14
”آڪاش هيڏانهن اچ!“ لائبريري جي دروازي وٽ بيٺل پِرهه آڪاش کي ڏسندي ئي کيس سَڏ ڪندي چيو.
”ڇو ڪهڙو ڪم آهي؟“ آڪاش کائنس سوال ڪندي پڇيو.
”اچ ته سهي، اڄ ٽيسٽ آهي، گڏجي اٽينڊ ٿا ڪريون.“ پِرهه وارن جون چڳون ڪن جي پويان واريندي چيو.
”چري آهين ڇا؟ آئون ڀلان ڪيئن ٿو ٽيسٽ ۾ گڏ ويهي سگهان؟ مون کي سڏي دڙڪا کارائڻ جو ارادو آهي ڇا؟“ آڪاش کيس جواب ڏيندي چيو.
”پِرهه کان ٽهڪ نڪري ويو، هوءَ کلندي هئي ته فضا ۾ سندس مرڪن جا پوپٽ اڏري پوندا هئا. ماحول سندس مرڪن جي خوشبوئن سان معطر ٿي پوندو هو. ٿڪل احساسن ۾ نوان خيال جنم وٺي پوندا هئا. لڳندو هو جهڙوڪر زندگي نئون جنم ورتو هجي. سندس مرڪن مالهائون پائڻ لاءِ هرڪو ئي آتو ويٺو هوندو هو.
”اڙي يار، مذاق ٿي ڪيان، ٽيسٽ ۾ اڃان ڪجهه دير آهي، اچ، تيستائين ڪچهري ٿا ڪيون.“ پِرهه آڪاش جي وياڪلتا تي ڪوملتا مان جواب ڏيندي چيائين.
آڪاش وڌي وڃي ويجهو ٿيو ۽ لائبريري عمارت جي ٺهيل ٿَلهي جي ڏاڪڻين تي وڃي ويهي رهيا.
”تون ايڏو ڊڄڻو ڇو آهين؟“پِرهه طنز ڪندي پڇيو.
”ڊڄڻو ناهيان. پر تنهنجي سڀني دوستن جي روبرو ڪوئي پروفيسر ڪجهه چئي وجهي ته سٺو ته نٿو لڳي نه يار! بس انهي ڀرم جي ڪري ئي احتياط ٿو ڪيان.“ آڪاش کيس سمجهائيندي چيو.
”ڪنهن جي مجال آهي جو منهنجي مٺڙي کي ڪجهه چئي.“ پِرهه جهانسي جي راڻي وانگي پنهنجي ڪاوڙ جي تلوار جا وار ڪندي چيو.
”ٿڌي ٿي، ٿڌي ٿي وڏيريءَ، ڪوئي ڪجهه نه ٿو چوي. آئون صرف مثال ڏيئي رهيو هوس.“ آڪاش وراڻي ڏني.
”مثال ۾ به منهنجي مٺڙي کي ڪير به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي. مون کان بلڪل برداشت نه ٿيندو ته ڪير توکي ڪجهه چئي.“ پِرهه آڪاش جا هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙيندي چيو.
”اوڪي اوڪي، هاڻي انهي بحث کي اتي ئي ٿا ختم ڪريون. تون ٽيسٽ اٽينڊ ڪر. آئون هاڻي هلان ٿو.“ آڪاش کيس ٻيهر سمجهائيندي چيو.
انهن سيڙهين جي ڏاڪڻين تي انهن جي ملاقاتن جا ڪيترائي نشان هئا. اتي کوڙ سارا ٽهڪ وکريا پيا هئا، جيڪي انهن ٻنهي گڏجي ڏنا هئا. واعدن جون ڳٺڙيون ڀريل پيون هيون جيڪي گڏجي ٻنهي ڄڻن زندگي گذارڻ لاءِ ڪٺيون ڪيون هيون. ديوارن تي شرارتن جو عبارتون اڪريل هيون جيڪي گڏجي اڪاريون هيون. احساسن جا ڪيئي نقش چٽيا هئا، پيار جي ڪيترائي پل اتي ئي ويهي هڪ ٻئي جي نظرن ۾ نهاريندي گهاريا هئا.
”آڪاش اهي پل هڪ ڏينهن حسين يادون بڻجي ويندا، ماضي جا قصا بڻجي ويندا، اهي خوبصورت احساس پيار ڪهاڻي جو حصو بڻجي ويندا، حال ماضي بڻجي ويندو ۽ مستقبل ۾ پهچي جڏهن پٺتي ورائي ڏسنداسين ته بس انهن پيچرن تي پنهنجي يادگيرين جي قدمن جا نشان پيل هوندا، يادون، احساس، پيار، پيڙاءُ جون نشانيون اتي محبت جو آثار بڻجي پونديون ۽ انهن ئي پٽن تي ڪي ٻيا نوان جوڙا ايئن پيار جي پريت نڀائيندا رهندا.“ پِرهه هڪ اونهو ساهه کڻندي دل جي ڳالهه آڪاش کي اوريندي چيو.
آڪاش محسوس ڪيوته ڪي ڳوڙها پِرهه جي اکين جي ڪنارن تان لڙي ڳلن تي ڪري پيا هئا، جن کي ٽشوءَ سان صاف ڪندي آڪاش پِرهه جي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو.
”يقين رک وقت ڀلين ڪيئن به گذري وڃي پر پنهنجي پيار جي چڻنگ هميشه جلندي ئي رهندي ڪير به انهي کي وسائي نه ٿو سگهي. باقي اهو ته قدرت جو قانون آهي، وقت ڪنهن لاءِ به نه رڪندو آهي، پر حسين يادون هميشه تازيون رهنديون آهن.“
”پر آڪاش تون مون سان يادون نه پر حقيقت بڻجي گڏ رهجان، هميشه، هميشه جي لاءِ.“ پِرهه ويجهو ٿيندي ڪنڌ آڪاش جي ڪلهي تي لائيندي چيو.
”بلڪل! پنهنجو ساٿ هميشه لاءِ پختو آهي، جنهن کي ڪير به ٽوڙي نه ٿو سگهي، تون اجايو پريشان نه ٿيندي ڪر.“ آڪاش ساڄي ٻانهن پِرهه جي ڪلهي تي رکندي يقين ڏياريو.
”مون کي تو تي پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي ساهه کان وڌ يقين آهي.“ پِرهه آڪاش جي پيشاني چمندي چيو.
”چڱو، تون رليڪس ٿي ڪري ٽيسٽ ڏي ۽ آئون آفيس هلان ٿو، ٺيڪ آهي وري شام ملون ٿا.“ آڪاش، پِرهه کي تسليءَ ڏيندي ڏاڪڻين تان اٿيو.
”ٺيڪ آهي، پنهنجو خيال رکجان.“ پِرهه به ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڊپارٽمينٽ طرف ويندي چيو.
آڪاش پِرهه کان موڪلائي آفيس طرف نڪري آيو.