35
سامهون ڌنڌلي روشني جي اوٽ ۾ رکيل ڪاٺي جي بئنچ تي ويٺل آڪاش ۽ پِرهه هڪ ٻيءَ جي سامهون ويٺل بغير ڪجهه چوڻ، ڳالهائڻ جي مسلسل سُڏڪي رهيا هئا، لڙڪ پيلن پنن جيان اکين جي ٽارين تان هڪ هڪ ٿي ڇڻي رهيا هئا ۽ من جي اڱڻ تي خزان جي موسم لڙي آئي هئي. پِرهه ڪافي دير کان پوءِ سڏڪن کي ساهي ڏيندي ٿڪل ٽٽل لهجي ۾ اونهو ساهه کڻي ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پرزبان ساٿ ئي نه ڏنو، چپ خشڪ ٿي ويا هئا، ڪجهه ڪُڇي ئي نه سگهي اداس اکين سان صرف آڪاش ڏي نهاريو ته ٻيهر سندس بي وفائي تي نيڻن مان نير ڪارونجهر جي ڀَٽياڻي نَئين جيان وهي آيا.
سمنڊ، شام مان رات ۾ تبديل ٿيندڙ اداس پل، ماڻهن جي شور ۾ اڪيلائي، لهرون، ساحل، بئنچ تي سڏڪندڙ ٻه وجود، جنهن جي لڙڪن جو سفر طويل ٿيندو ٿي ويو.
هيءُ ساڳيو ئي سمنڊ هو، جنهن جي ڪناري تي ويهي هنن پيار جا ڪيئي حسين پل گهاريا هئا، محبت جي منزل ڏانهن ويندڙ رستن جا ڪيئي سفر ڪيا هئا، هنن لهرن جي موجن ۾ مستيون ماڻيون هيون جيڪي به اڄ هنن جي ڏک ۾ اداس هيون، هونئن به خوشين ڀري زندگي ۾ زهر ڀرڻ لاءِ هڪ لمحو ئي ڪافي هوندو آهي جيڪو هنن جي پيار ڀري حياتي جي گس ۾ ڪنڊا بڻجي اچي چڪو هو، هنن جي حياتي ۾ سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو، زنده رهڻ کان اوراح ئي کڄي چڪو هو، من جي ديس تي اداسي جي موسم ڇانئجي ويئي هئي، جتي صرف پيڙاءُ جا ئي آشيانه هئا، جتي رڳو درد جي موسم هئي، حياتي جيئڻ جا سارا دڳ ئي وساري ڇڏيا هئا، ڄڻ زندگي مان ٿڪجي پيا هئا.
ڪيتري ئي وقت تائين اکڙين جي اڱڻ تي سانوڻي مينهن کان پوءِ پِرهه آخر همٿ جتائيندي آڪاش ڏانهن اداس نظرن سان ڏسندي چيو. ”مون چيو هو نه ته تون مون کي ڇڏي ويندين، محبت جي معاملي ۾ هميشه مون کي پيار بدران ڏک ۽ پيڙائون ئي مليون آهن، آخر تو به مون سان ايئن ئي ڪيو آڪاش !.“
”تون پاڻ ئي ٻڌاءِ ڀلا آئون ايئن ڪري ٿو سگهان؟ بس وقت جي وراڪي اسان سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي.“ آڪاش اداس اکڙين سان پِرهه ڏي نهاريندي چيو.
”تو ايڏو وڏو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ مڱڻي به ڪئي پر مون کي ٻڌائڻ به مناسب نه سمجهيو.“ پِرهه سڏڪندي چيو.
”پِرهه هڪ طرف منهنجي لاءِ تون هئين جنهن ۾ منهنجي ساهه جو ڏوريون آهن، جنهن کان سواءِ منهنجو وجود ئي اڌورو آهي پر ٻئي طرف منهنجي جيجل امڙ جي ممتا جي امرت ڌارا هئي، جنهن جي اڻ ڳڻين دعائن جي ڪري ئي منهنجو وجود آهي، جڏهن مون ٻنهي کي احساس جي ساهمي ۾ توري ڏٺو ته پنهنجي خوشي کان وڌ مون کي جيجل جون خوشيون وڌيڪ عزير لڳيون جنهن جي ڪارڻ مون کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو جيڪو لازمي آهي ته مون لاءِ ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو پر نه چاهيندي به مون کي سندس فيصلو قبول ڪرڻو پيو.“ آڪاش پنهنجي بي وسي بيان ڪندي چيو.
”آڪاش تو مون سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، دوکو ڪيو آهي تو ته چيو هو ته آئون گهر وڃي امڙ کي راضي ڪندس، منهنجي رشتي لاءِ منهنجي گهر موڪليندين پر هي سڀ ڇا ڪري ڇڏيو؟“ پِرهه پنهنجا ٻيئي هٿ وارن ۾ وجهندي پاڻ جنجهوڙيندي روئڻ لڳي.
”امان منهنجي چوڻ کان پهرين ئي تنهنجي گهر وڃي تنهنجو رشتو گهري چڪي هئي پر تنهنجي امڙ اميري ۽ غريبي جي لڪير ڪڍندي منهنجي امڙ کي مايوس واپس موٽائي ڇڏيو هو ۽ ساڻس ناروا سلوڪ پڻ ڪيو پوءِ به مون پوري ڪوشش ڪئي ته امڙ کي سمجهايان پر امان به ڳالهه کي آخري حد تائين وٺي ويئي جتان موٽڻ مشڪل هو.“ آڪاش ٻيهر پِرهه کي پنهنجي بيوسي بيان ڪندي چيو.
”اهو فيصلو ڪندي منهنجو ٿورو به خيال نه آيو ته تنهنجي هن فيصلي سان منهنجي زندگي ۾ طوفان برپا ٿي ويندو جيڪو منهنجون سموريون خوشيون لوڙهي کڻي ويندو.“ پِرهه آڪاش کي سندس فيصلي تي ايندڙ ردعمل جو احساس ڏياريندي چيو.
”توکان سواءِ منهنجي وجود جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ پر ڇا ڪيان حالتون منهنجو وس ۾ نه هيون، منهنجي ڪلهن تي ڪيترن ئي معصوم وجودن جو بار آهي جنهن جي خوشي ڪارڻ مون پنهنجا ارمان پڻ وسارڻا پيا جو انهن جي مرڪ منهنجي لاءِ جيئڻ جو حوصلو آهي جنهن جي توکي به پروڙ آهي.“ آڪاش پنهنجي مجبوري ٻڌائيندي ٻيهر چيو.
”توکي ته پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ ۽ سک اورڻ لاءِ جيون ساٿي ملي ويو باقي مون کي اگر وڇوڙي جا گهاءُ مليا ته ڇا ٿيو.“ پِرهه ڏچڪا ڀري روئيندي رهي، سندس ڏک ۾ کن پل لاءِ سمنڊ جون مست لهرون به اداس ٿي خاموش ٿي ويون، وقت بيهجي ويو هو، ماڻهن جو هجوم هو پر ڪي به خوشين ڀريا ٽهڪ نه هئا سموري ماحول تي اداسيءَ جا بادل ڇانئجي ويا هئا.
”تنهنجي مرڪن ۾ منهنجون خوشيون ۽ تنهنجي لڙڪن ۾ منهنجون تڪليفون آهن، تنهنجي هر هڪ ڏک ۾ منهنجي روح کي رنجش پهچي ٿي، سواءِ تنهنجي ڀلا منهنجي ڪهڙي حياتي آهي، ڀلا ڪالهه جي آيل اجنبي تنهنجي جاءِ ڪيئن ٿي والاري سگهي.“ آڪاش پِرهه کي پنهنجي پيار جو احساس ڏياريندي چيو.
”آڪاش محبت تان اوراح ئي کڄي ويو منهنجو، ايئن به ٿيندو آهي سوچيو نه هو! جنهن سڄي زندگي ساٿ نڀائڻ جو واعدو ڪيو هو سو ئي اڌ سفر ۾ اڪيلو ڇڏي هليو ويو.“ پِرهه آڪاش کي متوجه ڪندي لڙڪ وهائيندي رهي.
”مون جي ته هاڻي دنيا جي ڪنهن ڳالهه ۾ دلچسپي نه رهي آهي، زندگي بي نور ٿي وئي آهي. منهنجي آنچل ۾ جيڪي خوشين جا ستارا ٽانڪيل هئا سي سڀ ڇڻي چڪا آهن، من جي وستي تي پوکيل پيار جا گل سڀ مرجهائجي ويا آهن کن پل ۾ سڀ ختم ٿي ويو آهي مون کان زندهه رهڻ جو حوصلو ئي ڇڏائجي ويو آهي، هر طرف بس مايوسي جا پاڇا آهن ۽ دل جي آسمان تي اداسيءَ جا ڪڪر آهن جيڪي ڳوڙهن جي بارش برسائي رهيا آهن. ڏک جي موسم آهي جنهن ۾ صرف اذيتن جا طوفان گهُلي رهيا آهن ۽ منهنجي پيار جي وستي کي اجاڙي ويا آهن، آئون ته زندهه رهڻ جي به همٿ وڃائي ويٺي آهيان، مسلسل ڏک ۽ پيڙائون سهي سهي هاڻ ٿڪجي پيئي آهيان.“
پِرهه مايوسيءَ مان ٿڪل لهجي ۾ لڙڪ اگهندي آڪاش ڏانهن نهاريو ته ٻيهر پاڻ سنڀالي نه سگهي ۽ روئي ويٺي.
”منهنجي مٺڙي جانان! مون توکي ٿوروئي تڪليف ڏيڻ ٿي چاهي، تون ئي ٻڌا ڀلا توکي وڃائي مون ڇا پاتو آهي سواءِ دردن جي! مون توکي ڪنهن اذيت مان گذارڻ نٿي چاهيو جو توکي مليل ذري به تڪليف منهنجي لاءِ منهنجي ئي وجود تي گهاءُ برابر آهي. مون نه ٿي چاهيو ته تون منهنجي ڪري لڙڪ وهائين ۽ پل پل تڪليفن جي دٻڻ ۾ ڦاسندي رهين ۽ وڇوڙي جا گهاءُ سيني ۾ سانڍي جيئندي رهين. مون ته توکي زماني جون سموريون خوشيون ڏيڻ ٿي چاهيون تنهنجو پانڌ ڪائنات جي سمورين آسائشن سان ڀرڻ ٿي چاهيو پر شايد قسمت کي منظور نه هو ۽ وقت جو اهڙو وراڪو وريو جو سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو جنهن ۾ قصور ڪنهن کي ڏيڻ صحيح نه رهندو، بس نصيب ۾ شايد پنهنجو گڏجي رهڻ منظور نه هو.“ آڪاش اونهو ساهه ڀريندي پِرهه جي اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو جنهن جي اکين ۾ اداسين جو واس هو.
پر منهنجي جيون جي ڪتاب جا پنا ته ڪورا ئي رهجي ويا جنهن تي ڪيترائي پيار جا گيت لکڻ جو سوچيو هو، جنهن تي هڪ مڪمل پيار ڪهاڻي لکڻ جو سوچيو هو هو جنهن ۾ تنهنجي ۽ منهنجي محبت جا ڪيترائي باب جيڪي عشق جي هڪ مڪمل داستان ٿين ها، پر اهو سڀ ڪجهه ڪنهن يتيم ٻار جي ممتا حاصل ڪرڻ جي حسرت جيان اڌورو ئي رهجي ويو.“ پِرهه سڏڪا ڀريندي چيو.
ڪجهه ساعتن کان پوءِ پِرهه ٻيهر آڪاش کي متوجه ٿيندي چيو.
”بس آڪاش آئون تنهنجي زندگي مان تمام پري وڃي رهي آهيان، ويندي ويندي دعا ٿي ڪيان ته تون هميشه خوش هجين پنهنجن سان ۽ محبتون ماڻين، وڌيڪ ڳالهائڻ هاڻ منهنجي وس ۾ نه رهيو آهي، هي منهنجي توسان آخري ملاقات آهي، بس آخري ملاقات ..... ۽ پوءِ هميشه لاءِ هلي ٿي وڃان.“ پِرهه بئنچ تان اٿندي ڳوڙها اگهيا.
پِرهه اهو چئي ته ويٺي پر محسوس ڪيو ته آڪاش جا هٿ سندس هٿن مان ڇڏائجي رهيا هئا ڄڻ زندگي کائنس ڇڄي رهي هئي، ساهه جو ڏوريون سوڙهيون ٿيندي محسوس ٿيون، ساهه گُهٽجڻ لڳو، اکين اڳيان انڌوڪار ٿيڻ لڳي، سندس دنيا ۾ اونداهي ڇائنجي ويئي، حوصلا ڇڏائجڻ لڳا ......
”انتهائي نگداهشت“ واري وارڊ جي بيڊ تي بي هوشي جي حالت ۾ پيل پِرهه جي ذهن تي تري آيل اهڙي خيالي منظر ۾ آڪاش سان آخري ملاقات ۽ وڇوڙي کي ڏسي اچانڪ سندس جسم ۾ حرارت محسوس ٿي، ته سامهون بيٺل نرس ۽ ڊاڪٽر وڌي وڃي وٽس پهتا ته کن پل لاءِ پِرهه اکيون کوليون ۽ خشڪ چپن مان صرف ٽٽل ڦٽل لفظ آ...ڪ...ا.... ش ... (آڪاش) نڪتو پر کيس سامهون نه پائي هن آخري هچڪي کاڌي ۽ ابدي ننڊ سمهي پئي .....