9
”اهو ته اسان ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته ماس ميڊيا کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو هڪ پرنٽ ميڊيا، ٻيو اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ٽيون سوشل ميڊيا. پرنٽ ميڊيا ۾ اخبارون طاقتور ميڊيم جي حيثيت رکن ٿيون ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سئٽلائيٽ ٽي. وي چئنلن کي اهميت حاصل آهي، ۽ سوشل ميڊيا وري سڀني ميڊيائن جي ميڊيا آهي. انٽرنيٽ نه صرف خود ميڊيا آهي، پر ٻين ميڊيائن جي سهڪاري ميڊيا طور به ڪم ڪري رهيو آهي. پر عملي صحافت ڇا آهي ان بابت اگر توهان ڪجهه ٻڌائي سگهو“. پِرهه ڪافي وقت جي خاموشي کان پوءِ ميڊيا بابت ڳالهه ڇيڙيندي چيو.
”عملي صحافت تي بحث ڪرڻ کان پهرين پاڻ اهو سمجهون ته صحافت آهي ڇا؟ جائزو وٺجي ته اهو ڪٿان آيو؟ هي لفظ بنيادي طور تي عربي ٻوليءَ جو آهي. انگريزي ۾ صحافت لاءِ ”جنرلزم“ لفظ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو ٻن لفظن ”جرنل“ ۽ ”ازم“ جو مرڪب آهي. جرنل ڪاغذن جي ٿَهي کي چئبو آهي، ۽ ازم انگريزي ٻوليءَ جي هڪ پڇاڙي آهي، جيڪا فعل ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي.“ آڪاش لفظ صحافت کي تفصيل سان سمجهائيندي چيو.
”جي ها بلڪل ۽ خبر به عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪا نئين ڳالهه ۽ ڄاڻ. اخبار خبر جو جمع آهي، جنهن جي معنيٰ آهي گهڻيون خبرون يا گهڻي ڄاڻ واريون ڳالهيون.“ پِرهه پڻ ڳالهه کي وڌائيندي خبر بابت پنهنجي ڄاڻ آڪاش سان سليندي چيو.
”جي، جي، پِرهه! صحافت مان مراد ڪنهن تازي واقعي بابت مواد حاصل ڪرڻ يا موڪلڻ ۽ ان کي ايڊٽ ڪري، ڪا خبر ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچائڻ آهي. صحافت ڄاڻ، تعليم ۽ عوام کي صحيح دڳ سان لائڻ ۽ ان بابت ڏس ڏيڻ جو نالو آهي، صحافت کي سماجي علمن جو هڪ اهم ايڪو چيو ويو آهي، ۽ خبر کي ان جو لازمي جز سڏيو ويو آهي.“ آڪاش صحافت کي وڌيڪ وضاحت سان سمجهائيندي چيو.
”اهو سڀ ته ٿيوريءَ ۾ اسان پڙهيو آهي پر منهنجو بنيادي سوال ته عملي صحافت ڇا آهي؟“ پِرهه بحث کي واپس پنهنجي پهرين سوال طرف کڻي ويئي.
”جي بلڪل ان طرف ئي اچان ٿو، صحافت کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪ عملي صحافت (Professional Journalism)۽ ٻي اختياري صحافت (Personal Journalism). عملي صحافت مان مراد اها صحافت آهي جنهن لاءِ عامل صحافي ڪم ڪندا هجن ۽ اختياري صحافت مان مراد جز وقتي (Part time) هجي. جيئن توهان ماس ڪميونيڪيشن پڙهو پيا، جيڪو عملي صحافت جو هڪ بنيادي ضروري ڪورس آهي پَر پاڪستان جي حوالي سان ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي تعليم عملي زندگيءَ ۾ ڪا ايتري اثرائتي ثابت نه ٿي سگهي آهي جيتري طاقتور ملڪن ۾ آهي. انهن ملڪن ۾ زندگي جو هر شعبو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ماس ڪميونيڪيشن جي علم سان سلهاڙيل نظر اچي ٿو.“ آڪاش عملي صحافت کي وضاحت سان بيان ڪندي چيو.
ايئن بحث وڌڻ لڳندو هو، ڳالهه مان ڳالهه ۽ سوال مان سوال نڪرندو هو، منٽن جا بحث ڪلاڪن ۾ تبديل ٿي ويندا هئا، ڪتابي ۽ عملي صحافت ۾ ڪهڙو فرق هجي ٿو اهو کيس سمجهڻ ۾ اچڻ لڳو هو. هُن کي محسوس ٿيو ته ڪورس جون ڪتابي ڳالهيون برابر انسان جي صحافتي شعور کي وڌائين ٿيون، پر عملي صحافت انتهائي مشڪل ۽ ڪٺن ڪم هو. شروع وقت ۾ هُو هفتي ۾ هڪ دفعو موڪل واري ڏينهن آڪاش جي آفيس ايندي هئي، جتي هُوءَ صحافت تي پڙهيل ٿيوريءَ تي بحث ڪندي هئي ته آڪاش کيس عملي صحافت ڪيئن ٿيندي آهي ان بابت ٻڌائيندو هو. پِرهه بغير جنرلزم پڙهي صحافت ڪندڙن تي ٽوڪ ڪندي هئي ته آڪاش وري جنرلزم پڙهي به صحافت ڪري نه سگهندڙن جي نشاندهي ڪندو هو. ايئن ٽهڪن ۽ مسرتن ڀري خوشگوار ماحول ۾ اهو سلسلو جاري رهندو هو.
ٻنهي جي وچ ۾ ملاقاتن سلسلو وڌندو ويو، اڪثر موضوع صحافت هوندو هو پوءِ وقت سان گڏ موضوع بدلجڻ لڳا، ويجهڙائي وڌڻ لڳي، پهرين پِرهه ڪڏهن ڪڏهن صرف آفيس ايندي هئي پر پوءِ فيلڊ رپورٽنگ ۾ به ساڻس گڏ هلي ويندي هئي، ايئن سلسلو ملاقاتن کان دوستيءَ ۾ تبديل ٿيڻ لڳو هو. ٻيئي هڪ ٻئي تي مڪمل اعتبار ڪرڻ لڳا هئا، پنهنجو وقت وڌ کان وڌ هڪ ٻئي سان گذارڻ لڳا هئا، پنهنجا ڏک، سک، تڪليفون توڙي خوشيون هڪ ٻئي سان اورڻ لڳا هئا. هڪ ٻئي سان حجت، مذاق، مستيءَ ڪندي ٽهڪ ڏيندا هئا، ته هڪ ٻئي جي تڪليف تي ٻئي جي ڪلهي تي ڪنڌ لائي روئي به پوندا هئا. هڪ ٻئي جي تڪليف ۾ هٿ ۾ هٿ ڏيئي دوستي جو ڀرم به رکندا هئا ته خوشين جي لمحن ۾ گڏجي ٽهڪ ڏيئي مسڪرائيندا پڻ هئا.
پِرهه آڪاش سان گڏ گهر به وڃڻ لڳي، ماءُ ۽ ڀيڻ سان هن جو ناتو جڙڻ لڳو، پنهنجي گهر ڀاتين وانگي انهن سان ويهڻ، ڏک، سک جون ڳالهيون اورڻ، پنهنجائپ وارو رشتو جڙڻ لڳو هو. هُو آڪاش جي غير موجودگي ۾ سندس گهر ڀيڻ ۽ ماءُ سان ملڻ هلي ويندي هئي، سندس ڀيڻ ته سٺِي سهيلي بڻجندي پئي ويئي. پِرهه پنهنجي سڀاءُ ۽ اخلاق سان آڪاش جي گهر وارن وٽ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لڳي هئي، ايتري قدر جو آڪاش جي امڙ ته کيس ڌيءُ ڪري سڏيندي هئي ۽ پنهنجي ٻارن وانگي کيس ڀائيندي ۽ پيار ڪندي هئي. پِرهه کي به آڪاش جي گهر وارن سان ملي خوشي ٿيندي هئي، پنهنجي ماءُ جي سخت طبيعت جي باعث اها شفقت نه ملڻ ڪري پِرهه کي آڪاش جي امڙ وٽان اهو پيار ملندو هو ته پِرهه جون اکڙيون آب سان ڀرجي اينديون هيون، ته آڪاش جي امڙ کيس گَلي سان لائي پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي هئي.
آڪاش کي وري پِرهه جي روپ ۾ هڪ اهڙو ساٿي ملي ويو هو جنهن سان ملي هُو راحت محسوس ڪرڻ لڳو هو، پِرهه جي غيرموجودگي کيس کائڻ ايندي هئي، هن جي اچڻ تي زندگي ۾ بهار اچي ويندي هئي، هُن سان ملي پنهنجائپ وارو احساس جڙڻ لڳو هو، دل چوندي هئس ته بس کيس ڏسندو رهي، هُو ڳالهيندي هئي ته هُو يڪ ٽڪ کيس ڏسندو ئي رهندو هو، هُن جي ڳالهائڻ، هن جي چهري جي تاثراتن ۽ هٿن جي اشارن ۾ الائي ڪهڙي ڪشش هئس جو ٻي پاسي نظر ئي نه ويندي هئس.
اهو صرف دوستي هئي يا اڃان ڪجهه وڌيڪ، ڪڏهن ڪڏهن اهو سوال آڪاش کي منجهائي وجهندو هو، ڪنهن مهل ته سوچيندو هو ته هُو پِرهه کان پڇي ته ڇا هُن کي پڻ ايئن ئي محسوس ٿئي ٿو جيئن هُو ٿو محسوس ڪري؟، پر پوءِ فوراً اهو خوف ته هُن جي اهڙي بداخلاقي تي متان ناراض نه ٿي وڃي، ڀلين دوست جي روپ ۾ سهي پر هن جي ملڻ سان سڪون ملندو هو، خوشي ٿيندي هئي، من کي راحت ملندي. ايئن نه ٿئي جو هُن جي ڪنهن اهڙي حرڪت جي ڪري هُن جي خوشي جو سبب ئي هن کان رسي وڃي هن اهڙو جوکم کڻڻ نه ٿي گهريو.