33
”ها بلڪل تون ڳالهائي وٺ ۽ جيڪر مناسب لڳي ته صورتحال کان آگاهه ڪجان ته آڪاش ڪيئن مجبوري جي حالت ۾ هِن مڱڻي لاءِ ها ڪئي آهي.“ آڪاش ڪريم کي فون تي ڳالهائڻ لاءِ اجازت ڏيندي چيو.
ڪريم فوراً ڪال ملائي پر پِرهه جو موبائل جيڪو ايڪسيڊنٽ جي ڪري ٽُٽي چڪو هو، تنهنڪري ڪال مِلي نه سگهي، سگنل جو مسئلو سمجهي ڪريم بار بار ڪال ملائي پر نمبر بند هئڻ ڪري ڪال لڳي نه سگهي. ڪريم آڪاش کي پِرهه جو نمبر مسلسل بند هجڻ بابت ٻڌايو.
نمبر بند هجڻ تي آڪاش پريشان ٿي ويو، عجيب خيال من ۾ اچڻ لڳا ته ”سندس به فون بند هو، ڪريم به فون اٽينڊ نه ڪيو ۽ مٿان وري هُن سوشل ميڊيا تي اسٽيٽس ڏٺا هوندا! الله سائين خير ڪري ڪو غلط قدم نه کنيو هجي! آهي به ڏاڍي جذباتي ۽ صورتحال کان به اڻ ڄاڻ، ۽ هُن اچانڪ جو شيون اسڪرين تي ڏٺيون هونديون هُن جو ته مون تان ويساهه ئي کڄي ويو هوندو.“
ڪافي دير جي وِسوسن بعد اچانڪ هن کي ياد آيو ته ڪينجهر يونيورسٽي جي موڪلن جي ڪري ڪراچي آيل آهي، آڪاش فوراً پنهنجو موبائل جيب مان ڪڍي آن ڪيو ۽ آن ڪندي ئي پِرهه جا ميسيجز اسڪرين تي ظاهر ٿيڻ لڳا، هن ميسيجز پڙهڻ جي بجاءِ فوراً پِرهه جي نمبر تي ڪال ڪري ٻيهر ڪنفرم ڪرڻ چاهيو پر فون ان وقت به آف هو. هُن ترت ئي ڪينجهر جي نمبر تي ڪال ڪئي.
ڪينجهر فون اٽينڊ ڪندي ئي روئي ويٺي، آڪاش جي دل جي ڌڙڪن ئي تيز ٿي ويئي، ”الله خير ڪري ڇا ٿيو ڪينجهر؟ تون روئين ڇو ٿي؟“
”آڪاش هُو آپي ....هُو آپي ...“ لفظ ڪينجهر جي نڙي ۾ اٽڪي پيا ۽ هُو ٻيهر روئڻ ويٺي.
”ڇا ٿيو پِرهه کي؟“ آڪاش ڪينجهر جي اوڌوري ڳالهه ٻڌندي ئي پريشان جي گهري ساگر ۾ ٻڏي پيو ٻيءَ پل پاڻ سنڀاليندي چيائين.”ڪينجهر ٻڌاءِ ڇا ٿيو پِرهه کي؟“
”آڪاش هُو آپي .. اي .. نه .. آپي انسٽي ٽيوٽ کان واپس آئي پئي ته سندس ڪار جو ايڪسي .... ڊنٽ ٿي ويو آهي.“ ڪينجهر زبردستي جملو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”يا الله خير! ڪيئن ايڪسيڊنٽ ٿيو؟ ڪٿي ٿيو؟ هينئر پِرهه ڪٿي آهي؟ حالت ڪيئن آهي؟.“ آڪاش هڪ ٻئي پٺيان ڪيترائي سوال ڪري ويو.
”ٽرالر سان ٽڪر ٿي، مون کي اسپتال کان فون آيو. آڪاش بابا اسلام آباد آهي اَمي ڳوٺ آهي، تو کي ڪال ڪيم تنهنجو نمبر به بند آيو، توکي ميسيج به ڪيم. آئون اسپتال پهتي آهيان. آڪاش آئون آپيءَ لاءِ ڏاڍي پريشان آهيان.“ ڪينجهر سڏڪندي سڏڪندي سموري صورتحال ٻڌائي.
”تون بلڪل به پريشان نه ٿي، آئون حيدرآباد آهيان، فوراً نڪران ٿو، جلد ئي پهچڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو.“ آڪاش کي پنهنجو فون آف ڪرڻ جي غلطي تي ڏاڍي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
”ها آڪاش پليز جلدي اچ، آئون اڪيلي ئي اسپتال ۾ آهيان، آپي ايمرجنسي ۾ آهي، مون کي ڏاڍو ڊپ پيو ٿئي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريان؟“ ڪينجهر ڳالهه ڪندي ڪندي ٻيهر ڳوڙها ڳاڙهي ويٺي.
”ڪينجهر تون بلڪل به فڪر نه ڪر، الله سائين بهتر ڪندو.“ آڪاش پنهنجا لڙڪ روڪيندي هُن کي تسليءَ ڏيندي چيو.
فون ڪٽندي ئي آڪاش ڪريم کي ڀاڪر پائي روئي ويٺو. ڪريم جنهن فون تي ڳالهيندي ڳالهه ٻڌي ورتي هئي تنهن آڪاش کي تسلي ڏيندي چيو؛ ”تون فڪر نه ڪر مالڪ سائين بهتر ڪندو. تون باقي رسمون ادا ڪر آئون هينئر ئي نڪران ٿو ڪراچي لاءِ ۽ فوراً اسپتال پهچي توکي صورتحال کان آگاهه ڪريان ٿو.“
”پيارا ايئن نه ٿيندو، تون چاچي ڪار واري کي ڪال ڪر تيستائين آئون امان کان ڪنهن بهاني سان موڪل ٿو وٺان پاڻ ٻنهي کي هينئر ئي ايمرجنسي ۾ نڪرڻو پوندو آئون پِرهه کي ايئن هن حالت ۾ ڪيئن ٿو اڪيلو ڇڏي سگهان ؟“ آڪاش ڪريم جي ڳالهه کان انڪار ڪندي چيو.
”چريو ٿيو آهين ڇا؟ هُو سامهون ڏس! چاچو، چاچي، ادي، تنهنجي منڱيندي، ۽ ان جا گهر وارا ڪيترا نه خوش پيا نظر اچن، انهن کي ايئن اڪيلو ڇڏي هليو ويندين ته انهن جي دل تي ڇا گذرندي!؟“ ڪريم سمجهائيندي چيو.
”پر ڪريم هوڏانهن پِرهه منهنجي ڪارڻ ئي موت جي بستري تي بي يار مددگار پيئي آهي. ڇا آئون ايترو ڪم ظرف ٿي وڃان جو پنهنجين خوشين خاطر کيس ايئن تنها ڇڏي ڏيان؟“ آڪاش ڪريم کي وراڻي ڏيندي چيو.
”آئون وڃان ته پيو ڪراچي، تون هتي هنن جي خوشي جو خيال رک، سمجهه ڳالهه کي.“ ڪريم ٻيهر سمجهائيندي چيو.
”ڪريم تون چئين ٿو ته پِرهه کي ايئن موت جي بستري تي ڇڏي آئون خوشين جي سيج تي ويهان!“ آڪاش جذباتي ٿيندي چيو.
”پليز آهستي آڪاش، مهمان آهن ڪنهن ٻڌي ورتو ته ڇا سوچيندا؟ توکي امڙ جي جذباتن جو به خيال رکڻو آهي، خبر آهي نه توکي هُن ڪيئن مڱڻي لاءِ ها ڪرائي هئي. سمجهه ڳالهه کي.“ ڪريم آڪاش جي ساڄي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو.
”پر ڪريم منهنجو ضمير، تنهن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟ آئون ته هانءُ ڦاڙي روئي به نه ٿو سگهان، ڪهڙي ڪيفيت آهي دل اندر جي ڇا ٻڌايان؟“ آڪاش دل تي هٿ رکندي چيو.
”پليز آڪاش هتي ڳالهين ۾ ويهڻ سان وقت خراب پيو ٿئي، مون کي اجازت ڏي ۽ تون وڃ واپس اسٽيج تي ۽ سموريون رسمون پوريون ڪري پوءِ بيشڪ جلدي نڪري اچجان.“ ڪريم ٻيهر آڪاش کي صورتحال جي نزاڪت سمجهائيندي چيو.
آڪاش هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيج طرف نهاريو ته امڙ، ادي سميت سڀئي خوشيءَ مان جهومي رهيا هئا، نه چاهيندي به آڪاش کي ڪريم جي ڳالهه تسليم ڪرڻي پيئي ۽ دل تي پٿر رکي ڪريم کي اجازت ڏني ۽ پاڻ اداس من سان واپس اسٽيج طرف آيو، صرف جسم اتي موجود هو پر ذهن ۽ دل سميت ساهه پِرهه ۾ ٽنگيو پيو هو. پاڻ تي ڏاڍي مَٺيان پئي آئي ته هيءَ سموري صورتحال سندي ڪارڻ ئي پيدا ٿي هئي. هڪ ئي خواهش هئي ته جلد مڱڻي جون رسمون مڪمل ٿين ته جيئن هُو ڪراچي نڪري سگهي.