڪيلي پئجي ويئي هيس تنهن ڪري هِن کي مدد لاءِ گهرايو.“
”سٺو ڪيو ٻچا.“ پِرهه جي والد ڪينجهر ڏي نهاريندي چيو.
”مهرباني پٽ، تو مشڪل وقت ۾ منهنجي ڌيئرن جي مدد ڪئي، آئون تنهنجو شڪر گذار آهيان.“ پِرهه جي پيءُ ڪريم جو شڪريو ادا ڪندي چيو.
”نه چاچا ان ۾ مهرباني جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اهو ته منهنجو فرض هو جيڪو مون نڀايو.“ ڪريم جواب ڏيندي چيو.
ڪاريڊور ۾ ٻيهر خاموشي ڇائنجي ويئي، بس ڪنهن ڪنهن مهل نرس جي اچڻ وڃڻ جي قدمن جي آهٽ تي ماحول ۾ لرزش پيدا ٿي ٿي باقي ڪير ڪجهه به نه ڪُڇي رهيو هو، سڀئي پِرهه جي هوش ۾ اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا.
ڪافي وقت تائين سوچڻ باوجود ڪريم انهي نتيجي تي نه پهچي سگهيو هو ته هوُ آڪاش کي سموري صورتحال بابت ٻڌائي يا نه! ”هاڻي ڪافي وقت ٿي چڪو آهي ۽ منڱڻي جون رسمون به تقريباً ختم ٿي چڪيون هونديون تنهن ڪري هاڻي ٻڌائڻ ضروري آهي.“ گهڻي دير تائين سوچن جي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو ته ”ڪجهه به هجي پر آڪاش کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪرڻ کپي، جو الله سائين نه ڪري پِرهه کي ڪجهه ٿي پيو! ۽ مون وقت سر نه ٻڌايو ته اهو آڪاش سان ناانصافي ٿيندي ۽ آئون پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن معاف نه ڪري سگهندس.“ اڃان ڪريم انهن سوچن ۾ ئي گم هو ته سندس موبائل فون جي رنگ وڳي، هن پاڻ سنڀاليندي موبائل طرف ڏٺو ته آڪاش ئي هو جيڪو کيس فون ڪري رهيو هو.
ڪاريڊور مان ٻاهر نڪري ڪريم فون اٽينڊ ڪري آڪاش کي پِرهه جي ٿيل ايڪسيڊنٽ، آپريشن ۽ طبيعت بابت تفصيلي ٻڌايو ته ”ڊاڪٽرن پِرهه جو آپريشن ڪيو آهي ۽ هاڻي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ منتقل ڪن ٿا بس هوش ۾ اچڻ جو انتظار آهي. تون ڀلين رليڪس ٿي مڱڻي جون رسمون مڪمل ڪر، آئون تو کي وقت به وقت تفصيل کان آگاهه ڪندو رهندس.“
ڪريم جون ڳالهيون ٻڌي آڪاش کان هوش ئي ڇڏائجي ويو ۽ اهو نتيجو ڪڍيائين ته ”آپريشن به ٿيو آهي ۽ اڃان تائين هوش ۾ به نه آئي آهي مطلب حالت ڳڻتي جوڳي آهي.“ ٻي لمحي سڏڪندي چيائين ”ڪريم پليز مون کي صحيح صحيح ٻڌائي ته پِرهه جي حالت ڪيئن آهي؟ پليز مون کي سچ ٻڌاءِ، ڪجهه به نه لڪاءِ!“
”آڪاش جيڪا صورتحال هن وقت آهي، اها ئي تو کي بيان ڪئي آهي، انهي ۾ ڪابه ڳالهه پوشيده نه آهي، يقين رک“ ڪريم آڪاش کي تسلي ڏيندي چيائين.
”آئون به هينئر ئي نڪران ٿو، پهچڻ جي ڪيان ٿو، ڪريم پِرهه کي ڪجهه ٿي پيو ته آئون پاڻ کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس“ آڪاش، ڪريم کي روئندي جواب ڏيندي چيو.
”تون اتي ئي رهه اڃان مڱڻي جون رسمون ....!“ ڪريم آڪاش کي اتي ئي رهڻ جو چئي رهيو هو ته آڪاش فوراً سندس ڳالهه ڪٽيندي چيائين ”اهي مڪمل ٿي چڪيون آهن، آئون نڪران پيو تون مون کي پل پل جي خبر ڏيندو رهه، آئون جلد ئي پهچان ٿو“ آڪاش، ڪريم کي تاڪيد ڪندي چيو.
”ٺيڪ آهي، جيئن تو کي مناسب لڳي“ ڪريم جواب ڏيندي چيو.
آڪاش انهي وقت ٽئڪسي ڪري ڪراچي روانو ٿي ويو.