17
پِرهه جڏهن زماني جي شڪاري نگاهن کان هيسجي آڪاش جي ٻانهن ۾ پناهه وٺندي هئي ته هُو کيس پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو ۽ سهارو ڏئي هنج ۾ سمهاريندو هو. چهري تي لڙي آيل شرارتي وارن کي هٽائي ڳلن تي ٿڌڙا هٿ گهمائيندو هو جنهن جي ڇهاءُ سان پِرهه سڪون سان نندرا ديوي جي گود ۾ سمهي پوندي هئي. آڪاش سندس گرم ساهن کي آڱرين سان محسوس ڪندي سندس معصوم مُک تي پيار جا پوپٽ اڏرندي محسوس ڪندو هو. سانت ڀري ماحول ۾ خاموشي اکيون ڦاڙي ٻنهي کي ڏسندي هئي ۽ هُو ٻيئي خاموش هڪ ٻئي ۾ سمائجي ويندا هئا. پِرهه جي سنگ مر مري جسم تي روهيڙن جي گلن جهڙا احساس چٽيل هوندا هئا. ٻيئي ڄڻا هڪ ٻئي کي آغوش ۾ سمائي هڪ ٻئي جي ٻانهن کي سيني سان ورائي پنهنجي هڪ الڳ دنيا جوڙڻ ۾ مصروف ٿي ويندا هئا جتي صرف پيار جو نظام رائج هوندو هو، محبت عام هوندي هئي، نفرت تي بندش هئي، پريت جي ريت لاڳو هوندي هئي. سڄي رات چمڪي ستارا به ٿڪجي آرامي ٿيندا هئا، چنڊ ٿڪل ٽٽل قدمن سان ڪجهه پهر سڪون پائڻ لاءِ پنهنجي دنيا ڏي راهي ٿيندو هو ۽ سج پنهنجا وشال پر پکيڙي روشني جي لاٽ سان پنهنجي وجود جو ثبوت ڏيندو هو پر اهي پيار جي راهي پنهنجي منزل ڏي اڻ کٽ پنڌ ڪندي نه ٿڪجندا هئا.
ٻنهي جي اهڙي نينهن اڇل ٻنهي کي ٻه جسم هڪ جان ۾ قابو ڪري ڇڏيو هو. هڪ پل جدائي برداشت نه ٿيندي هئي. هر وقت هڪ ٻئي سان سهلاڙيل هوندا هئا پوءِ ڪنهن وقت فون، ڪنهن وقت ميسيج، ڪنهن وقت وڊيو ڪال، ڪنهن وقت روبرو پر محبوب جي سڪ ۽ ڇڪ جو سڳو ڪنهن به پل هُنن ٽٽڻ نٿي ڏنو.