28
”آڪاش مبارڪون هجنئي. تنهنجي لاءِ مون ڪنوار ڳولي آهي، کير جهڙي اڇي اجري ۽ کنڊ جهڙي مٺڙي، لکن ۾ هڪڙي آهي. مون کي ته پسند آهي، بس ڀيڻ کي چوان ٿي تو کي تصويرون موڪلي ڏسي وٺ. گهر به سٺو آهي، ڇوڪريءَ پڙهيل لکيل آهي، انهن کي تون پسند آهين بس ڪجهه ڏينهن ۾ ڳالهيون طئه ڪري رشتو پڪو ٿي ڪريان.“آڪاش کي فون تي سندس امڙ خوشي وچان يڪ ساهي اها ڳالهه ٻڌائي ويئي.
آڪاش اچانڪ اهڙي ڳالهه ٻڌي چڪرائجي ويو هن کي سمجهه ئي نه آيو ته هُو ان ڳالهه تي ردعمل ڪهڙو ڏيکاري. جنهن خوشي ۽ مسرت وچان امڙ ڳالهه ٻڌائي ان مطابق ته هُو سموري ڳالهه ئي پڪي ڪري ويٺي هئي ۽ ٻيءَ طرف پِرهه جو خيال ايندي ئي پيشاني تي پگهر اچي ويو.
آڪاش جي زبان اچانڪ صدمي جي ڪري بندٿي ويئي هُئي. ڳالهائڻ لاءِ ڪُجهه به نه پئي مليو. بس خاموش سُڏڪاهُئا، دل کولي هينئون ڦاڙي رڙيون به نه ٿي ڪري سگهيو جو هڪ طرف آفيس جو اسٽاف هو ته ٻئي طرف فون تي خوشي مان جرڪندڙ امڙ هئي.
آڪاش!آڪاش، هيلو، هيلو آڪاش ماءُ ڪو جواب نه ٻڌي وري وري سڏڻ لڳي.
آڪاش پاڻ سنڀاليندي آليون اکيون صاف ڪيون، وکريل جذبن کي ميڙيندي چيائين.”امان اچانڪ اها ڳالهه ڪٿان نڪتي ڪالهه آئون گهر آيو هوس تڏهن ته اهڙو ڪو ذڪر ئي نه ڪيو هو اڄ اچانڪ اها ڳالهه ٻڌائي آهي.“ آڪاش ماءُ کان اچانڪ اهڙي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو.
”ڳالهه ته هڪ هفتي کان هلي پئي پر مون سوچيو هنن جي طرفان ڪا پڪ ملي تڏهن ئي توکي ٻڌايان. پاڙي واري منهنجي سهيلي جيڪا پنهنجي گهر ايندي رهندي هئي ان ئي رشتو ڪرايو آهي.“ ماءُ تفصيل ٻڌائيندي چيو.
”ٺيڪ آهي پر رشتا بس ايئن ٿورو ئي ٿيندا آهن، اڃان ڏسون پندرنهن ڏينهن مهينو صبر ڪر فوٽو ڏسان ٿو، هينئر ٿورو آفيس جي ڪم ۾ مصروف آهيان تڪڙ ڪونهي پاڻ کي، ڏسي ٿا وٺون ان رشتي کي فرصت ۾.“ آڪاش ڳالهه کي ٽاريندي چيو.
”توکي ڀلا باقي معاملن کي ڏسڻ کي ڪهڙي ضرورت آهي، تون تصوير ڏس، ڇوڪري ڏس ۽ ملي وٺ. باقي گهر ڪهڙو آهي، رشتيدار ڪهڙا آهن اهو ڏسڻ منهنجو ڪم آهي.“ ماءُ آڪاش تي زور ڀريندي چيو.
ها امان پر مون کي به فرصت ته ملي، ڏسان ٿو زندگي گذارڻ جو مسئلو آهي ان ۾ تڪڙ ناهي ڪبي.“ آڪاش ٻيهر ٿورو وقت ٽارڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
آڪاش جو امڙ جي اهڙي ڳالهه سبب هانءُ ڇڄي ڇيهون ڇيهون ٿي پيو هو. سيني ۾ درد بُلند هو، وقت ته بيشڪ تبديل ٿيندو رهندو آهي پر ايئن ايترو جلدي تبديل ٿيندو، ان جي کيس پروڙ ئي نه هئي هُن کي هاڻ اهو احساس ورائڻ لڳو ته پِرهه جو ڇا ٿيندو جنهن جو تصور ايندي رت ڀريا ڳوڙها اکين مان وهي ٿي آيا ۽ هر ڳوڙهي ۾ هُن لاءِ پُڪار هئي ته هُن جي دل تي هيءَ ڳالهه ڪنهن وڄ جيان وارڪري بس ناس ڪري وجهندي.خوف هن جي اندر ۾ لهي آيو هو ته پِرهه جو ردعمل انتهائي برداشت کان ٻاهر هوندو جيڪو هڪ ڏينهن جي وڇوڙي تي ڌرتي آسمان هڪ ڪري ٿي وجهي تنهن لاءِ هيءَ گهاءُ سينو چيرڻ برابر ٿيندو. الائي ڪيتري دير تائين انومان، انديشا، ڳوڙها، سُڏڪا سندس هم قدم رهيا.
”ڀلا آئون تنهنجي لاءِ ڪو غلط سوچينديس ڇا؟ لازمي آهي سڀئي پاسا ڏسي ڪري پوءِ ئي توکي چيو آهي.“ امڙ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو.
”او منهنجي مٺڙي امڙ، تون منهنجو سڀ ڪجهه آهين تو تڪليفون ڏسي منهنجي هر خوشي خريد ڪئي آهي تون ڀلا ڪيئن ٿي غلط فيصلو ڪري سگهين پر آئون چوان ٿو ته فون تي فيصلا نه ٿيندا آهن. ان ڪري ٿورو وقت ته ڏي ته جيئن آئون ڪو فيصلو ڪري سگهان.“ آڪاش امڙ کي دلجاءِ ڏيندي چيو.
هُن سوچيو هو ته سندس محبت جي ڪهاڻي ايئن ئي بنان ڪنهن رڪاوٽ جي حسين احساسن سان گذرندي رهندي. الائي ڪيترن ڏکن ڏاکڙن جي خزائن کان پوءِ پِرهه سندس زندگي ۾ خوشين جي بهار بڻجي آئي هئي، ڪيتري وقت کان اندر جي ويران دنيا ۾ پيار جو گهر اڏيو هو، هُن پنهنجي سمورين يادگيرين جي البم ۾ سندس ئي تصور محفوظ ڪري رکيا هئا، هميشه هن کي درپن سمجهي هُن جي اکين ۾ پنهنجي پاڻ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، هُو پنهنجي سموري ڪوشش جي باوجود به اهو سمجهي نه سگهندو هو پِرهه ڪيئن جلدي سندس پيار ڪهاڻي جو هڪ اهم ڪردار ٿي چڪي هئي. ڪنن ۾ پاتل والڙين جي جهومڻ توڙي ريشمي ٻانهن ۾ ڇن ڇن ڪندڙ چوڙين جي ڇڻڪي سان سندس اداس چهري تي مُرڪن جا رابيل ٽڙي پوندا هئا سڀ ڪجهه صحيح ئي هلي رهيو هو. پر پيار ۾ ”محبت جي تنهائي“ ئي لکيل هوندي آهي تيئن سندس ڪهاڻي ۾ اچانڪ آيل نئون موڙ هڪ درد بڻجي اڀري آيو هو، جن کي لفظن سان بيان ڪرڻ ته ممڪن ئي نه هو.
”ٺيڪ آهي ڏينهن ٻن ۾ مون کي ها ۾ ورندي ڏي سمجهي وئين.“ امڙ فيصلو ٻڌائيندي فون رکيو.
آڪاش جو ذهن چڪرائجي ويو هو، صرف ڪجهه گهڙيون پهرين سندس زندگي جا حالات ڇا هئا ۽ هڪڙي فون ڪال سندس سموريون خوشيون کَسي ورتيون هيون. حياتي ۾ هيڏا وڏا هاڃا ۽ پريشانيون به اينديون! ان جو ته انومان ئي نه هو اچانڪ هي سڀ ڇا ٿي ويو هو ۽ ڇو ٿي ويو هُو! هُو ڪهڙي دٻڻ ۾ ڦاسجي ويو هو کيس سمجهه نه پئي آيو ته هُو ڪهڙي پاسي وڃي؟ امڙ اچانڪ تڪڙ ۾ رشتو ڪٿي ۽ ڪيئن ڏٺو ۽ ڪيئن پسند ڪيو هُن کي ته ڪُجهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته هُو ڇا ڪري؟ هُو پِرهه جي محبت جي اهڙي دنيا ۾ گُم هو جو کيس اهو خبرئي نه رهي ته سِڪي جو ٻيو رُخ ائين به هوندو جيڪو سندس سمورا پيارا ڀريا احساس ئي اجاڙي ويندو. هُن ٿڌو ساهه کڻندي سوچيو.
”محبتن ۾ وڇوڙا ۽ درد اچڻ لازمي آهن ڇا؟“ هُن پاڻ کان سوال ڪيو. ”ڇا اُهي وڇوڙا محبتن جي يادن سان ايئن جڙيل هوندا آهن، جيڪي بعد ۾ طوفان بڻجي ساري دنيا اجاڙي ٿا وڃن! اهي يادون ايتريون ڏُک سان سلهاڙيل هونديون آهن ڇا؟ جيڪي ذهن جي ڪينواس تي ماضي جي گهاريل محبت ڀريل گهڙين کي ساري جيءُ جنجهوڙي ٿيون ڇڏين.“ وڇوڙي جو هڪڙو قدم ئي ڪيترو نه ڳرو هوندو آهي پر جڏهن اهي قدم گڏجي طويل پنڌ بڻجي پوندا آهن ته دل ۽ دماغ جا سموريون تارون لڏڻ لڳنديون آهن. آڪاش کي ان وقت ايئن پئي لڳو ڄڻ سندس وجود جا ڪي انگ امڪاني وڇوڙي جي ڪرڀ سبب لُڏي رهيا هئا.
آڪاش جي اندر کي ڄڻ ڪُجهه کائي رهيو هو. هڪ اڻ ڏٺو خوف هو، جيڪو کيس ڪوريئڙي جي ڄار جيان وڪوڙي رهيو هو، هڪ اڻ ڏٺو ڊپ جيڪو ڪنهن وڏي طوفان جو پيش خيمو ٿي سگهيو ٿي، ساهه منجهڻ لڳو هو، ماحول ٻوساٽيل لڳي رهيو هو، هن پاڻي جا ٻه گلاس پيتا ۽ ڪرسي تي ويهي پاڻ کي نارمل حالت ۾ آڻي ڪجهه راهه تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته جيئن ڪو وچٿرو رستو نڪري اچي ته جيئن حالتون بهتري طرف اچي سگهن جو هڪ طرف پيار هو ته ٻيءَ طرف جيجل امڙ هئي پر اهڙي ڪا به راهه نه سُجهي رهي هئي جيڪا کيس هن پيڙا مان ٻاهر ڪڍي سگهي.