36
آڪاش اهڙو منظر ڏسي سمجهي ويو ته پِرهه کيس اڪيلو ڇڏي هلي ويئي آهي، بغير ڪجهه ڪُڇڻ جي هُن ڪريم ڏانهن ڏٺو جنهن اداس اکين جا ڇپر واري حال اوريو ته هُو دهلجي پيو ته هي سڀ ڇا ٿي پيو هينئر ڪجهه وقت پهرين ته ڪريم چيو هو ته آپريشن ٿي ويو آهي بس هوش ۾ اچڻ جو انتظار آهي، پوءِ اچانڪ هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو؟ هي اهڙو سوال هو جنهن جو ڪوئي جواب نه هو. هُو وڌي وڃي اڃان ڪجهه پڇي ها ته ايتري ۾ اسپتال اسٽاف اسٽريچر تي پِرهه جو بي جان بت کڻي ايمبولنس تائين پهچائڻ لاءِ ٻاهر نڪتو.
آڪاش جي سامهون سندس محبت جي دنيا ايئن اجڙي ويئي هئي، جنهن لاءِ هُو چاهيندي به ڪجهه نه ڪري سگهيو، هُو هڪڙو جرئت وارو قدم کڻي ها ته پنهنجي پيار کي بچائي پئي سگهيو پر ماءُ جي محبت ۽ سندس ضد جي ڪري هُو پنهنجي حياتي جي حسين پلن جي ساٿي کي وڃائي ويٺو هو. هن جو ضمير هن کي ملامت ڪرڻ لڳو ته هُن هر مشڪل گهڙي ۾ سندس ساٿ ڏنو پر هُو ساڻس انصاف نه ڪري سگهيو. هُن جي آڇيل محبت جي گلن جي بدلي ۾ هُو صرف بيوفائي جا ڪنڊا ئي ڏيئي سگهيو هو. هُن جي غلطي جو اهڙو انجام ٿيندو تنهن جي اها پروڙ هرگز نه هئي ته پِرهه کائنس ايئن منهن موڙي هلي ويندي. هن چاهيو ٿي ته هُو واپس وڃي کيس حالتون، مُشڪلون ۽ مجبوريون سمجهائيندو پر هُو ان کان اڳ ئي کائنس ڪاوڙجي هميشه لاءِ دور هلي ويئي.
وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفي به ڪيتري نه ظالم هئي جو هُو پنهنجي جان جي ٽڪري کي ايئن جدا ٿيندو ڏسي رهيو هو پر ساڻس لِپٽي، وٽس وڃي هينئون ڦاڙي روئي آخري ڀيرو معافي به نه ٿي وٺي سگهيو، کيس سيني سان لائي محبت به آڇي نه ٿي سگهيو، سندس پيشاني تي پيار جي آخري چُمي به نه ٿي ڏيئي سگهيو، سندس پيراندي بيهي ٻيئي هٿ ٻڌي کائنس هن گناهه جي بخشِش به نه ٿي گهري سگهيو، وٽس ويجهو وڃي پيار جا واسطا ڏيئي واپس موٽي اچڻ جا سڏ به نه ٿي ڪري سگهيو، هُو کيس اڪيلو ڇڏي وڃڻ جا ڏوراپا به نه ٿي ڏيئي سگهيو، جو سندس والدين موجود هئا، هن نه ٿي چاهيو ته کين اها پروڙ پئي ته سندس ڌيءُ کين اڻ ڄاڻ رکي لِڪي ڪنهن سان پيار ڪيو ٿي، ته ويتر ڏکارا ٿي پون ها ۽ جوان ڌيءُ جي موت جي صدمي سان گڏ کين انڌيري ۾ رکي سندس وشواس کي ڇيهو رسائڻ جو درد ويتر ماري وجهي ها. هڪ ته اڳي ئي هن جي ڪارڻ پِرهه جي زندگي جو ڏيئو اجهامي چڪو هو سو هن وڌيڪ نه ٿي چاهيو ته سندي ڪارڻ پِرهه تي موت کان پوءِ ڪو داغ لڳي ۽ مائٽ، عزيز توڙي سماج کيس غلط نظريي سان ياد ڪن!
بس آڪاش پِرهه جي لاش کي ايمولينس ڏانهن ويندو ڏسي خاموش لفظن ۾ من جي زبان سان التجا ڪندي چيو، ”پِرهه ائين نه ڪر مون کي اڪيلو نه ڇڏي وڃ، مون کي ايڏي وڏي سزا ته نه ڏيئي وڃ جو توکي ڏسڻ لاءِ ئي سڪي وڃان، هڪ ٻئي جي سامهون رهي گهٽ ۾ گهٽ اکين جي پياس ته اجهائي سگهون ها، پر تو ته مون کان اهو حق به کسي ورتو. ايترو ناراض ٿي ويئين جو وري مڙي نه اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو. خاموش التجا سان گڏ نير ضبط جو دامن ٽوڙي وهي پيا.
”پِرهه منهنجي دل ۾ پيار صرف تنهنجي لاءِ هو، آهي ۽ رهندو، جنهن پل کان مڱڻي جو فيصلو ڪيو آهي تنهن پل کان سک جو ساهه نه کنيو آهي، آئون تنهنجو گناهگار آهيان. ها آئون تنهنجو ڏوهي آهيان پر اچ مون کي ان جي سزا ڏي آئون هر ڏوهه قبولڻ لاءِ تيار آهيان هر سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان پر تون موٽي آ، مون کي ايئن اڪيلو نه ڇڏي وڃ. آڪاش آس ڀرين نگاهن سان ٻيهر خاموش ورلاپ ڪيا.
تو بنان هر پل تنهنجي پيار جون ساروڻيون لڙڪ بڻجي منهنجي اکين جا بند ٽوڙي وجهنديون، جذبا ساٿ نه ڏيندا، احساس مرجهائجي ويندا، ڪجهه لکڻ چاهيندس ته ڪاغذ لڙڪن سان آلا ٿي پوندا، لفظ درد بڻجي دل جي وجود تي وڍ وجهندا ۽ دل جي جهروڪن مان صرف آهه نڪرندي، تنهنجي سوچن جي ساگر ۾ توکي ساٿ نه پائي ٻڏي ويندس. سچ پِرهه آئون صرف ۽ صرف تنهنجو ئي آهيان پِرهه .... ٻڌ نه پِرهه! منهنجي زندگي تي صرف ئي صرف تنهنجو حق آهي.“ آڪاش ٻيهر پِرهه جي بي جان وجود کي مخاطب ٿيندي يقين ڏياريو پر هاڻي سندس سڏ ورنائڻ ۽ جواب ڏيڻ لاءِ پِرهه انتهائي ڏور وڃي چڪي هئي جتان موٽڻ ناممڪن هو.
آڪاش پنهنجي ساهه جي ڏوري کي پاڻ کان ايئن ڇڄندو ڏسي رهيو هو، جسد خاڪي ايمولينس ۾ منتقل ٿي چڪي هئي ۽ ڪجهه ئي گهڙين ۾ ايمولينس اسپتال جو دروازو اُڪري حد نظر کان اوجهل ٿي ويئي پر هُو ڪجهه به نه ڪري سگهيو.
ٿڪل ٽٽل احساسن سان گوڏن ڀر زمين تي ويهي رهيو ۽ ٻنهي هٿن جي مُٺين سان زمين تي ڌڪ هڻي ٻيئي هٿ وارن ۾ ڀڪوڙي پاڻ تي ملامت ڪندو رهيو ۽ وري آسمان ڏي نهاري ٻيئي هٿ هوا ۾ ڦهلائي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري پِرهه کي سڏڻ لڳو.
”پِرهه .....“
پِرهه ......“
”پليز مون کي ايئن اڪيلو نه ڇڏي وڃ، پليز موٽي آ، آئون توکان سواءِ مري ويندس.“
پر سندس سڏ ورنائڻ لاءِ پِرهه اتي موجود نه هئي ۽ هُو اڪيلو چرين وانگي هينئون ڦاڙيندڙ رڙيون ڪرڻ لڳو، جنهن کي ٻڌي ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا. کيس عجيب نگاهن سان ڏسڻ لڳا. ڪريم کيس سنڀالڻ لاءِ ويجهو آيو پر هُو مسلسل اڀ ڏي نهاري روئندو رهيو ۽ پِرهه کي واپس موٽي اچڻ لاءِ آواز ڏيڻ لڳو ......!