30
ايتري ۾ موبائل جي گهنٽي وڳي ۽ سامهون ڪال تي پِرهه هُئي.
هُن نه چاهيندي به فون اٽينڊ ڪيو ۽ دل کي آٿت ڏيندي ٽٽل ڦٽل لفظن کي گڏ ڪري جواب ڏنائين ”هي ي ل و .....“
”هيلو آڪاش ڪيئن آهين؟ ڪٿي آهين؟“ پِرهه سوال ڪندي پڇيو.
”بس ٺِيڪ ئي آهيان، آفيس ۾ آهيان.“ نه چاهيندي به سڀ خيريت جو حال ٻڌائيندي آڪاش چيو؛ پر پِرهه کي جواب مان تسلي نه ملي سگهي ۽ هُن کي محسوس ٿيو ته آڪاش صحيح نموني نه پيو ڳالهائي جيئن مذاق مستي ۾ ڳالهائيندو آهي.
”تنهنجي آواز مان لڳي پيو ته تنهنجي طبيعت صحيح نه آهي.“ پِرهه سوال ڪندي پڇيو.
”نه نه طبيعت صحيح ئي آهي، بس رات دير سان سمهڻ ۽ صبح دير سان اٿڻ ڪري ٿورو مٿي ۾ سور ٿي پيو آهي، باقي خير ئي آهي.“ آڪاش ڳالهه کي ٺاهيندي چيو.
”آئون اوستائين مطمعن نه ٿينديس، جيستائين توکي روبرو نه ڏسنديس، آئون آفيس اچان ٿي.“ پِرهه جواب ڏيندي چيو.
”نه نه آفيس اچڻ جي ضرورت ناهي، هتي آئون ڪم ۾ مصروف آهيان، باقي مٿي جي سور جي گوري گهرائي ٿو وٺان.“ آڪاش پِرهه کي تسلي ڏيندي چيو.
”ڪوئي ضرورت ناهي گوري گهُرائڻ جي، آئون اچان ٿي پاڻ پنهنجي هٿن سان گوري کارائينديس تڏهن ئي من کي سڪون ملندو.“ پِرهه آڪاش تي واضح ڪندي چيو.
”پر آفيس جي وقت تي ڪٿي ايندئين؟“ آڪاش ٻيهر منع ڪندي چيو.
”ڇو هُن نڀاڳي منع ڪئي آهي ڇا اچڻ کان؟ آفيس ۾ ڪير ڪنهن جو رشتيدار ملڻ لاءِ نه ٿو اچي سگهي ڇا؟“ پِرهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو.
”هن معاملي ۾ هُو ويچاري ڪٿان آئي وچ ۾، تون به عجيب آهين. آڪاش پِرهه کي وراڻي ڏيندي چيو.
”پوءِ منع ڇو ٿو ڪرين؟“ پِرهه سوال ڪندي چيو.
”چڱو آفيس جي پاسي ۾ جيڪو ڪافي شاپ آهي اتي اچ ته ويهي ڪافي به پيئون ٿا ۽ ڳالهايون ٿا.“ آڪاش پِرهه کي جواب ڏيندي چيو.
”ڳالهايون ٿا مطلب؟ ڪجهه چوڻو آهي؟ ڪا ڳالهه ڪرڻي آهي؟“ پِرهه آڪاش جي اهڙي جواب تي کائنس پڇيو.
”ها دراصل مون کي توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“ نيٺ آڪاش پِرهه کي سموري ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو.
”ٺيڪ آهي آئون ڪافي شاپ وٽ پهچي ڪال ڪيان ٿي.“ پِرهه جواب ڏيندي چيو.
”ٺيڪ آهي انتظار ڪيان ٿو.“ آڪاش جواب ڏيندي چيو.
ڪجهه ئي دير بعد پِرهه ڪافي شاپ پهتي جتي آڪاش سندس انتظار ڪري رهيو هو.
”آڪاش خير ته آهي؟ ڇا ڳالهائڻو آهي توکي مون سان؟“ پِرهه ڪافي شاپ ۾ داخل ٿيندي ئي فوراً آڪاش کان سوال ڪيو.
”اچ اندر سڪون سان ويهه ٻڌايان ٿو.“ آڪاش تسلي ڏيندي چيو.
ٻيئي ڄڻا هڪڙي پاسي رکيل ٽيبل ڀرسان ڪرسيون سرڪائي ويٺا ۽ آڪاش ڪافي جو آرڊر ڏنو.
”پِرهه اها ته توکي چڱي ريت خبر آهي ته مون توکي سچي من سان چاهيو آهي، پيار ڪيو آهي، منهنجي هر احساس ۾ تنهنجي لاءِ پيار جي پريت ۽ قرب سمايل آهي.“ آڪاش پِرهه جي ٽيبل تي رکيل هٿ تي پنهنجو هٿ رکندي چيو.
”بلڪل ان ۾ ڪهڙو شڪ آهي، پاڻ ٻيئي ٻه جسم پر هڪ جان آهيون. پر مٺڙا اچانڪ اهڙيون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين؟“ پِرهه پريشان ٿيندي چيو.
”منهنجي مٺڙي جانان! آئون زندگي جي ان ٻي واٽي تي اچي پهتو آهيان جنهن جي هڪ طرف محبت ته ٻيءَ طرف ڪجهه وجودن جي خوشي شامل آهي، جيڪر آئون پنهنجي خوشي کي پروان چڙهايان ٿو ته باقي وجودن جي خوشين جو گلو گهٽجي ٿو وڃي ۽ جيڪر انهن جي مرڪن جو خيال ٿو ڪريان ته پنهنجي محبت جي وجود کي زخمي ٿو ڪرڻو پوي. هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته آئون ڇا ڪيان؟“ آڪاش وياڪُلتا ۾ پنهنجي مجبوري پِرهه کي سڻائيندي چيو.
پِرهه کي آڪاش جي ڳجهارتن ۾ چيل ڳالهه بلڪل ئي سمجهه ۾ نه آئي ۽ پريشان ٿيندي سامهون واري ڪرسي تان اٿي آڪاش جي پاسي ۾ رکيل ڪرسي تي ويهندي چيائين.
”آئون تنهنجي ڳالهه کي سمجهي نه سگهيس، آڪاش ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ کولي ٻڌاءِ پليز!“
”پِرهه جنهن جيجل جهول ڀري مون کي اڪير مان دعائون ڏنيون آهن، جنهن جي آڱر پڪڙي مون هلڻ سکيو، ٻاتا ٻول ٻولڻ سکيا، تون ٻڌائي ان جيجل کي آئون ڪيئن سمجهايان، ڀلان ان جي چهري تي آئون تڪليف جي ڪيفيت ڪيئن ٿو ڏسي سگهان. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪيان؟“ آڪاش ٻيهر پِرهه کي دل جو حال اوريندي چيو.
”آڪاش تون مسلسل ڳجهارتن ۾ ڳالهيون ڪري رهيو آهين، مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي. محبت، ممتا، جيجل ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ جيڪو به دل ۾ آهي کولي سمجهائي.“ پِرهه ٻيهر کيس سڌي ريت ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ چيو.
”پِرهه توکي ڪيئن ٻڌايان ته هڪ طرف منهنجي جيجل امڙ جو خوشيون ۽ سندس تمنائون آهن ته ٻيءَ طرف مون کي تنهنجي طرفان ارپيل محبتون پڻ اوتريون ئي عزيز آهن، منهنجي من جي ڪٻٽ ۾ تنهنجي پيار جون سموريون يادگيريون هميشه يادگار ۽ محفوظ رهنديون پئي آيون آهن، تنهنجي آڇيل چمين جا آثار سنڌوءَ جي تهذيب جيان هميشه زنده رهيا آهن، تنهنجا پيار مان پاتل ڀاڪر ان معصوم جواني جي ڪچي ننڊ مان جاڳيل نيڻن جيان خماريل رهيا آهن، تنهنجا ٽهڪ ڪنهن جواني جي آنچل ۾ ٽانڪيل ستارن جيان جڳمڳائيندا رهيا آهن.“آڪاش ٻيهر من جي احساسن کي لفظن ذريعي پِرهه کي اورڻ جي ڪوشش ڪئي.
”منهنجي محبت ۽ منهنجي امڙ، ڇا مطلب آڪاش؟ ڪجهه ٿيو آهي ڇا؟ پليز منهنجو مغز ٿو ڦاٽي هاڻي، جيڪر سڌي ڳالهه نه ڪندين ته هانوءُ ڦاٽي پوندو.“ پِرهه پريشاني مان ٻنهي هٿن سان پنهنجي مٿي کي جنجهوڙيندي چيو.
”تنهنجي زندگي ۾ مس مس خوشين جا گلاب کِڙيا هئا، مون کي خوف ٿو ٿئي ته منهنجي ڪري اهي سمورا گل خزان جي موسم ۾ پيلي پن جيان ڇڻي نه پون! تنهنجون مرڪون منهنجي ڪارڻ کسجي نه پون! پِرهه آئون تنهنجو گناهگار ٿي پوندس.“ آڪاش مايوسي واري ڪيفيت ۾ ڳالهه اوريندي چيو.
”آڪاش هيءُ اچانڪ ڪهڙيون پيو منفي ڳالهيون ڪرين، منهنجو هانءُ ٿو ڦاٽي، آئون روئي پونديس، پليز ڇا ٿيو آهي؟ مون کي ٻڌاءِ نه پليز. امڙ ڇا چيو آهي؟ تون اهڙيون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين؟“ پِرهه جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.
”پِرهه پليز روءَ نه، اهو پبلڪ پليس آهي. اڃان اهڙو ڪجهه به نه ٿيو آهي، پر ..!“ آڪاش ڳالهه ڪندي وري رڪجي پيو.
”پر ڇا آڪاش ٻڌاءِ نه ڳالهه ڇا آهي؟“ پِرهه آڪاش جي هٿ کي پنهنجي هٿن ۾ پڪڙيندي چيو.
”پِرهه امان منهنجي لاءِ ڪا ڇوڪريءَ پسند ڪئي آهي، جنهن جي تصوير اماڻي آهي.“ آڪاش موبائل جي اسڪرين تي تصوير پِرهه کي ڏيکاريندي چيو.
”مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن تون مون کي اڪيلو ڇڏي هليو ويندين. محبت جي معاملي ۾ منهنجي حيثيت سدائين فقير جي ڦاٽل گودڙي وانگي رهي آهي جنهن ۾ ڪير ٻه چار داڻا وجهي به ٿو ته اهي ڦاٽل گودڙي مان ڪري ٿا پون. منهنجي گهر، رشتيدارن کان وٺي سدائين مون کي صرف نفرتون، طعنا ۽ ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ئي مليون آهن. تو مون کي زندگي جيئڻ جو گس ڏنو، هڪڙو اُتساهه پيدا ڪيو پر منهنجي قسمت هتي به منهنجي سامهون اچي بيٺِي. آڪاش سواءِ تنهنجي آئون ڪيڏانهن وينديئس؟“ پِرهه روئيندي ڪنڌ آڪاش جي ڪلهي سان لائيندي چيو.
”ڳالهه ته ٻڌ روءَ نه! اکيون صاف ڪر پهرين.“ آڪاش ٽيبل تي پيل ٽشو باڪس مان ٽشوپيپر ڪڍي پِرهه کي ڏيندي چيو.
”امان صرف اها ڇوڪري پنهنجي طور تي پسند ڪئي آهي، پر مون فيصلو ڪيو آهي ته اڄ آفيس کان موڪل وٺِي گهر ٿو وڃان ۽ امان کي تنهنجي ۽ منهنجي باري ۾ سڀ ٻڌايان ٿو ۽ چوان ٿو ته هُو تنهنجي گهروارن کان منهنجي لاءِ تنهنجو رشتو گهُري.“ آڪاش پِرهه کي حوصلو ڏيندي چيو.
”آڪاش جي واتان اهڙي مثبت ڳالهه ٻڌي پِرهه جيڪا منفي ڳالهيون ٻڌي انڌاري ۾ ڀٽڪندي رهي هئي تنهن کي اچانڪ روشني جا ڪرڻا ڏسڻ ۾ آيا ۽ لڙڪ اگهندي چيائين،”ڇا اهو ممڪن آهي؟“
”ها ڇو نه! امان توکي تمام گهڻو پسند ڪري ٿي، ادي پڻ سدائين تنهنجون تعريفون ڪندي رهندي آهي. آئون اڄ ئي گهر وڃي امان کي تنهنجي گهر موڪلايان ٿو تون دلجاءِ ڪر.“ آڪاش ٻيهر حوصلو ڏيندي چيو.
”آئون مالڪ سائين کان دعا ٿي گهران، باس ٿي باسيان ته مالڪ سڻائي ڪري ۽ پنهنجو رشتو سڀني کي قبول ٿي وڃي.“ پِرهه ڳوٺاڻي روايت وانگي پنهنجي چنري جي پلئه جي ڪُنڊ کي ڳنڍ ڏيندي باس باسيائين.
”بي فڪر رهه، مالڪ چڱائي ڪندو. هاڻي تون ڀلين وڃ، آئون به آفيس وڃي موڪل ٿو وٺان ۽ پوءِ گهر لاءِ نڪري ٿو پوان.“ آڪاش کيس ٻانهن کان وٺندي اٿاريندي چيو.
”چڱو ٺيڪ آهي.“ پِرهه پڻ اٿندي جواب ڏنو.
ٻيئي ڄڻا ڪافي شاپ مان نڪتا، پِرهه فليٽ ڏي رواني ٿي ۽ آڪاش موڪل وٺڻ لاءِ آفيس ڏي هليو ويو.