5
ڪيڏو نه الميو هو جو سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ پٺاڻن جي هوٽلن ۾ اضافو ٿيندو ٿي ويو، ماڻهو ماني کڻي ڪٿي به کائي پر چانهه جي چسڪيءَ بس لالي جي هٿ جي کپي ٿي، خبر نه ڇا هو پر لالي جي چانهه جو ديوانو هرڪوئي بڻيل هو. هوٽل جي ٻاهر روڊ تي اٺ ڏهه ٽٽل ڦٽل لوهه جو ڪرسيون، جن جي اڳيان ڪاٺ جي پاون واريون ٽيبلون، جنهن تي ماربل جو پٽو چڙهيل هئس، هُو موٽرسائيڪل کي هڪڙي پاسي تي بيهاري ٻاهر رکيل ڪرسين مان هڪ تي اچي ويٺو.
ڪو وقت هوندو هو جو سنڌ جو ٻيون وڏو شهر حيدرآباد، جنهن جون محبتون ۽ خوشبوءَ ڏکڻ جي ٿڌڙي هير جيان گهلنديون هيون، شهر جا روڊ، رستا انتهائي ويڪرا، هر طرف وڻڪاري، ساوڪ، گاڏين جي رش تمام گهٽ، زندگيءَ جي هلچل معمول جيان، ڇا ته دل لڀائيندڙ، من کي سڪون ڏيندڙ نظارا هوندا هئا، سنڌ جي جياپيءَ جي درياءَ سنڌوءَ جي ڪپ تي آباد ٿڌين هوائن جي هن شهر جي سونهن ۽ تعريف تاريخ جي ورقن ۾ تمام پراڻي ملي ٿي، هن شهر جي سونهن، پرين جي وستيءَ جي محلن، ماڙين جي بالڪونين مان حُسن ۽ نينهن سانوڻي جي مينهن ڪڻين جيان برسي پوندو هو ۽ حُسن جو هڳاءُ سموري ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندو هو ۽ پيار ڀرين دلين مان آهه بڻجي اڀرندو هو. هيراآباد جا خوبصورت ۽ صاف ڪشادا ويڪرا رستا، گهٽيون، چؤنڪ ۽ چوراها به محبتن سان آجيان ڪندي نه ٿڪبا هئا، تاريخ جي ڪتابن ۾ اهو پڻ ملي ٿو ته انهن رستن، گهٽين، ۽ چوراهن کي گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوتو ۽ صاف ڪيو ويندو هو، جنهن باعث ڳلي ڳلي مان مان خوشبوئن جي مهڪندڙ سڳنڌ پئي ايندي هئي ته وري رات جو وشال آڪاش تي تارن جي جهر مر، چوڏهين جي رات جو چنڊ جي چانڊوڪي، گهرن ۾ ڏيئن جي لاٽ ۽ ٿڌڙين هوائن جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هوندي هئي، حيدرآباد جي حُسناڪين جا اهي منظر ئي هن شهر جي سير و سياحت لاءِ ڪٿان ڪٿان جي ماڻهن کي هتي اچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا هئا، پر ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو وقت جي واڳ ڌڻين ۽ سنڌ جي ثقافت کان اڻڄاڻ انسانن هن تاريخي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي شهر سان جيڪو ناحق ويڌن ڪيو آهي، ان صورتحال جو اندازو شهر جي اُجڙيل عمارتن ۽ ٽٽل گلن جيان مرجهائجي ويل خوبصورتي مان لڳائي سگهجي ٿو، ان صورتحال جو چٽو منظر شهر جا ڀڳل ٽٽل، سوڙها ۽ گندگيءَ سان ڀريل بدبودار رستا، گهٽين، محلن، چوراهن جي ابتر صورتحال جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو، وندر لاءِ جوڙيل تفريحي ماڳن جي تباهه حاليءَ ۽ ڪمپرسي وارو حال به انهي بدحالي جو ڏيک ڏئي ٿو يا حيدرآباد جي قديم تاريخي ماڳن، جاين، ۽ آستانن جي زبون حاليءَ به انهي پيڙاءُ جي منظر ڪشي ڪري ٿي، يا شهر جي روڊن تي ڦاٿل گاڏين جي پيهه ۽ هر هنڌ ٿيل حددخلين ۽ ڌارين جي آبادڪاري مان شهر جي ماضي ۽ حال جو پتو لڳائي سگهجي ٿو.
هُو ڪنهن کي سڏ ڪري تنهن کان اڳ ئي هڪڙو ٻار جنهن جي عمر ٻارنهن کان چوڏهن سال مس هوندي، اچي سندس اڳيان ٽيبل تي پاڻي جو جڳ، گلاس رکيائين ۽ ڪلهي تان صفائي وارو ڪپڙو لاهي ٽيبل کي صاف ڪندي چانهه جو آرڊر ورتائين. ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن جي هوٽلن، گيراجن، آٽو ورڪشاپن تي اڪثر ان عمر جا ٻار مزوري ڪندي نظر ايندا جنهن کي اڪثر ”ڇوٽو“ جي نالي سان پڪاريو ويندو آهي جيڪي ڇوٽُو (ننڍڙا) پنهنجا سمورا ارمان ماري، معصوم عمر جون مستيون، جيڏن سان گڏ رانديون، پڙهائي سڀ وساري ۽ ترڪ ڪري اچي پنهنجي گهر جي وڏڙي جو ڪردار نڀائيندي نظر ايندا، سندن ئي محنت جي ڪمائي سان گهر جو گاڏو هلندو رهي ٿو.
صاحب چانهه ..! ڇوٽو جي اهڙي آواز تي هُن ان معصوم ڏي نهاريو جنهن جي اکين ۾ الائي ڪيترن اميدن جا ديپڪ ٻرڻ کان اڳ ئي اجهامي ويا هئا، سندس اکيون هن معاشري جي بي حسي تي انتهائي ڪرڀ سان نهاري رهيون هيون، وقت ۽ حالتون اگر ساٿ ڏين ها ته هُو به ڪنهن سٺي اسڪول ۾ تعليم پرائي ها، پنهنجي عمر جي دوستن سان راند کيڏي ها، هٿن ۾ ڪوپ، گلاس ۽ ڪپڙو هجڻ بجاءِ قلم، ڪتاب ۽ ٿيلهو هجن ها، پر هيءَ سڀ سماج جون اڻ برابريون هيون جنهن ۾ غريب غريب تر ۽ امير اميرتر ٿيندو ٿي ويو، غريب کي جيئڻ لاءِ ٻه ويلن جي ماني به مشڪل سان ٿي نصيب ٿي ته ٻي پاسي اميرن جا ڪتا به ڪباب کائي رهيا هئا. هڪ طرف امير مانيءَ کي هضم ڪرڻ لاءِ ڊوڙي رهيو هو ته ٻيءَ پاسي غريب ٻه ويلا مانيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوڙي رهيو هو.
هُن کي ڇوٽو جي پيڙاءَ جو احساس ان ڪري به محسوس ٿي رهيو هو جو هُو پاڻ به غريب مائٽن جو اولاد هو، غريب پيدا ٿيڻ توهان جي وس ۾ ناهي پر غريب ٿي مايوسي جي زندگي گذارڻ ته غلط آهي. هن جي مائٽن کي پاڻ محنت ڪري هن معصوم کي پڙهائڻ کپي ها، هن جي زندگي سنوارڻ کپي ها، مائٽن جي ٿوري مدد سان هيءُ ڪنهن سٺي مقام تي پهچي پيو سگهي! پر انهن ڪومل گلڙن ۽ معصومن جي نالي تي ڪروڙين روپين جا فنڊ ڳڙڪائيندڙ سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمون جيڪر پنهنجي حصي جو ٿورو گهڻو ڪم به ڪن ته هوند ڪيترائي ٻار انهي دوزخ ڀري زندگي مان آجا ٿي تعليم جهڙي زيور سان آراسته ٿي سگهن ٿا، پر انهن صاحبن کي اي. سي ڪمرن ۾ رٿيل ميٽنگن، پاور پوائنٽس تي ٺهيل پرزنٽيشنس ۽ پرڏيهي دورن مان فرصت ملي ته ڪجهه ڪم به ڪن.!
هن موضوع تي وقت ڪڍي سٺي اسٽوري ٺاهڻ کپي ۽ اداران ۾ ويٺل پيٽ سڄيل ڪامورن توڙي هٿ ٺوڪيل سماجي وڏيرن جي ضمير کي جهنجهوڙڻ کپي. چانهه جي سِپ ڀريندي سوچن جا انيڪ ڪڪر هُن جي ذهن جي آسمان تي ٺهي ۽ ڊهي رهيا هئا.
اچانڪ موبائيل جي رنگ ٽون جي آواز تي هُن جي سوچن جو سلسلو ٽٽو ۽ هن ڏٺو ته سندس دوست ڪريم ڪال ڪري رهيو هو.
”السلام عليڪم ..... وعليڪم السلام “
”آڪاش ڪٿي آهين؟“ سندس دوست ڪريم کائنس پڇيو.
”بس فيلڊ اسٽوري ڪرڻ ويو هئس، هاڻي موٽيو آهيان، اسٽاپ تي چانهه پيو پيان، اچان ٿو فليٽ تي ڪجهه دير ۾ “ آڪاش وراڻي ڏيندي چيو.
”ٺيڪ آهي جلدي اچڻ جي ڪر ته ماني گڏجي ٿا کائون.“ ڪريم کيس جواب ڏيندي چيو.
”ٺيڪ آهي پيارا، اچان ٿو.“ آڪاش وراڻي ڏيئي فون ڪٽيو.
هُن کان رهيو نه ٿيو ۽ هُن ڇوٽو کي اشاري سان سڏ ڪري وٽس اچڻ لاءِ چيو.
”تنهنجو والد ڇا ڪندو آهي تون پڙهائي ڇو نه ٿو ڪرين؟“ آڪاش سندس مٿي تي پيار مان هٿ ڦيريندي پڇيو.
”صاحب! منهنجو والد هن دنيا ۾ ناهي، گذاري ويو، امان، آئون ۽ ننڍڙي ڀيڻ آهي. گهر جي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ امان سلائي جو ڪم ڪندي آهي ۽ آئون هتي مزوري ڪندو آهيان.“ هن کان جواب ڏيندي ضبط نه ٿيو ۽ ڳوڙهو معصوم جي اکڙين جي ڪنارن کي پار ڪري وهي ويو.
آڪاش، معصوم کي ڇاتيءَ سان لائيندي دلداري ڏني ۽ پنجاهه روپيه خرچي ڏيندي چيو، ”غم نه ڪر الله سائين بهتر ڪندو.“
ڇوٽو ٻانهن جي ڪف سان اکيون صاف ڪندي خودداري ڀري لهجي ۾ چيو،”سائين جيڪر ايئن پئسه وٺڻا هجن ها ته مزوري ڪرڻ بجاءِ سامهون چوراهي تي بيهي خيرات وٺان ها پر منهنجي امڙ مون کي ”محنت ۾ ئي عظمت آهي“ جو درس ڏنو آهي، توهان جي مهرباني جو احساس ڪيو.“ ڇوٽو پئسه واپس موٽائي واپس پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو.
آڪاش کي هن جي خودداري کي ڌڪ پهچائڻ تي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ هن جي دل ۾ معصوم لاءِ پيار، عزت ۽ مرتبو اڃان ويتر وڌي ويس.
آڪاش ڪائونٽر تي چانهه جا پئسا ڏيئي موٽرسائيڪل تي فليٽ طرف روانو ٿي ويو.
ـــ