ناول

اڌوري عشق جو اَلميو

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“
Title Cover of book اڌوري عشق جو اَلميو

6

ان ڏينهن آڪاش ڪئميرامين سميت ڄامشوري ۾ مادر علمي اداري جي ڪانووڪيشن کي ڪور ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي پهتو هو. ڪانووڪيشن شروع ٿيڻ ۾ ڪافي دير هئي، ان دوران هُو مختلف شاگردن سان ڪچهري ڪرڻ ۽ سندن يونيورسٽي ۾ گهاريل جوڀن ڏينهڙن جا احوال وٺڻ لڳو ته جيئن خبر کي جاندار نموني پيش ڪري سگهي. اُتي ٻن اهڙن ساٿين سان ملاقات به ٿي جيڪي هڪڙي ئي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهڻ آيا هئا، پڙهائي سان گڏ هڪ ٻئي کي پنهنجي دل ڏنائون ۽ پڙهائي ختم ڪرڻ بعد شادي ڪيائون. شاگرد جي حيثيت سان يونيورسٽي پهتا ۽ زال مڙس جي روپ ۾ ڊگري وٺڻ آيا هئا. اِهو اينگل هُن کي دلچسپ لڳو، آڪاش ڪانووڪيشن جي خبر سان گڏ انهي جوڙي جي ڪهاڻي کي پڻ ڪور ڪيو جيڪا هڪ روايتي خبر سان گڏ نواڻ هئي.
محبتن جي نگري ڄامشوري جي هنج ۾ ٺهيل سنڌ يونيورسٽي جي دوران گهاريل زندگي جي جوڀن ڏينهڙن جو سرور هڪ عجيب ڪيفيت ٿو رکي. پڙهائي دوران ڪيتريون ئي يادون پڻ حياتي جو حصو بڻجي ٿيون وڃن، جيڪي زندگي تبديل ڪرڻ جون ڪارڻ بڻجنديون آهن. پرخيز خوبصورت يادون، بي لغام وقت، دوستيون، پيار، مستيون، مذاق، رُساما، تڪرار، محبتون ۽ کوڙ ساريون حجتون ساهه سان سانڍيل هجن ٿيون. دنيا کان بي نياز يونيورسٽي لائيف جي هڪڙي پنهنجي الڳ ئي دنيا هجي ٿي، هڪ الڳ بادشاهي، جتي ڪيترائي شهزاده ۽ شهزاديون اکين ۾ محبت جا ديپ ٻارين ٿا، ته ڪي ڇڙواڳ دل لڳي ۾ ئي وقت گذارين ٿا، نتيجي کان بي پرواهه ٿي جواني جي جوش ۾ هر اها شرارت ۽ مستي ڪن ٿا، جنهن مان ٽهڪ ٻرن ٿا، مسڪراهٽون پکڙجن ٿيون ۽ پيار پسجن ٿا.
صبح ساجهر جي پهر ۾ جڏهن چاندي جي ورق جهڙا سج جا ڪِرڻا ورسٽي جي وستيءَ کي ڇُهن ٿا، ته صبح جي ٿڌڙي هير گهلڻ شروع ٿئي ٿي ۽ ماحول ۾ چوڏس سڳنڌ پکڙجي ٿي وڃي ۽ گل ٻوٽا پنهنجي خوشبوءَ سان سموري ماحول کي معطر ڪري ٿا وجهن ته ان ويلي پکيءَ مٺڙيون لاتيون لنوئندا آکيرا ڇڏين ٿا ته ٻئي پاسي يونيورسٽي جي هاسٽلن جي زندگي ۾ چرپر شروع ٿيڻ لڳي ٿي. رات دير تائين محبوب سان ڪچهريون ڪري ستل جوانيون ننڊاکڙا نيڻ ٻُوٽي آرس ڀَڃين ٿيون ۽ ڪئمپس ڏي پنڌ ساهن ٿيون. اُتي به پرين جي هوڏ ۽ لوڏ تي ٿڌا شوڪارا ڀريندا، محبوب جي ڪجل هارين اکڙين ۽ گلابي چپڙن تي دل هاري ڳڀرو واپس موٽن ٿا. وري شام ويلي جڏهن سج اولهه ڏانهن راهي ٿئي ٿو، آسمان تارن جي جڳ مڳ سان مڻيا ٽانڪيل ڪاري چادر اوڍي ٿو ته ان ويلي چنڊ جي سهائي ۾ مارئي هاسٽل جون شهزاديون پنهنجي خوابن جي شهزادن ڏي پيار جا سنيها اماڻين ٿيون، ته بوائز هاسٽل جي ڳڀرو جوانن جي دلين جو ڌڙڪو ويتر تيز ٿو ٿي وڃي. اهو سلسلو رات جي آخري پهر تائين جاري ٿو رهي جيستائين ننڊ نيڻن جي دروازن تي دستڪ نه ٿي ڏي، پوءِ جوانيون ٿڪل ٽڪل جسمن سان وڃي نندرا ديوي جي آغوش ۾ پناهه وٺن ٿيون، ۽ پرين جا خواب پسندي صبح جو سج اڀارين ٿيون.
هونئن به يونيورسٽي ۾ پنهنجي زندگي جا حسين لمحا گذاري شاگرد پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن ڏي ورن ٿا، ڪي پاڻ سان سٺيون يادون، سٺي تعليم، سٺا دوست، سٺي تربيت ساڻ انيڪ آسون ۽ اميدون کڻي ٿا وڃن ته اڳتي وڃي معاشري لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندا ته ڪي وري ٽٽل دليون، گهايل من، آليون اکيون، نامڪمل محبت جا وڍ ۽ اڻ پوري عشق جون آسون پاڻ سان کڻي پنهنجي پنڌ ڏي راهي بڻجن ٿا.
”جاني تون هِتي بيٺو آهين، آئون توکي ڪٿي ڪٿي پيو ڳوليان!، ڪيترون ڪالون ڪيون اٿم، فون ڇو نٿو کڻين؟“ ڪريم اچانڪ اچي آڪاش جي ڪلهي تي ٿڦڪي هڻندي چيو.
آڪاش سي. ايل جي سامهون بيٺو يونيورسٽي جي زندگي جا خيالي پس منظر گهڙي رهيو هو، سو اچانڪ آواز تي خيالي دنيا مان ٻاهر نڪري آيو.
”ها جاني بس اسٽوري ڪَور ڪري اچي هتي بيٺو هُئس، فون سائيلنٽ موڊَ تي رکيل هو، سوچيم توکي ڪال ٿو ڪريان، پر الائي ڪهڙي سوچن، خيالن ۾ گم ٿي ويس.“ آڪاش اونهو ساهه کڻندي چيو.
”چڱو .... هل ته ڪينٽين ڏي هلون، ڪجهه کائي وٺون، بک لڳي آهي.“ ڪريم آڪاش جي هٿ ۾ هٿ ڏيندي چيو.
”يار ڳالهه دل جي ڪئي اٿئي.“ آڪاش پيٽ تي هٿ ڦيريندي چيو.
ڪئيمرامين کي آفيس هلڻ لاءِ چئي اُهي ٻيئي ڄڻا اچي ڪينٽين پهتا، جتي يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي شاگرد دوستن سان گڏ ماني ۽ چانهه پيئڻ سان گڏ ڪچهرين، بحث مباحثن ۾ مصروف هئا، هنن به چانهه ۽ سموما ورتا.
چانهه پي ۽ سموسا کائي ٻيئي ڄڻا آڪاش جي موٽر سائيڪل تي واپس وڃي رهيا هئا، ته يونيورسٽي جو موڙ مڙندي ئي اها ساڳيءَ اڻ ڄاتل ڇوڪري جيڪا ان ڏينهن ميران شاهه روڊ تي آڪاش کي مِلي هئي، سا ڪتاب هٿ ۾ کنيل پنهنجي سهيلين ساڻ سامهون نظر آئي، کيس ٻيهر ڏسندي ئي هُن کان ساهه ڇڏائجي ويو ۽ بائيڪ سلپ ٿيندي ٿيندي بچي ويئي.
هلڪي فيروزي ڪلر جي ڪاٽن جي ڪرتي ۽ سفيد شلوار ۾ ملبوس سندر سلوڻي ڪلهي تي سفيد ڪلر جو رَئو رکيل هوس. جهڙي پاڻ سهڻي تهڙا ئي وري مٿس سينگار سندس سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا. وارن جو جهڳٽو ٺهيل جنهن تي ڪيچر لڳل هئس، جيڪو سندس سندر مُک تي ويتر سهڻو لڳو پئي. هڪڙي اڳ ئي من موهڻي ۽ سهڻي ٻيو وري وارن جون چڳون مُک تي واريل هئس، جن سندس رخسار تي کيچل ڪندي دل جلن عاشقن کي آهن ڀرڻ تي مجبور پئي ڪيو. ڪارا ڪجرارا نيڻ ايڏا ته گهرا هوس جو ڪير نگاهه کڻي ڏسي ته مجال آهي جو سندس مريد نه ٿئي، سندس نگاهن جي تاب کان شايد ئي ڪو هجي جيڪو گهايل نه ٿيو هجي. سهڻي اهڙي جهڙوڪر کير جو درياءُ سندس ئي جسم مان پار ٿي گذرندو هجي.
آڪاش پاڻ سنڀاليندي موٽرسائيڪل کي بريڪ هنيو ۽ نظرون سندس نظرن سان ملايائين ته فضائن ۾ اڻ ڄاڻ ساز جا آواز وڄڻ لڳا، هوائن ۾ بانسري جو مڌر آواز ڇِڙي پيو، ماحول ۾ سر، ساز ۽ سونهن جي جلوون جو منظر هو، ٻنهي جون نظرون هڪ ٻئيءَ سان مخاطب هيون ۽ سِڪ ۽ ڇِڪ جون اڻ چيون ڳالهيون هڪ ٻئي سان اوري رهيون هيون. ويندي ويندي اها نوخيز جواني، آڪاش ڏي مرڪن جا گلاب وکيريندي سهيلين ساڻ پاسي مان لنگهندي اڳتي گذري ويئي. سندس مرڪ ۾ زندگي جا تازا احساس موجود هئا.
”ڇوڪرا، ڇوڪرا، آرام سان ايئن ڪنهن گُل کي ڏسي آپي مان ٻاهر نڪرندين ته موٽرسائيڪل جو ايڪسيڊنٽ ڪري وجهندين!، هتي ته گلن جا باغيچا لڳا پيا آهن، ٿورو صبر کان ڪم وٺ پيارا!“ ڪريم آڪاش تي ٽوڪ ڪرڻ لڳو.
”يار ڪريم اهڙي ڳالهه ناهي!، اها ڇوڪري مون کي ڪجهه ڏينهن پهرين به ملي هئي.“ آڪاش ڪريم جي ڳالهه جي وراڻي ڏيندي چيو.
”اڇا! اهو وري ڪٿي؟“ڪريم آڪاش کان سوال ڪندي پڇيو.
”ڪجهه ڏينهن پهرين ريڊيو پاڪستان جي تقريب مان واپس موٽيس پئي ته ميران شاهه روڊ ڪراس ڪندي سامهون ملي هئي.“ آڪاش ڪريم کي ان ڏينهن جو احوال ڏيندي چيو.
”ها ٿي سگهي ٿو ان تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويندي هجي، ۽ رستي ۾ ملي ويئي هوندي .“ ڪريم شرٽ جو بٽڻ بند ڪندي آڪاش کي چيو.
”اهو ته ٺيڪ آهي پر اهڙو ڇا آهي جو هن جي ملڻ، نهارڻ ۽ مُرڪڻ تي زندگي ۾ ڄڻ بهار ٿي اچي وڃي.“ آڪاش پنهنجي ڪيفيت بيان ڪندي چيو.
”پيارا ڇوڪريءَ اسان جي ڇوڪري کي پنهنجي حسن جي ڪاڪ محل جو قيدي ته نه بڻائي ڇڏيو آهي؟.“ ڪريم آڪاش کي ٺونٺ هڻندي چيو.
”محبت کان سواءِ ته انسان اڻ پورو ئي آهي، محبت عمر، رنگ، نسل ڪٿي ٿي ڏسي. محبت ته اها ڪشش ثقل هجي ٿي جيڪا ٻن پيار ڀري دلين کي ڇڪي هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي آڻي، ڪو ا حساس ئي نٿو رهي بس انسان محبت جي محور ڏي ڌڪجندو ٿو وڃي، ۽ هڪ ٻئي جي وجود ۾ سمائجي ٿو وڃي. محبت ته دنيا جو اهو عظيم رشتو آهي جيڪو سڀني رشتن ناتن کان مٿانهون هجي ٿو، هونئن به چوندا آهن ته محبت ڪبي ناهي بس محبت ٿي ويندي آهي، ۽ پوءِ مرشد لطيف رح چواڻي ”عشق آهي نانگ خبر کاڌن کان پڇو“ جي ريت انسان پنهنجي پريت جي ريت نڀائيندي نڀائيندي پيار جي ان ديس پهچي ٿو وڃي جتي عشق جا اصول هلن ٿا، دنيا جون ريتون رسمون اتي ڪا معنيٰ نٿيون رکن بس حڪم هلي ٿو ته بس محبوب جو، جنهن ۾ محبوب راضي ....!! پيار نج، ڪورو ۽ نفيس جذبن تي مشتمل هوندو آهي، ان کي اورڻ لاءِ ڪنهن ڪاريگري جي ضرورت ناهي. عشق ۾ دانائي ڌوڙ ٿي ويندي آهي بس پويترتا ڀريا ٻه ٻول ئي محبوب جي من تي دستڪ ڏئي وجهندا آهن جيڪر ان ۾ روح جي رشتن جي ميٺاس هوندي!.“ آڪاش ڪريم کي محبت جو فلسفو سمجهائيندي چيو.
هڪ ڀيرو ٻيهر جڏهن آڪاش ان اڻ ڄاڻ ڇوڪريءَ کي ڏٺو ته الائي ڇو اڻ ڏٺا احساس اڌما کائي ٻاهر نڪتا هئا، ٻن غير رسمي ملاقاتن آڪاش جي دنيا ۾ آنڌمانڌ مچائي ڇڏي هئي. هُن کي الائي ڇو لڳو ته اهي ملاقاتون بي سبب نه هيون، جنهن جي ڪارڻ هن جي من جي بنجر زمين تي ڪي مينهن ڪڻيون بڻجي وسيون هيون جنهن مان اميدن جا ڪيترائي ٻوٽا اڀري پيا هئا.
”چڱو محبت جا ديوتا! ڇڏ فلاسافيءَ کي ۽ موٽرسائيڪل ڌيان سان هلاءِ“. ڪريم آڪاش سان مستي ڪندي چيو.
ٻنهيءَ جا ٽهڪ فضا ۾ ٻُري پيا ۽ ٻيئي ڄڻا موٽر سائيڪل تي ڳالهيون ڪندا فليٽ طرف روانا ٿي ويا.