ناول

اڌوري عشق جو اَلميو

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“
Title Cover of book اڌوري عشق جو اَلميو

15

”آڪاش ..! اگر آفيس ڪم ۾ ڪم نه هجي ته ٻاهر هلون؟“ شام جي وقت پِرهه آڪاش جي آفيس جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي پرس ٽيبل تي رکندي پڇيو.
”ها هڪڙي اي.ميل ڪري وٺان، بس پوءِ فري آهيان، پر پهرين اهو ٻڌاءِ ته ڇا کائيندين ڇا پيئندين.“ آڪاش ليپ ٽاپ مان نظرون هٽائي پِرهه ڏي نهاريندي ڪجهه کائڻ لاءِ پڇيو.
”في الحال ڪجهه به نه! ٻاهر ٿا هلي ڪجهه کايون.“ پِرهه وارن جي چَڳن کي ٺاهيندي ڪرسي سرڪائي ويهندي چيو.
آڪاش ٻيهر ليپ ٽاپ تي خبر مڪمل ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ پِرهه ٽيبل تي وکريل مختلف ميگزينس ۽ انهي ڏينهن جي اخبارن کي اٿلائي پٿلائي هڪڙي اخبار کڻي پڙهڻ لڳي. آڪاش ڪنهن ڪنهن مهل ليپ ٽاپ مان نظرون هٽائي پِرهه ڏي ٿي نهاريو ته لڳو ٿي ته ڄڻ سندرتا جي ديويءَ آسمان تان لهي اچي سامهون ويٺي آهي، هن جون معصوم اکڙيون مڌ ڪٽورن جهڙيون نشيليون ٿي لڳيون ۽ مرڪ ته ٻانهي جيان سندس چپن جي چوکٽ تي سدائين گولي غلام ٿي بيٺي هوندي هئي، هن جي هر انداز ۾ ڪنهن الهڙ جواني جي چنچلتا هوندي هئي، جڏهن ڪنهن ڳالهه تي مرڪي پوندي هئي ته گلابي ڳلن ۾ پوندڙ چُڳهه سندس جواني کي ويتر نکاري ڇڏيندا هئا.
پِرهه اچانڪ اخبار مان نظرون هٽائي آڪاش ڏي نهاري سڪون محسوس ڪيو ۽ اکيون پوري خاموشي سان اندر جي احساسن کي ڀاسڻ لڳي ته روح جي سڪونيت جا لِيا مرڪ بڻجي چپن تي تري آيا. هُن آڪاش ڏي ٻيهر ڏسي اطمينان محسوس ڪيو ته سندس تتل صحراءِ جهڙي زندگي ۾ هُو ٿڌو ڇانوَرو بڻجي آيو هو، هُن جي اڻ ترتيب ۽ وکريل جيون ۾ محبت جو واس واسڻ وارو ۽ کيس پيار جي پريت ۾ وفا جا وچن نڀائڻ وارو هو.
آڪاش جو نظرون کڻي نهاريو ته پِرهه کيس ئي نهاري مرڪي رهي هئي، آڪاش اکين جي ڇپرن کي مٿي ڪري اشارو سان پڇيائين.”ڇا ٿي سوچين؟.“
پِرهه ڪنڌ لوڏي انڪار ۾ جواب ڏيندي چيائين.”ڪجهه به نه.“ ۽ هلڪي مرڪ مرڪي ڌيان هٽائڻ لاءِ ٻيهر اخبار پڙهڻ ۾ لڳي ويئي.
ڪافي وقت جي خاموشي جي بيٺل پاڻي ۾ لفظن جا گُل اڇلائيندي آڪاش پِرهه ڏي نهاريندي چيو.”جي مٺڙي، هاڻي حڪم ڪر. آءِ ايم فِري نائو.“
”ويري گُڊ، پوءِ اٿ ته هلون.“ پِرهه اخبار کي ٽيبل تي رکندي چيو.
”هڪ ڪپ چانهه پي پوءِ هلون.!“ آڪاش رِوالونگ چيئر تي سستي مان پوئتي ليٽندي ٻنهي هٿن جي آڱرين کي مٿي کڻي پاڻ ۾ ملائيندي چيو.
”جي نه! دير ٿي ويندي جناب! اٿ ته هلون.“ پِرهه سختي سان انڪار ڪندي چيو.
”اوڪي سهڻا سائين، جيڪو حڪم.“ آڪاش ٻيهر ڪرسي تي سڌو ٿي ويٺو ۽ ليپ ٽاپ آف ڪرڻ لڳو.
”ڪيڏانهن هلجي؟“ آڪاش ڪرسي تان اٿندي ٽيبل تي پيل موبائل کيسي ۾ رکندي سوال ڪيو.
”آئون بابا جي ڪار کڻي آئي آهيان، المنظر ڏي ٿا هلون.“ پِرهه پرس ڪلهي ۾ لٽڪائيندي چيو.
”المنظر ڏي ڇو ؟ ٻي ڪٿي هلجي.“ آڪاش ٻاهر نڪرندي چيو.
”مون کي درياءَ جي ڪپ تي ويهڻ سٺو لڳندو آهي.“ پِرهه آڪاش ڏي نهاريندي چيو.
”بس درياءَ ئي سٺو لڳندو آهي يا ٻيو ڪير به.“ آڪاش شرارت واري انداز ۾ پڇيو.
”هاهاهاهاها، ڏاڍو شرارتي آهين.“ پِرهه ساڄي هٿ سان آڪاش جي کاٻي ڪلهي کي ٿڦڪيءَ هڻندي چيو.
ٻيئي ڄڻا ڪار چڙهي المنظر طرف روانا ٿيا. رستي ۾ هلندي ڪار ۾ لڳل سي.ڊي پليئر جو آواز وڌائيندي پِرهه پڇيو.”ميوزڪ ٻڌندو آهين يا نه؟.“
”بيشڪ! موسيقي کان سواءِ انسان اڌورو آهي، موسيقي روح جي غذا آهي.“ آڪاش وراڻي ڏيندي چيو.
”تو اس طرح سي ميري زندگي مين شامل هي“ سي.ڊي پليئر تي هلندڙ گاني تي پِرهه آڪاش ڏي نهاري مسڪرائيندي چيو.”اهو ڪلام توکي ڊيڊيڪيٽ ٿي ڪيان.“
”اوهه! ٿينڪ يُو.“ آڪاش موٽ ۾ مرڪون ارپيندي چيو.
”چونڊ ڀلين ٿورڙي ڇو نه هجي پر بهترين هجڻ کپي، جيڪا دل ڇُهي! ڇا خيال آهي؟“ پِرهه آڪاش کان پڇندي چيو.
”بلڪل انهي ۾ ڪو شڪ ناهي، ماڻهو ڪيڏو به ٿڪل ٽٽل ڇونه هجي، پر موسيقي ٻڌڻ سان ماڻهو جا سمورا ٿڪ لهي ٿا پون. دل ۾ زندگي جيئڻ جا تازا احساس جاڳي ٿا پون.“ آڪاش هاڪار ۾ جواب ڏيندي چيو.
”مون سان گڏ هلندي هاڻي ڳالهائي به سٺو ٿو وڃين. اِمپريسِوَ!.“ پِرهه آڪاش سان مستي ڪندي چيو.
”ها....ها....ها! تنهنجي مهرباني جو ڳالهائڻ سيکاريو.“آڪاش ٽهڪ ڏيندي چيو.
اهڙي جواب تي پِرهه پڻ مُرڪي پيئي.
ڪجهه دير بعد ڪار المنظر وٽ پهتي. سج سڄي ڏينهن جي ٿڪ مان ڪَر موڙي آرام ڪرڻ لاءِ اُلهي رهيو هو ۽ هلڪي ڳاڙهي شفق اڀ جي بدن تي ڪنهن ڪنوار جي لباس جيان اوڍيل هئي ۽ درياءُ ڪنهن ڪنواري ڪنياءَ جيان جواني جي مستيءَ وانگي کيچل ڪري رهيو هو، ملاح هڪ هڪ ڪري ٻيڙيون ڪنارن سان بيهاري گهر ڏي روانا ٿي رهيا هئا، آسمان ۾ رکي رکي ڪنهن وقت پکين جو ولر پنهنجي آکيرن ڏي راهي ٿيندو نظر آيو ٿي.
ٻيئي ڄڻا ڪار مان لهي اچي هوٽلن جي رکيل بئنچن مان هڪڙي بئنچ تي درياءَ منهن ڪري ويهي رهيا، درياءُ جي لهرن ۾ اهڙي رڌم هئي ڄڻ ڪو موسيقار سرندي جي تارن کي ڇيڙي رهيو هو، جنهن مان پيدا ٿيندڙ ساز من کي مسرت ڪندڙ هئا جنهن کي ٻيئي ڄڻا بلڪل خاموشي ۽ سڪون سان محسوس ڪري رهيا هئا. شام جي پهر جي گُهلندڙ هير ۽ هلڪي ميرانجهڙي روشني جا درياءُ جي پاڻي تي پوندڙ عڪس ماحول ۾ پڻ پيار جو لهرون پيدا ڪرڻ شروع ڪيون.
پِرهه آڪاش جي ويجهو ٿيندي پنھنجو منھن ھن جي منھن جي ويجهو آندو، ٻيئي هٿ هُن جي هٿن جي آڱرين ۾ ڀڪوڙي ڇڏيا ۽ هڪ ٻئي کي نيڻن جي ٻيڙي ۾ چاڙهي ڪيترن ئي ساعتن تائين پيار جي درياءُ جو سير ڪندا رهيا پوءِ پِرهه پنهنجو چهروآڪاش جي کاٻي ڪلھي ۾ لڪائي ڇڏيائين، ڪجهه سوچي ڪنڌ مٿي کڻي پنهنجو ساڄو هٿ ورائي آڪاش جي چيلهه ڏانهن سرڪائيندي گلابي چپن جا ڪيترائي چٽ آڪاش جي ڳل تي چٽي ڇڏيائين.
المنظر جي انهي حسين شام جي نفاست جي وهڪري ۾ وهندي آڪاش پنهنجي کاٻي ٻانهن ورائي سندس نازڪ چيلهه ڏانهن سرڪائيندي سندس گرم جسم جي احساسن کي محسوس ڪرڻ لاءِ چپن تي چپ رکي ڪيتري ئي دير محبت جا اڻ مٽ نشان ڇڏيندو رهيو.
”پِرهه!“ آڪاش چپن کي چپن جي جُنبش مان آزاد ڪندي چيو.
”ها چئو.“ پِرهه رخسار تي لهي آيل وارن جي چڳن کي ڪن جي پٺيان ڪندي پنهنجو ڳل ۽ ڪن سندس ويجهو ڪندي چيو.
”پِرهه جيڪر تون منهنجي زندگي ۾ نه اچين ها ته هوند آئون اڌورو ئي رهجي وڃان ها. تو اچي منهنجي حياتي جي ڪتاب جي اڌورن بابن کي مڪمل ڪيو آهي.“ آڪاش کيس پنهنجي دل جي ڳالهه سليندي چيائين.
”سَچ!“ پِرهه خوشي مان ڪنڌ کي وراڪو ڏيئي کليل وارن کي آڪاش جي چهري ڏانهن اڇلائيندي پوئتي ڪري ڇڏيائين.
آڪاش پاڻ ڏي لڙي آيل کليل زُلفن جي واس ۾ واسجي ويو ۽ اکيون بند ڪري سندن خوشبوءَ کي محسوس ڪندو رهيو.
”بلڪل سچ!“ آڪاش پِرهه جا ٻيئي هٿ پنهنجي اکين تي رکندي چيائين.
”توتي پاڻ کان وڌ اعتبار آهي.“ پِرهه اکين تان هٿ هٽائي پنهنجي ساڄي هٿ سان آڪاش جي نڪ کي پٽيندي چيائين.
آڪاش کاٻي ٻانهن ورائي پِرهه جي ڪلهي تي رکندي ساڄي هٿ سان ڦوهه جواني جي مستي ۾ سينو چيري اڀري آيل حصن کي ڇهندي پِرهه جي ريشمي ڳلن کي پنهنجي زبان سان سلهائيندي سونا جُهمڪا پاتل ڪن تان وارن کي هٽائيندي ڪا سرگوشي ڪئي.جنهن تي پِرهه شرمائي پنهنجي چهري کي پنهنجي هٿن جي ڪٽوري ۾ لڪائي ڇڏيو.
آڪاش ٻنهي هٿن مان سندس ڪومل چهرو آجو ڪندي اکين ئي اکين ۾ کائنس سرگوشي جو جواب پڇيو. ۽ پِرهه اکين جي پلڪن کي واري هاڪار ۾ جواب ڏنو.
جنهن تي ٻيئي ڄڻا هٿ هٿن ۾ ڏيئي اٿيا ۽ ڪنهن پيار جي نگري ڏي روانا ٿي ويا.