ناول

اڌوري عشق جو اَلميو

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“
Title Cover of book اڌوري عشق جو اَلميو

10

ان ڏينهن پِرهه يونيورسٽيءَ وڃڻ بجاءِ آڪاش جي آفيس هلي آئي، الائي ڇو هُن جو من بار بار آڪاش سان ملڻ لاءِ چوندو هو، ڪنهن نه ڪنهن موقعي، بهاني سان هُو بار بار آڪاش سان ملڻ جو جتن ڪندي هئي، ڪڏهن صحافت جي موضوع تي بحث جو بهانو ته ڪڏهن وري ڪنهن موضوع تي اسٽوري پئڪيج ٺاهڻ متعلق معلومات وٺڻ بهاني هُوءَ چاهيندي هئي ته آڪاش سان ملجي، ساڻس گڏ ويهجي، گفتگو ڪجي، اهو محض سندس اخلاق جي سٺائي هئي يا دوستي جو جذبو يا دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جاڳيل پيار جي ڪا چڻنگ! جنهن بابت هُوءَ پڻ فيصلو نه ڪري سگهي هئي پر روز ڏسڻ، ملڻ، ڳالهائڻ کيس سٺو لڳندو هو. پوءِ ڪڏهن آڪاش جي گهر وارن سان ويجهڙائي ٿي وڃڻ جي ڪري گهر هلي ايندي هئي، يا ڪو بهانو ٺاهي آفيس اچي ويندي هئي نه ته فون، ميسيج ڪندي هئي ... مطلب ته کيس اها ئي طلب هوندي هئي ته آڪاش ساڻس جڙيل رهي.
”اوهه پِرهه ..! توهان اچانڪ هن وقت هتي، يونيورسٽيءَ نه ويا ڇا؟“ آڪاش پِرهه جي يونيورسٽي وقت تي آفيس اچڻ تي پڇيو.
”بس اڄ دل نه ٿي چيو يونيورسٽيءَ وڃڻ تي، سو سوچيم ته توهان سان آفيس ۾ ڪجهه موضوعن تي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪجي.“ پِرهه وراڻي ڏيندي چيو.
”ڀلين مون کي ڪو اعتراض ناهي.“ آڪاش روالونگ ڪرسي کي سڌو ڪري ويٺو.
”توهان پنهنجي ڪنهن ڪم ۾ مصروف ته نه هئا؟ توهان کي اجايو پريشان ته نه ڪيم؟“پِرهه وارن جي چَڳن کي ٺاهيندي سوال ڪندي پڇيو.
”نه نه ڪم پيا هلندا، اهي ته کٽڻا آهن ئي ڪونه.“ آڪاش بال پوائنٽ ٽيبل تي رکيل پلاسٽڪ گلاس ۾ رکندي چيو.
ڪافي دير تائين پيٽيسن ۽ چانهه جي ڪوپ تي صحافت جي موضوع تي گفتگو هلندي رهي. اچانڪ پِرهه جي من ۾ الائي ڪهڙو خيال آيو جو آڪاش ڏي متوجه ٿيندي چيائين،”آڪاش هڪڙي ڳالهه چوان؟“
”جيءُ بلڪل چئو.“ آڪاش ڪرسي ويجهي ڪندي ٻيئي هٿ ٽيبل تي رکندي چيو.
”توهان جي لهجي ۾ ڪهڙي ڪشش آهي، جو توهان جي ڳالهائڻ جو انداز مون کي توهان ڏانهن مائل ٿو ڪري ۽ الائي ڇو سٺا ٿا لڳو، توهان جي ادا ڪيل لفظن ۾ مٺاس ڀريل ٿي هجي، حياتي جي هيترن ڏينهن ۾ مون کي ڪنهن به متاثر نه ڪيو، مون کي سڀ بناوٽي لڳندو هو ڪير لفاظي جي ذريعي پنهنجي ڪوڙن احساسن کي جيتري به ڪاريگري سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، مون کي سڀ جو سڀ ڪوڙ لڳندو هو، سندس لفظن مان ڪوڙ جي باقاعده بوءَ محسوس ٿيندي هئي، پر توهان جي ڪجهه ملاقاتن جيترو متاثر ڪيو آهي، جنهن کي آئون لفظن ۾ بيان نه ٿي ڪري سگهان، توهان جا احساس مون کي ڪورا ۽ اجرا لڳندا آهن، توهان جي من ۾ مير ناهي جيڪا به ڳالهه ڪريو ٿا اها بنا ڪنهن بناوٽي لفظن ۽ جملن جي سادگي سان بيان ڪريو ٿا، جيڪا توهان جي دل جي خوبصورتي آهي.“ پِرهه آڪاش کي دل جي ڳالهه ٻڌائيندي وئي.
آڪاش جڏهن پِرهه جي اکين ۾ ڏٺو ته هن جي نيڻن ۾ معصوميت جا گلاب ٽڙيل هئا، هن جي دل جي احساسن جي ادائگي مور جي سترنگي کنڀن جهڙي دلڪش هئي، جنهن ۾ ڪا به مصنوعي ملاوٽ نه هئي، جيڪا ڳالهه سندس دل جي پڌر تي اڀري آئي سا هُن سَلي ڇڏي هئي. آڪاش جيڪو پاڻ پِرهه لاءِ اهڙا جذبات رکندو هو هن کي پڻ ساڻس ملي خوشيءَ جو احساس ٿيندو هو، پر جذبن تي قابو پائيندي هُن جي معصوم احساسن تي مسڪرائيندي چيائين؛
”اها توهان جي سچائي ۽ ڪرم نوازي آهي، باقي آئون ته گناهگار شخص آهيان. ايترو ئي چوندس ته بس عزت ڏيئي ئي عزت پائي سگهجي ٿي، هر ڪنهن سان پيار محبت سان ملجي، جي رشتو جوڙجي ته ان کي نڀائجي ۽ ادب جو دامن نه ڇڏڻ کپي.“
پِرهه کاڏيءَ هيٺ هٿ رکي آڪاش کي ٻڌي رهي هئي، کيس ايئن سامهون ڏسي، ٻڌي خوشي محسوس ٿيندي هئي. هن جي گڏ هجڻ سان هن کي زندگي جي اڻ ڏٺين خوشين جو احساس ٿيندو هو .
”پر توهان جي ڳالهائڻ ۾ اها ڪشش ضرور آهي، جو ماڻهو کي کن پل ۾ متاثر ڪري سگهي ٿي.“ پِرهه پنهنجي ڳالهه کي وزنائتي ڪندي چيو.
”هاها.... هاها ..... اهڙو ڪجهه به ناهي، بس هر ڪنهن جو احترام ڪريو، سٺو ڳالهايو ته سامهون وارو به لازمي توهان جي عزت ڪندو، باقي انسان سڀ ساڳيا آهن، ماڻهو جي زبان ئي کٽ تي ويهاريندي آهي، اها ئي پٽ تي ويهاريندي آهي. توهان جي مرضي آهي، توهان انهي زبان سان مِٺو ڳالهايو يا کارو ڳالهايو اهو توهان تي دارومدار ٿو ڪري.“ آڪاش تفصيل سان جواب ڏيندي چيو.
”ڏسو مون چيو نه، ته توهان کي پنهنجين ڳالهين جي فن سان ماڻهو کي متاثر ڪرڻ اچي ٿو.“ پِرهه وري سوال ڪيو ڄڻ سندس سوال، سوال ئي رهجي ويو هجي.
”ڇڏيو انهي ڳالهه کي ڪافي دير ٿي ويئي آهي چانهه پيتي کي، توهان ڪولڊ ڊرنڪ پيئندوءَ يا جوس.“ آڪاش ڳالهه کي مٽائيندي چيو.
”مون کي آئسڪريم سٺي لڳندي آهي.“ پِرهه وراڻي ڏيندي چيو.
”اوڪي، آئسڪريم ٿا کائون.“ آڪاش آئسڪريم وٺڻ لاءِ پٽيوالي کي سڏيو.
”درياءَ ڪنارو هجي، شام جي ٿڌڙي هير هجي، سڪون هجي، آئسڪريم هجي ۽ ساٿ ۾.“ پِرهه شرمائي جملو مڪمل ڪرڻ کان سواءِ ئي ختم ڪري ڇڏيو.
”۽ ساٿ ۾ ڇا؟“ آڪاش سوال ڪندي پڇيو.
”بس .!“ پِرهه ٻيهر حياءُ جي چادر اوڍي چهرو هٿن جي ٻڪ ۾ لڪائي ڇڏيو.
”دل ۾ ڳالهه رکڻ سان من تي بوجهه وڌندو، پنهنجن دوستن سان ڳالهه بيان ڪري ڇڏڻ کپي.“ آڪاش پِرهه جي دل جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳو.
”بس ڪوئي دل وارو ساٿي هجي، جنهن سان من اندر جون ڳالهيون اورجن، جيڪو منهنجي جذبن کي سمجهي سگهي، جنهن جا هٿ جهلي زندگي جو سفر ڪري سگهجي، ڏک سک، پيار محبت ونڊي سگهجي، بس اهڙو ڪوئي ساٿي هجي.“ ڳالهه ڪندي پِرهه جي اکين ۾ چمڪ اڀري آئي.
آڪاش چاهيو ٿي ته هُو پِرهه کي ٻڌائي ڇڏي ته اهو ساٿي جنهن جي هُن کي تلاش آهي هُو اهو ساٿي بڻجڻ لاءِ تيار آهي پر هُن سمجهيو ته ڪنهن بهتر موقعي تي دل جي ڳالهه سليندو هينئر چوڻ بهتر نه ٿيندو، سو سوچي کيس دلداري ڏيندي چيائين؛”محبت هر دل ۾ هوندي آهي، بس ڪنهن چڻنگ جي ضرورت هوندي آهي، بس ڪوئي اهڙو ملي جيڪو انهي چڻنگ کي شعلو بڻائي محبت جي باهه ٻاري. انشاالله جلدي اهڙو ڪو ساٿي توهان کي پڻ ضرور ملندو، جنهن سان ملي ڪري توهان کي پنهنجائپ جو احساس ٿيندو.“
”هتي هر ٻيو ماڻهو ٻهروپيت جي ويس ۾ ملبوس ملي ٿو، ڪوڙ ۽ دوکي جو ماسڪ پائي ٻي کي استعمال ٿو ڪري، انڪري هاڻ ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ تان اوراح ئي کڄي ويو آهي.“ پِرهه اونهو ساهه کڻندي چيو.
ايتري ۾ پٽيوالو پليٽ ۾ رکيل آئسڪريم جا ٻه ڪونَ کڻي ڪمري جو در کڙڪائيندي اندر داخل ٿيو ۽ ٽيبل تي رکي روانو ٿي ويو. آڪاش پٽيوالي پاران کڻي آيل آئسڪريم پِرهه کي ڏيندي چيو؛
”بلڪل صحيح ٿا چئو ، اعتبار شيشي مثل آهي، هڪ دفعو ٽٽي پيو ته بس ٽٽي پيو وري جڙي نه ٿو سگهي، تيئن توهان ڪنهن کي هڪ دفعو دوکو ڏيئي ڇڏيو، ته پوءِ بس دل ٽٽي ٿي پيئي پوءِ توهان کڻي سمورا سون بڻجي پئو، وفا جا مجسما بڻجي پئو پر وري اها اعتبار جي تند جڙي نٿي سگهي، جيڪا هڪ ڀيرو ٽٽي پئي.“
”ها ڪوڙ ڪپت ڪجي، سڀ معاف آهي، پر ڪڏهن به ڪنهن کي دوکو نه ڏجي، ڪنهن جي دل نه ٽوڙجي، دوکي سان انسان جيئري ئي مري ٿو وڃي.“ پِرهه جي اکڙين مان لڙڪ پنبڻيون ڀنائيندا ڀورن ڳلڙن تي ڪري پيا.
”مطلب توهان کي ڪنهن دوکو ڏنو آهي شايد.“ آڪاش پِرهه کي ٽيبل تي رکيل ٽشو باڪس مان ٽشوپيپر ڏيندي اکڙين ۾ جهاتي پائيندي چيو.
”بس،انسان جي شڪل ۾ حيوان ٿا ملن، جيڪي انسان جي نفيس جذبن سان کيڏين ٿا، ۽ مطلب پورو ٿيڻ تي ايئن زماني جي وچ ۾ اڪيلو ڇڏي هليا ٿا وڃن، اهڙن وحشي ماڻهن کي ڇا چئجي؟.“ پِرهه جي اکڙين مان لڙڪ اٻڙڪا ڏيئي وهڻ لڳا.
”ڇو اهڙو ڇا ٿيو آهي؟ مهرباني ڪري مونکي وضاحت سان ٻڌايو.“ آڪاش پِرهه کي روئڻ جي پٺيان ڪارڻ ٻڌائڻ لاءِ زور ڀريو.
”يونيورسٽيءَ ۾ مون سان گڏ هڪ منهنجو مائٽ پڙهندو هيو، جنهن سان منهنجي طبيعت ملندي هئي، بعد ۾ اسان جي مائٽن جي مرضي سان مڱڻي پڻ ٿي پر پوءِ هن جي والد ۽ منهنجي والد جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان ٿيل جهيڙي جي ڪري اسان جو رشتو پڻ ٽٽِي پيو، پر ان سموري معاملي ۾ هُن منهنجو ساٿ ڏيڻ بجاءِ الٽو مون تي تهمتون هنيون، پهرين مون سان الائي ڪهڙين وفائن جي ڳالهه ڪندو هو، پر پوءِ يڪدم ڪيئن ڦيرو کائي ويو جنهن جو تصور به نه ٿي ڪري سگهان، زماني ۾ ماڻهو ايئن ڪيئن ٿا بدلجي وڃن جو ڪجهه ڏينهن پهرين هڪڙي ڳالهه ٿا ڪن ته وري ڪجهه ڏينهن بعد مڪمل ئي موقف تبديل، اهڙا ماڻهو مون کي بدبودار لڳندا آهن مون کي نفرت آهي اهڙن ماڻهن کان. منهنجو ته ويساهه ئي کڄي ويو آهي انسانيت تان، ڀلا ان سموري معاملي ۾ منهنجو ڪهڙو قصور هو؟ جو هن مون سان اهڙي ويساهه گهاتي ڪئي.“ پِرهه جي اکين مان نير ٿر تي آيل پهريئين سانوڻ مينهن جيان وسي پيا.
”رليڪس ٿيو، پراڻين ڳالهين کي وساري ڇڏيو، زمانو ڪنهن جي ڪري بيهندو ناهي، سو توهان به ماضي جي تڪليفن کي وساري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريو.“ آڪاش ڪرسي تان اٿي کيس تسلي ڏيندو چيو.
”ها توهان صحيح ٿا چئو، مون کي الائي ڇو توهان ۾ پنهنجائپ نظر آئي تنهنڪري پنهنجي دل جي ڳالهه توهان سان اوري ويٺيس، معاف ڪجو اگر برو لڳو هجي ته .!“ پِرهه ٽشو سان اکيون صاف ڪري آڪاش سان معذرت ڪندي چيو.
آڪاش پِرهه جي ڪرسي جي پاسي ۾ رکيل ڪرسي تي ويهندي چيو؛”ڪا ڳالهه ناهي، مون کي خوشي ٿي جو توهان مون کي انهي لائق سمجهيو جو پنهنجي دل جي ڳالهه اوري. بهرحال ماضي کي وساري اڳتي وڌو.“
”بلڪل اها ئي ڪوشش آهي ته هاڻي ماضي کي ڀوائتو خواب سمجهي وساري ڇڏيان ۽ ڪڏهن به ياد نه ڪريان، پر توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي ڳالهه به ٻڌي ۽ تسلي به ڏني.“ پِرهه پهريون ڀيرو آڪاش جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو.
”هڪڙو سٺو دوست ئي ٻي دوست کي سمجهي سگهي ٿو، ڪڏهن به ڪا ڳالهه هجي، مون سان سليندي ڪڏهن به هٻڪ محسوس نه ڪجو.“ آڪاش پنهنجي هٿ تي پِرهه جي ڪومل هٿڙن جي احساسن جي ڇهاءُ کي محسوس ڪندي پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي چيو.
”توهان ڊسٽرب ته نه ٿيا نه، خواهه مخواهه توهان جو سٺو موڊ ئي خراب ٿي ويو هوندو.“ پِرهه آڪاش سان معذرت ڀري لهجي ۾ چيو.
”نه نه اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي، مون کي خوشي ٿي، جو توهان پنهنجي دل جي ڳالهه پنهنجو سمجهي ٻڌائي، توهان رليڪس ٿيو.“ آڪاش کيس وراڻي ڏيندي چيو.
”مهرباني جو توهان منهنجي من جي ڳالهه کي سمجهي.“ پِرهه آڪاش جو شڪريو ادا ڪندي چيو.
”دوستي ۾ ڪوئي مهرباني ڪوئي معذرت قبول ناهي، جسٽ رليڪس.“ آڪاش مسڪرائيندي چيو.
”مهرباني“ پِرهه ٻيهر چيو.
”وري مهرباني“ آڪاش جي جملي تي ٻنهي جي چهرن تي مُرڪ تري آئي. ”منهنجي خيال ۾ هاڻي مون کي واپس وڃڻ کپي.“ پِرهه هٿ ۾ ٻڌل گَهڙي ڏي نهاريندي چيو.
”بلڪل، جيئن توهان کي مناسب لڳي.“آڪاش پڻ وراڻيندي چيو.
”چڱو ٻيهر ملنداسين، خداحافظ.“
”الله واهي.“