ناول

اڌوري عشق جو اَلميو

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“
Title Cover of book اڌوري عشق جو اَلميو

4

آڪاش ان ڏينهن ريڊيو پاڪستان ۾ رٿيل ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪري واپس موٽي رهيو هو ته ڪجهه نوجوان توڙي شاگرد ڇوڪرا، ڇوڪريون تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اچي رهيا هئا. شام جو پهر هو، سورج جا ڪرڻا پنهنجا آخري پساهه کڻي رهيا هئا، آسمان تي هلڪي شفق ڇانيل هئي، پکي آکيرن ڏي واپسي جي سفر تي گامزن هئا، ميران شاهه روڊ تي ماڻهن جي رش لڳل هئي، ڪي موٽرسائيڪل تي سوار ڇڙواڳ جوانيون، ته ڪي وري پنهنجي ٻارن ٻچن سان گڏ گهر جي سامان وٺڻ لاءِ رش ٽوڙيندي دڪانن ڏي وڃي رهيا هئا، مطلب هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو، هُو پڻ روڊ تي هلندي هلندي موبائل فون تي مختلف واٽس ايپ گروپن ۾ آيل پيغام چيڪ ڪري رهيو هو.!
ايڪسڪيوز مِي ....! اچانڪ ماڻهن جي گوڙ گمسان مان هڪڙو ڪوئل جي مٺڙي لات جهڙو پيارو آواز سندس سماعتن تائين پهتو ته هُن نظرون موبائل مان کڻي مٿي نهاريو ته سامهون هڪ نازڪ احساسن سان سرجيل ڪينجهر جهڙي جواني، جنهن مان زندگي ٿڌا ساهه کڻي رهي هئي، سندس اکڙين جي بتيلن ۾ مهاڻن جي آس جهڙيون ڪلپنائون هيون، هُن ڏانهنس نهاريندي اکڙين جي پلڪن کي جڏهن جهپٽيو هو تڏهن حياءَ جا هڙيئي رنگ وکري پيا هئا، سندس چپن جي ڪينواس تي گلابن جي پنکڙين جو واس هو، نارنگي رنگ جي ڪڙتي ۽ ڪاري رنگ جي پاجامي ۾ ملبوس هُو ڪومل مکڙي جهڙي حسين زندگي ڳاڙهي رنگ جي اسڪارف ۾ سونهن سنسار جي ديوي لڳي رهي هئي.
هُو اڻ ڄاڻ ڇوڪري جيڪو آڪاش جو ڌيان موبائل ۾ هئڻ ۽ سامهون اچڻ جي ڪري رستو ڏيڻ لاءِ چوندي رستو پار ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ۽ ويندي ويندي آڪاش ڏي نهاري مرڪُن جا سوين پوپٽ اڏاري ويئي ..!
هن جي ايئن مرڪڻ تي آڪاش جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ستل احساس جاڳي پيا هئا، حالانڪه هُن طئه ڪيو هو ته هاڻي هُو ان ڳالهين ۾ وقت نه وڃائيندو پر جذبن کي ڀلا ڪير قيد ڪري سگهيو آهي جو هُو ڪري ها؟
آڪاش فوراً سوري ڪندي رستو ڏنو، ۽ هُن جي مرڪن جي پوپٽن کي جهٽڻ جي ڪوشش ڪندي موٽ ۾ کيس به مسڪراهٽن جا موتيءَ ارپيندي تيسائين ڏسندو رهيو جيستائين هُو اڻ ڄاڻ ڇوڪري رستيءَ جي ٻي پار نڪري اکين کان اوجهل نه ٿي ويئي. هُن جي محبوباڻي مرڪ ۾ ڪا ڇِڪ ضرور هئي جيڪا آڪاش کي ڏانهس متوجه ڪري ويئي هئي. هونئن به خدا سائينءَ عورت جي اکين جي نهار، سڀاءُ ۾ چنچلتا ۽ کلڻ ۾ زندگي جا ست رنگي رنگ ۽ جوانيءَ ۾ ماڻهو جي من کي موهي وجهڻ جا ڍنگ رکيا آهن.
هُو اڻڄاتل ڇوڪريءَ آڪاش جي خوابن ۾ ايندڙ ان حسين شهزادي جهڙي لڳي هئي، جنهن جي بخملي ادائن دل جي ريشم کي الجهائي ڇڏيو هو، ڪوهه قاف جي پري انساني روپ ۾ ڌرتيءَ تي اچي لٿي هئي، جنهن ۾ سندرتا جا سمورا عڪس پئي ڇلڪيا، ۽ جڏهن هُن اکين جي ڇپر کي واريو ٿي ته حياءُ جا هڙيئي رنگ واسجي ٿي ويا ۽ وري جڏهن ڇپر کنيو ٿي ته ڪيترن ئي ڳڀرو جوانن جي هينئين ۾ کڏ ٿي پئجي ويئي ۽ اونهي ساهه سان آهه ٿي نڪتي. هُو سندرتا جي روپ جي ديوي، جنهن جا احساس ڪنهن پوڄارڻ جي ٿالهيءَ ۾ سجايل پاڪ گلن جهڙا هئا، ڪنهن معصوم ٻار جي مُرڪ مثل هئا، سنڌوءَ جي کير ڌارا جهڙا هئا، ڪاسٻي جي ڪامڻي جي ڳچي ۾ پاتل هَنسلي جهڙا هئا، مندر ۾ سنجها ويلي وڄندڙ گهنڊ جهڙا هئا جنهن جي آواز تي ڪومل ڪَنيائون آرتي جون ٿالهيون سجائي پهچنديون هيون.
ڇا هُن مون کي سڃاتو ٿي؟ جو مون ڏي نهاري هُن مسڪرايو پئي!، يا منهنجي ايئن موبائل استعمال ڪرڻ تي چٿر ته نه ڪري رهي هئي!؟ يا هُن جي مسڪراهٽ هُن جي حسن وانگي زندهه دلي جي نشاني هئي، جو ڪي ماڻهو هميشه ماڻهن سان ملندي مسڪرائيندا آهن يا اڃان ٻيو ڪو ڪارڻ هو، جو منهنجي سمجهه ۾ نه پيو اچي. خير جيڪو به هو آئون ڀلا ان تي ايترو ڇو پيو سوچيان؟
آڪاش هلڪي مسڪراهٽ چهري تي آڻي ساڄي هٿ سان پنهنجي ئي مٿيءَ جي ڪياڙي تي ٿڦڪي هنئي ۽ ٻيهر موبائيل چيڪ ڪندو اچي پنهنجيءَ پارڪ ڪيل موٽر سائيڪل وٽ پهتو ۽ آفيس طرف نڪري ويو.