ناول

اڌوري عشق جو اَلميو

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“
Title Cover of book اڌوري عشق جو اَلميو

27

آڪاش اڳتي ئي وڌي رهيو هو ته سندس نظر وڃي علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي مزار جي ڀر ۾ بيٺل ان جهوني سرنهن جي وڻ تي پيئي، جنهن جي سامهون ٺهيل ٿلهي تي آڪاش ۽ پِرهه گڏجي ويهندا هئا. يونيورسٽيءَ جي وقت جڏهن آڪاش پِرهه سان ملڻ يونيورسٽيءَ ايندو هو ته انهي سرنهن جي وڻ جي سامهون ٺهيل ٿلهي تي ويهي دل جون ڳالهيون ڪنداهئا. سموري يونيورسٽيءَ ۾ ڪافي گهاٽا وڻ بيٺل هئا، جيڪي هِتان جي انتظاميه جي ماحول دوستي جو ثبوت هئا. اڄوڪي ماحولياتي گدلاڻ واري ماحول ۾ ته ضروري ٿي پيو آهي ته وڌ کان وڌ وڻ پوکيون ۽ پنهنجي ماحول کي محفوظ ڪيون.
جهوني سرنهن جي وڻ تي نظر پوندي ئي ماضي جا ڪيئي منظر اکين آڏو تري آيا، ڪيئي حسترن جا آشيانه جڙي پيا. ويجهو پهتو ته هُن محسوس ڪيو ته اهو وڻ پيار ۽ محبت مان ٻانهون ڦهلائي کيس سڏي رهيو هو، جو ڪنهن وقت پِرهه جي دير سان اچڻ وقت غيرحاضري ۾ انهي وڻ سان آڪاش ڪيتريون ئي دل جون ڳالهيون سَليون هيون، هُو سندس پيار جو ساکي هو.
هُن نظر ڦيرائي ڪجهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، ڏٺائين ته اڃان تائين ٻنهي جو نالو محفوظ هو جيڪو پِرهه پنهنجي هيئر پن سان انهي جهوني سرنهن جي وڻ جي ٿُڙ تي ويلنٽائين جي ڏهاڙي تي لکيو هو.
هن جي ذهن جي ڪينواس تي ماضي جا ڌنڌلا عڪس تري آيا کيس ياد آيو ته هُو انهي سرنهن جي وڻ جي ڇانوءَ ۾ ئي ويٺو هو ته ڪجهه دير ۾ پِرهه اچي پاسي ۾ ويٺي.
”خبر اٿئي ته اڄ ڪهڙو ڏهاڙو آهي؟“ پِرهه کائنس سوال ڪندي پڇيو.
هُن خبر هئڻ باوجود اڻ ڄاڻائي مان چيو؛”هفتي جي ڏينهن مان ئي ڪو ڏينهن هوندو.“
”اوئي منهنجا مٺڙا! اڄ ويلنٽائين ڊي يعني عاشقن جو عالمي ڏينهن آهي، جنهن تي پيار ڪندڙ جوڙا هڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ جو وچن ڪندا آهن گڏ رهڻ، ساٿ نڀائڻ جا وعدا ڪندا آهن.“ پِرهه پيار مان ويلنٽائين ڊي تي ليڪچر ڏيندي چيائين.
”جانان پنهنجو ته هر ڏينهن ويلنٽائين ڊي آهي، ڀلا هڪڙي ئي ڏينهن کي ڇو ملهايون؟“ آڪاش سندس نازڪ هٿڙن کي پنهنجي هٿن ۾ پڪڙيندي چيو.
”ها اهو ته آهي، پر مون کي عاشقن جي عالمي ڏهاڙي ۾ شامل ٿيڻو آهي نه جانُو!“ پِرهه ٻارن وانگي ضد ڪندي چيو.
هُن محسوس ڪيو ته هُو ٻارن وانگي ضد ڪندي جڏهن چهري تي تاثرات آڻي رهي هئي، ته حسن سان گڏ سندس شخصيت اڃان وڌيڪ نکري پيئي هئي. اکين ۽ نَڪ کي مروڙي هن ٻارن جيان ليلايو هو، ته هن تي حياءَ جا سمورا رنگ نکري پيا هئا. معصوم ٻار جيان سندس من ۽ احساس هُن کي ماڪ ڦڙن جيان شفاف لڳا هئا.
”ها ٺيڪ آهي جانان، پر پاڻ هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي نفرت سرعام ڪري سگهجي ٿي پر پيار تي پهرا لڳل رهندا آهن. اسان چاهيندي به ايئن نه ٿا ڪري سگهون.“ آڪاش کيس ٻاراڻي ضد تي سمجهائيندي چيو.
”ٺيڪ آهي سڀ جي سامهون نه ئي سهي، پر شام جو پاڻ پنهنجي طور تي ته ويلنٽائين ڊي ملهائي سگهون ٿا ٻڌاءِ ايئن ته سهي آهي نه!“ پِرهه پنهنجي ڳالهه تان نه لهندي نيٺ نئون پلان جوڙي ورتو.
”ٺيڪ آهي جيڪا تنهنجي مرضي.“ آڪاش به سندس خواهش کي تسليم ڪندي چيو.
ڪجهه گهڙيون ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ وري الائي ڇا ذهن ۾ آيس جو وارن مان ”هيئر پِن“ ڪڍي سرنهن جي وڻ جي ٿڙ تي ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
”ڇا ٿيو جانُو؟ اهو ڇا ٿي ڪرين؟“ آڪاش سندس اهڙي عمل تي معلوم ڪرڻ چاهيو.
”ٺيڪ آهي جاني، پاڻ ويلنٽائين ڊي ملهائي نٿا سگهون پر انهي ڏهاڙي تي پنهنجا نالا انهي وڻ تي لکي پنهنجي پيار کي اَمر ته ڪري سگهون ٿا.“ پِرهه پنهنجو منطق بيان ڪندي چيو.
”عجيب سوچ آهي تنهنجي، واقعي پاڳل آهين صفا.“ آڪاش سندس ڪلهي تي پيار مان هلڪي ٿڦڪي هڻندي چيو.
”جهڙي ئي آهيان بس تنهنجي ئي آهيان، آئون چاهيان ٿي ته هر جڳهه هر هنڌ بس پاڻ ٻيئي ئي هجون. تنهنجو نانءُ هر هنڌ مون سان ئي جڙيل رهي.“ پِرهه پيار ڀري نگاهن سان آڪاش جي اکين ۾ نهاريندي چيو.
سندس نگاهن ۾ پيار جا دل ڪش منظر هئا، معصوم التجا هئي، هڪ تڙپ هئي، هُن محسوس ڪيو ته هُو پنهنجي پيار جي لاءِ ڪيتري نه سنجيده هئي. هونئن به عورت هميشه پيار جي پنڌ ۾ مخلص رهي آهي، جنهن کي به هُن دل سان چاهيو آهي ته ان لاءِ پنهنجو جيءُ جان قربان ڪري ڇڏيو آهي. پيار جي پلصراط تي هلندي عورت ڪڏهن به پوئتي هٽڻ جو نه سوچيو آهي. سُهڻي جو ئي مثال وٺي ڏسجي، پنهنجي ميهار سان ملڻ جي سِڪ ۽ تڙپ اهڙي ته هئس جو ڪچي گهڙي جي به کيس خبر نه پيئي تان جو حياتيءَ قربان ڪيائين پر بي وفائي جو داغ نه کنيائين.
”اوڪي جانان تنهنجو هر فيصلو سر اکين تي.“ آڪاش سندس راءِ کي مان ڏيندي چيو.
”ٿينڪ يُو اينڊ لَوَ يو جانو.“ پِرهه معصوم انداز سان نڪ ۾ سَرَ وجهندي ۽ زبان چپن جي وچ ۾ آڻيندي ڪنڌ گهمائيندي چيو.
آڪاش ماضي جي جهروڪن مان نڪري ڪافي وقت پڄاڻان وڻ تي اُڪريل نالن تي هٿ رکي محسوس ڪيو ته پِرهه جي ڪومل هٿڙن جو احساس ۽ سندس پيار اڀري آيو هو ۽ مرڪن جون ڦلڙيون سندس چهري تي جهومڻ لڳيون هيون.
”ڇا ٿيو سائين؟“ ڪئمرامين جي آواز تي آڪاش مڙي نهاريو ۽ چپن ۾ مرڪ کي ويڙهي ڇڏيائين.
”ڇا ٿيو سائين؟“ ڪئمرامين آڪاش کي ائين مرڪندو ڏسي پڇيو.
”ڪجهه به نه، بس هلو.“ آڪاش ڪئمرامين ساڻ ڪري اسپيشل اسائنمينٽ جي اسٽوري لاءِ وي. سي جو انٽرويو ڪرڻ لاءِ سندس آفيس ڏي لنگهي ويو.