ناول

اڌوري عشق جو اَلميو

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“
Title Cover of book اڌوري عشق جو اَلميو

2

هُن کي نئين شهر ۾ آئي ڪجهه وقت ئي مس گذريو هو، اجنبي شهر، نوان ماڻهو، نوان رويا، ڏکيو ٽاسڪ ۽ هُو اڪيلو نوجوان، جنهن ان کان پهرين ايترو عرصو ڪڏهن گهر کان پري نه گذاريو هو، ماءُ جي پيار ۾ پليل ڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن به ماءُ کان پري نه رهيو هو، تنهن کي گهر ۽ ماءُ، پيءُ کان پري هيترو وقت گذري ويو هو، جيڪو سمورو وقت هن کي جُڳن کان وڌ لڳو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته ضبط ٽٽي پوندو هو ۽ اڪيلو ئي اڪيلو واڪ جي بهاني ڊگهي رستي تي نڪري پوندو هو، روئي من هلڪو ڪندو هو ۽ دل چوندي هئس ته واپس گهر هليو وڃي. پر پوءِ جڏهن گهر جون حالتون، ماءُ جي طرفان سٺل ڏکن تڪليفن ۽ پيءُ طرفان کنيل قرض ۽ واپس نه ڪرڻ جي سگهه ۽ ننڍڙي ڀيڻ کي پنبڻين جي ڪنارن تي ڪنهن خوشي جي ڏينهن تي تري آيل ڪوسن لڙڪن سميت پيڙائن جا انيڪ منظر جڏهن هُن جي سامهون نروار ٿيندا هئا، تڏهن هُو لڙڪ اگهي انهن کي سگهه ۾ تبديل ڪندو هو.
اجنبي شهر ۾ هُن جو هڪڙو ئي ويجهو ۽ دل گهريو دوست ڪريم، جيڪو يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ۽ سندس فليٽ پارٽنر پڻ هو. ڊگهي قد جو سهڻو نوجوان، محمد ڪريم هميشه اسٽائلش رهڻ پسند ڪندو هو، پينٽ شرٽ، شلوار قميض توڙي هر لباس ۾ وڻندڙ، خوش مزاج ۽ حقيقت پسند هو. هُن جي نظر ۾ پيار ۽ عشق وقت جو زيان هو، هُن جو پورو ڌيان پڙهائي ۾ هو. هُن کي پڙهائي مڪمل ڪري آمريڪا وڃڻ جو جنون هو. هُن جي نظر ۾ ڇوڪري صرف محبوبه ئي ڇو؟...... هڪ سٺي دوست بڻجي به ته رهي سگهي ٿي....!!
آڪاش سان ڪريم جو تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو، ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي کي دل سان سمجهندا به هئا ته هڪ ٻئي سان دل جو حال به اوريندا هئا. هر وقت هر ڏک سک ۾ گڏ بيٺل نظر ايندا هئا. آڪاش جي تڪليف کي ڪريم لفظن مان پروڙي وٺندو هو ته ڪريم جي درد کي آڪاش سندس اکين مان پڙهي وٺندو هو. دوستي جي عظيم رشتي جو هُو ٻئي هر وقت ڀرم رکندا هئا، وقت ڪهڙو به ڏکيو ڇو نه اچي وڃي، ڪيفيت ڪهڙي به ڇونه هجي هُو ٻئي هر وقت ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل هوندا هئا. ڪريم اجنبي شهر ۾ آڪاش لاءِ وڏو ڏڍ هو، جيڪر هُو اڪيلو هجي ها ته شايد ايئن ٽڪاءُ نه به ڪري سگهي ها، جنهن جو هُو وڏي واڪي اعتراف به ڪندو رهندو هو ته هُن جي ڪاميابي جي سفر ۾ ڪريم جو تمام وڏو هٿ هو.
آڪاش صحافي ۽ ڪريم يونيورسٽي جو شاگر، بس پوءِ رات جو فليٽ تي بحث شروع ٿيندا هئا ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ لنگهي ويندا هئا ڪٿي ٿا آڻ مڃن. هڪ کي پنهنجي تعليمي قابليت تي فخر ته ٻئي کي وري صحافيءَ هئڻ ڪري عملي زندگيءَ جو ويجهڙائي کان تجربو. هڪڙو چوي آئون صحيح ته ٻيو چوي هُو ڪيئن گهٽ ٿئي. بس فليٽ جا ٻيا دوست گاريون ڏيئي ماٺ ڪرائيندا هئا پوءِ گرم چانهه جو دور شروع ٿيندو هو. چانهه جي چسڪي تي وري يونيورسٽي، تعليم، ڇوڪريون، انهن جون دوستيون، رُساما، پرچاءُ سميت انيڪ ڳنڀير مسئلا زير بحث ايندا هئا. ڪجهه دير کان پوءِ موبائل فونن جون گهنٽيون وڄڻ شروع ٿينديون هيون ته عاشق وڃي فليٽ جون ڪنڊون سنڀاليندا هئا. ان ويلي آڪاش وري ليپ ٽاپ تي سٺن ڪالم نگارن جا آرٽيڪل، مختلف اخبارن جون خبرون، تازه ترين موضوعن تي تبصرا ۽ تجزيا پڙهڻ لڳندو هو جنهن سان سندس صحافتي قابليت ۾ واڌارو ٿيندو هو.
وقت سان گڏ صحافتي صحبت جي دوستن سان اٿ ويهه ٿيڻ لڳي هئي ۽ هن جي ملڻسار طبيعت هئڻ ڪري ٿوري ئي وقت ۾ صحافتي سٿ جا ڪافي دوست هن جي ويجهو ٿي چڪا هئا ۽ هُن کي پڻ خبر جي هر انداز ۽ پهلو جي پروڙ پوندي رهي ايئن وقت سان گڏ هن جو سياسي، سماجي حلقن ۾ اٿڻ ويهڻ ٿيڻ لڳو ۽ واسطا به وڌندا ويا.
وقت تيز گهوڙي تي سوار ٿي مسلسل گذرندو رهيو، گڏوگڏ هُن کي زندگي جا ڪجهه وڌيڪ سبق پڻ سيکاريندو ويو، جنهن سان هُن جي سوچڻ ۽ پرکڻ جي سگهه ۾ اضافو ٿيندو رهيو. هُو جيتوڻيڪ ڪُو سينيئر صحافي ڪونه ٿيو هو، پر ايترو ضرور هو ته هاڻي هُن لاءِ خبر ڳولڻ ۽ ان کي ڪهڙي انداز سان پيش ڪجي مشڪل نه رهيو هو. پهرين هن کي خبر ڳولڻي پوندي هئي پوءِ خبر هُن وٽ خود پهچڻ لڳي. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي وڌندڙ رجحان ۽ ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ سهوليتن جي ڪري صحافت آسان ٿي ويئي هئي. پرنٽ ميڊيا جي جهونن صحافين جي ڀيٽ ۾ نوجوان صحافي ان نئين ٽيڪنالاجي جي ڪري تمام اڳتي هئا.
ڪنهن وقت جي صحافتي اصولن پٽاندر پهرين خبر ملي، پوءِ تصديق ٿئي، پوءِ ٻيهر تصديق ٿئي، پوءِ ٻنهيءَ پاسن جو موقف ملي، پوءِ خبر ڊيسڪ ڏي وڃي، جتي سب ايڊيٽر کان ٿيندي نيوز ايڊيٽر کان ٿيندي ايڊيٽوريل ضابطن مان لنگهندي هئي، پوءِ وڃي اها خبر اخبار جي جڳهه والاريندي هئي. پر پوءِ وقت بدليو ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آيل تيز ترين رفتار واري صحافت سڀئي ليڪا اورانگهي ويئي، ڪهڙا ضابطا...؟، ڪهڙا اخلاق...؟، ڪهڙيون ايڊيٽوريل پاليسيون ....؟ بس خبر سڀ کان پهرين نشر ٿيڻ کپي...!! بريڪنگ نيوز جي ڊوڙ صحافتي اصولن، ايڊيٽوريل پاليسين کي بلڪل ئي پائمال ڪري ڇڏيو هو. پاليسي اها ئي هوندي جيڪا چئنل جو مالڪ چاهيندو ۽ مالڪن ته چاهيو ٿي ڪاروبار ۾ واڌارو .... سڀ کان پهرين خبر وٽن پهچي ۽ ريٽنگ وڌي ۽ اشتهارن جي لائين لڳي ته جيئن ڪاروبار وڌي. جيئن پنج ئي آڱريون برابر ناهن هونديون تيئن اڃان ڪاري ڏڌو اڇو آيو ٿي، ڪو سڀني پاسي انڌوڪار ڪونه هئي پر گهڻي حد تائين شيون تبديل ٿي چڪيون هيون.
آڪاش جيئن ته نوجوان هو، نئين دور جو جوان خون، سو هُن لاءِ انهي ٽيڪنالاجي ڪي ڏکيائيون پيدا نه ڪيون. ليپ ٽاپ ۽ ٽيبليٽ جي دور جو نوجوان هو، انٽرنيٽ جي دنيا هن لاءِ نئين نه هئي ۽ پنهنجي ڪم ۾ حد درجي تائين سچو ۽ ايماندار هو، ڪا اسائنمينٽ ملندي هئس ته جيءُ جان لڳائي پوري ڪندو هو، جنهن ڪري اداري ۾ ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي سٺي ساک ٺاهي ويو هو ۽ صحافتي حلقا پڻ آڪاش کي ساراهيندي نظر ايندا هئا ته نوجوان ٿوري وقت ۾ ئي ڪافي شيون پنهنجي فهم و فراست سان سمجهي چڪو هو. خبر جو اسڪرپٽ ڪيئن لکجي، فوٽيج کي ڪهڙي اينگل کان ڪور ڪجي يا خبر جي منڍ ۽ پڇاڙي ڪيئن رکجي ان تي ڪافي گرفت حاصل ڪري چڪو هو.