29
قدرت به عجيب آهي جيئن معصوم ٻار کي خوش ڪرڻ لاءِ ان جي پسند جو رانديڪو ڏبو آهي ۽ پوءِ وري واپس وٺي رکي ڇڏبو آهي تيئن قدرت به ويران صحرا جهڙي بنجر دل جي زمين تي پِرهه جي روپ ۾ محبت جي برسات جون چند ڪڻيون وسائي وري بيوفا بادل بڻجي رُسي ويئي. ڇا زندگي ۾ ايئن ئي هميشه جيان حادثا ٿيندا رهندا، محبت جا قول قرار اڌورا رهجي ويندا ۽ دلين جون تندون ايئن ئي ڇڄنديون رهنديون، محبت بدران بس نفرتن جون نديون ئي وهنديون رهنديون. ننڊ مان اٿندي ئي ٻيهر مختلف سوال هُن جي ذهن تي تري آيا.
”ڇا ايئن نه ٿو ٿي سگهي جو هڪڙو اهڙو خوشين جو جهان اڏجي جتي محبت جي باغيچن ۾ رنگا رنگي گل ۽ ٻوٽا ڦٽندا رهن، معصوم ٻارڙا ٿر تي آيل وسڪاري کان پوءِ واري تي گهر ٺاهيندا رهن، ڪارونجهر جي ڪور تي ست رنگي پر پکيڙي مور خوشي وچان رقص ڪندا رهن، راڻا سر جي ترائي تي نوخيز جوانيون ٽهڪ ڏينديون رهن، حسين جوانين جي گلابي چپن تي چمين جا چٽ قائم رهن، ٿر تي بادل مينهن وسائيندا رهن ۽ ڊسمبر جي ٿڌڙي رات ۾ بئنچ تي هڪڙي ئي اجرڪ ۾ ويڙهيل جوانيون چنڊ کي ڏسندي پيار جا قول قرار ڪنديون رهن، سردي جي صبح جو گرم چانهه جي چسڪي تي پيار ڪهاڻيون سدا جوان ٿينديون رهن، ڪنوارين جي هٿڙن تي مهندي رتا چٽ سدا ڳاڙها رهن ۽ سندن پايل جي ڇن ڇن تي ڳڀرو ٿڌا ساهه کڻندا رهن.“ اهڙا انيڪ خيال سوال بڻجي سندس ذهن کي جنجهوڙي رهيا هئا.
آڪاش هڪ عجيب ڪيفيت مان گذري رهيو هو ته هِن مسئلي جو حل ڪيئن نڪري؟ هڪ پاسي دل جي دنيا، پهريون پيار، پِرهه جي محبت ۽ هن جا آڇيل ماڪ ڦڙن جهڙا نفيس احساس هئا ته ٻيءَ پاسي جيجل امڙ، ان جو خوشيون، آسون ۽ اميدون هيون. هڪ کي راضي ٿو ڪري ته ٻيو ناراض. ٻئي سندس سڪ جا سڳا هئا، ڪنهن هڪ جي به ڇڄڻ سان کيس ئي تڪليف پهچي ها. پر هُن اهو قطعي نٿي چاهيو ته هُن جي ڪارڻ ڪنهن جي اکين ۾ آب اچي.
هُو اداسين جي لهرن ۾ ئي وچڙيو پيو هو ته سندس دوست ڪريم ڪمري ۾ داخل ٿيو کيس ايئن پريشان ڏسي ماجرا معلوم ڪيائين.
آڪاش گهڻي اسرار تي اداسي مان پنهنجي تڪليف دوست ڪريم سان سَلي جنهن کي پڻ ايئن اچانڪ رشتي جي ڳالهه ٻُڌي تعجب ٿيو.
”ماسي اچانڪ ايئن ڪٿان رشتو ڳوليو آ؟“ ڪريم، آڪاش جي ڪمري ۾ رکيل ڪرسي سرڪائي ويهندي پڇيو.
”يار مون پاڻ کي فون تي خبر پيئي آهي. گذريل هفتي گهر ويو هوس ته مون سان ڪنهن به اهڙي ڳالهه نه ڪئي هئي.“ آڪاش پريشاني وچان ڪريم کي ٻڌائيندي چيو.
”پوءِ تون ماسيءَ کي چوينس ته توکي هينئر دلچسپي ناهي، في الحال صبر ڪري.“ ڪريم آڪاش کي مشورو ڏيندي چيو.
”منهنجا مٺڙا تون ڇا ٿو سمجهين مون اهو نه چيو هوندو!“ آڪاش ڪريم جي مشوري تي جواب ڏيندي چيو.
”پوءِ ماسي ان تي ڇا چيو ؟“ ڪريم سوال ڪندي پڇيو.
”يار امان ڪجهه ٻڌڻ لاءِ ئي تيار ناهي، چوي پيئي ته ڇوڪريءَ، گهر، رشتو سڀ مون ڏسي ڇڏيا آهن بس تون ڇوڪري جي تصوير ڏسي وٺ ته ڪو مناسب ڏينهن ڏسي روبرو ملي رشتو طئه ڪجي.“ آڪاش پنهنجي دُکدائڪ صورتحال ٻڌائيندي چيو.
”پوءِ يار پِرهه جو ڇا ٿيندو؟“ ڪريم اونهو ساهه کڻندي چيو.
”اهو ئي سمورو مسئلو آهي ته پِرهه سان اها وڏي ناانصافي ٿيندي، جيڪا هُو برداشت ئي نه ڪري سگهندي.“ آڪاش اداسي مان وراڻيو.
”پوءِ تون ماسيءَ کي چوينس ته تون پِرهه کي پسند ڪرين ٿو ۽ ان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهين. پِرهه کي ماسي به ڏاڍو پسند ڪري ٿي، توهان جي گهر به اچڻ وڃڻ به رهيو آهي.“ ڪريم آڪاش کي صلاح ڏيندي چيائين.
”ايئن ئي ڪرڻو پوندو سڀاڻي ٻن ڏينهن جي موڪل وٺي گهر ٿو وڃان ۽ سموري حقيقت بيان ڪيان ٿو اميد آهي ته منهنجي دل جي ڳالهه کي مان ڏيندي.“ آڪاش ڪريم جي صلاح سان سهمت ٿيندي چيو.
”بلڪل پيارا مائرون ته پنهنجن ٻچڙن جي خوشي ئي چاهينديون آهن، تون پيار سان ڳالهه سمجهائيندين ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ۽ هُو تنهنجو رشتو پِرهه جي مائٽن کان گهري وٺندي.“ ڪريم آڪاش کي دلداري ڏيندي چيو.
”پر پِرهه جا مائٽ انهي رشتي لاءِ راضي ٿيندا؟ هُو سماجي ۽ معاشي طور اسان کان ڪئين ڀيرا مٿي آهن.“ آڪاش ٻيهر اٻاڻڪو ٿيندي چيو.
”ادا اهي جيڪر زميندار آهن ته تون به سماجي طور هڪ سٺي سڃاڻپ رکين ٿو، باقي رشتن ۾ پئسن جي تورماپ ڪونه ڪبي آهي، ڏسبو آهي ته ڇوڪرو ڪيئن آهي، خاندان ڪيئن آهي، ڇوڪري خوش رهندي يا نه؟ تون انهن منفي ڳالهين ۾ نه پئو بس ماسي کي دل جي ڳالهه ٻڌاءِ، الله سائين بهتر ڪندو.“ ڪريم آڪاش جي پٺيءَ ٺپيريندي چيو.
بس ايئن ٿو ڪيان اڳتي الله مالڪ آهي.“ آڪاش ڪريم سان سهمت ٿيندي اٿيو ۽ تيار ٿي آفيس ڏي روانو ٿيو.