ناول

اڌوري عشق جو اَلميو

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“
Title Cover of book اڌوري عشق جو اَلميو

12

”عورت کي مڪمل آزادي ملڻ کپي، عورت کي برابري جا حق ملڻ کپن، اسان جيڪي عورت کي ڪم تر سمجهون ٿا سا ڪم عقلي آهي. اڄ جي عورت هر شعبي ۾ مرد کان اڳتي نڪري چڪي آهي، اهڙي ڪا فيلڊ ناهي جنهن ۾ عورت پنهنجي تعليم، شعور، محنت ۽ لگن سان ڪامياب نه ٿي هجي! عورت مرداڻي سماج ۾ سوين تڪليفن ۽ رڪاوٽن جي باوجود به باوقار نموني اڳتي وڌي رهي آهي، بلڪه آئون ته چوندس ڪافي هنڌن تي هُن پنهنجي ڪارڪردگي سان مردن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. اها سوچ هاڻ ترڪ ڪرڻي پوندي ته عورت صرف گهر، ٻار ۽ بورچي خانو سنڀاليندي، عورت اهي سڀ ڪم ڪرڻ کان علاوه سماجي، سياسي، توڙي دنياوي ڪمن ڪارن ۾ پڻ پنهنجو هٿ سٺي نموني سان ونڊائي سگهي ٿي.“
عورت جي آزادي تي منعقد ڪيل تقريب دوران هڪڙي سماجي اڳواڻ جي اهڙي جذباتي بياني تي پورو ممتاز مرزا آڊيٽوريم تاڙين سان گونجي اٿيو. اهڙي مانائتي موٽ تي مقرر جذبات ۾ اچي ڊائيس تي مُڪ هڻندي پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو:
”هي مرداڻو سماج جيڪو نه ٿو چاهي ته عورت ڪامياب ٿي اڳتي اچي ۽ سندس هڪ هٽيءَ ٽُٽي پوي تنهن ڪري سدائين عورتن تي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان تهمتون لڳائي کيس بدڪردار هئڻ جا سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن ٿا ته جيئن عورت ڊڄي گهر ويهي رهي پر آئون هتي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هاڻ وقت بدلجي چڪو آهي، هي باشعور ۽ باهمت عورتن جو اڻٿڪ قافلو اڳتي نڪري چڪو آهي، شعور جي جوت جلي چڪي آهي جيڪا هاڻ وسڻ واري ناهي، بلڪه ان جوت مان جوت جلندي ويندي ۽ قافلو وڌندو ويندو.“ اسٽيج توڙي آڊيٽوريم ۾ ويٺل هر ڪنهن ٻيهر کيس تاڙيون وڄائي داد ڏنو.
آڪاش ساڻ آيل پِرهه پڻ مقرر جي اهڙي ڳالهين مان متاثر ٿي ڀرپور تاڙيون وڄائي موٽ ڏيڻ سان گڏ تعريف ڪرڻ لڳي ته ”اهڙن کليل ذهن جي مردن جي سماج کي ضرورت آهي جيڪي عورت کي برابر سمجهن ۽ وسيلا پڻ فراهم ڪن ته جيئن عورت پنهنجي علم ۽ عقل ذريعي معاشري ۾ مرد جيان اڳتي اچي سگهي ۽ هر شعبي ۾ بنان ڪنهن فرق جي ڪم ڪري سگهي. اهڙن مردن جي روشن خيالي سان معاشري ۾ عورت جي ڪردار کي تقويت ملندي.“ آڪاش پِرهه جي ڳالهين تي ڪو به ردعمل ڏيڻ بجاءِ مسڪرائي ڳالهه ٽاري ڇڏي.
عورتن جي آزادي ۽ حقن لاءِ منعقد ڪيل تقريب ۾ پڻ عورتن سان زيادتي ٿيل هئي، انهي پروگرام جي اسٽيج تي ويٺل ڇهه مهمانن مان چار مرد ۽ صرف ٻه عورتون هيون جنهن مان هڪ پروگرام منعقد ڪرائيندڙ ۽ هڪ ٻي عورت اڳواڻ هئي. جنهن مرد سماج کان شڪايت هئي انهي مردن کي مهمان خصوصي ڪري عورتن جي حقن تي ڳالهائڻ لاءِ ويهاريو ويو جيڪو عورتن سان پڻ وڏو مذاق هو. آڪاش اهڙن نمائشي پروگرامن ۾ اچڻ ئي نه چاهيندو هو پر پِرهه جي اسرار تي مجبور ٿي اچڻو پيو هو.
سڀني مقررن جي تقريرن کان پوءِ تقريب منعقد ڪرائيندڙ عورت اڳواڻ آيل سڀني مهمانن توڙي شريڪ ٿيندڙن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ”اسان کي اهڙي ئي روشن خيال سٿ جي ضرورت آهي جيڪي عورت جي ڪردار کي نه صرف ساراهين بلڪه موقعا پڻ پيدا ڪن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ عورت بغير ڪنهن خوف ۽ حراس جي هر اداري ۾ هر طبقي جي ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري سگهي. اهڙو ڪهڙو شعبو آهي جتي عورت پنهنجي عملي ڪارڪردگي نه ڏيکاري هجي، عورت سياسي، سماجي، معاشي توڙي سائنسي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ نڀايو آهي ۽ نڀائيندي پئي اچي. فاطمه جناح، محترمه شهيد بينظير ڀٽو، مڌر ٽريسا، رٿ فاءُ، ملالا يوسفزئي سميت اڻ ڳڻين عورتن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻ ملهايو آهي، ۽ اسان پڻ اهو اٽل يقين ٿا رکون ته اهو وقت پري ناهي جڏهن عورت هر ڪم جي اڳواڻي ڪندي نظر ايندي ۽ مرداڻي سماج کي ثابت ڪري ڏيکاريندي ته عورت ڪنهن به صورت مرد کان گهٽ ناهي بلڪه هُن کان وڌيڪ عقلمند آهي.“
عورت اڳواڻ جي اهڙي جوشيلي انداز ۾ خطاب تي ٻيهر واهه واهه ٿي ويئي ۽ اتي بيٺل هڪ عورت والنٽيئر ته آڊيٽوريم ۾ ويٺلن کي زوري اٿي بيهي کيس تاڙيون وڄائي داد ڏيڻ لاءِ قائل ڪيو هڪ ٻئي کي ڏسندي سڀئي اٿي بيٺا ۽ محترمه کي عورتن لاءِ مشعل راهه قرار ڏيڻ سان گڏ عظيم عورت جا خطاب ڏنا ويا ٻين شرڪت ڪندڙن سان گڏ پِرهه به انهي ڳالهه جي قائل هئي ته ميڊم عورتن لاءِ واقعي ئي هڪ مثال آهي، ڪيڏي نه بُردبار عورت آهي جيڪا ايئن سڌو سنئون مردن کي وڏي جرئت سان چئلينج ڪري ٿي، سلام آهي.
پورو ڏيڍ ڪلاڪ اڪابرن جون اهي ئي هر تقريب ۾ رٽيل ساڳيون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ جان آجي ٿي ته آڪاش ۽ پِرهه ريفريشمينٽ واري ٽيبل تان ڊسپوزل ڪوپن ۾ چانهه کڻي آڊيٽوريم کان ٻاهر نڪري اچي لان ۾ ويٺا.
لان جي سائي ڇٻر تي ويهندي پِرهه، آڪاش کان تقريب جي دوران ٿيندڙ تقريرن تي مسڪرائڻ جو سبب پڇيو.
”صرف ڳالهيون، تقريرون، نعرا، پروجيڪٽ ۽ ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ. ڇا ٻڌايان انهن مهان ماڻهن جي باري ۾؟ جيڪي اسان کي عورت جي آزادي، باشعوري ۽ ترقي بابت درس ڏيندا ٿا وتن پر اُنهن جو پنهنجين عورتن لاءِ رويو ان جي بلڪل برعڪس آهي.“ آڪاش چانهه جي سُرڪ ڀريندي چيو.
”اهو وري ڪيئن؟“ پِرهه آڪاش جي ڳالهه کي نه سمجهندي سوال ڪيو.
”اهو سماجي اڳواڻ جيڪو جذباتي انداز ۾ عورتن جي حقن تي جوشيلو خطاب ڪري رهيو هو، تنهن ٻه، ٽي سال پهرين ڪنهن شهري عورت تي موهت ٿي ٻي شادي ڪئي آهي. جيڪو سندس حق آهي انهي کان انڪار ڪونهي، پر پنهنجي پهرين گهرواري کان بغير اجازت جي شادي ڪئي آهي ۽ شهري عورت کي حق ڏيڻ ۾ ايترو مصروف آهي جو ٻي شادي کان پوءِ ڳوٺ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، بس ماهوار خرچ اماڻي ڏيندو آهي، ڇا هن جي پهرين گهرواري عورت ناهي ڇا؟ ان جا ڪي به حق ناهن ڇا؟ ان جي ٻارن جي پڙهائي، پرورش، پرگهور ڇا سندس ذميواري ناهي ڇا؟“ آڪاش خالي ٿيل ڊسپوزل ڪپ کي مروڙيندي ڪنڊ ۾ رکيل ڊسٽ بن ۾ اڇلائيندي چيو.
”اهو ته وري به هُن ٻي عورت سان شادي ڪئي آهي، پر معاشري ۾ اڄ ڪلهه اهڙا ماڻهو به آهن، جن جي نيتن جي خبر ئي نه ٿي پوي. نياڻي چئي مٿي تي هٿ رکي ڇاتيءَ ۾ نظر ٿا رکن. سعادت حسن منٽو چواڻي هن مرداڻي سماج جو مرد عورت صرف پنهنجي گهر جي عورتن کي سمجهي ٿو، باقين کي ته صرف گوشت جو ٽڪرو سمجهي ان تي ڪتي وانگر جهڙپ ڏيئي پٽي کائڻ ٿو چاهي.“ پِرهه به آڪاش سان متفق ٿيندي مراداڻي سماج جي بدنيتي تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو.
”ايئن صفا انڌير به ناهي پِرهه! جيئن ڪارِي ڏُڌي اڇو اچي ٿو، تيئن گُگهه اونداهي ۾ ڪجهه خانه بدوشن جي قافلي جون اڏول ارادا رکندڙ سورميون به ويٺيون آهن جيڪي هن وحشي سماج جي مظلوم عورت جي هر ڏک، درد تي پنهنجو علم بلند ڪنديون ٿيون وتن. بنان ڪنهن پروجيڪٽي نعرن ۽ سرپرستي جي پنهنجي وت ۽ وس آهر عورت تي ٿيندڙ هر ظلم ۽ ڏاڍ خلاف پنهنجي قلم توڙي عملي جدوجهد ذريعي لاچارن جو سهارو بڻجنديون ٿيون رهن. هُو محدود وسيلن جي باوجود به اياز جي عشق جو سفر جاري رکنديون اچن. مرداڻي سماج جا منافق رويا هميشه سندن ڪردارڪشي ڪندا ٿا وتن ۽ سندن ڪردار تي منفي تنقيد جا ڀالا چٽيندا ٿا وتن پر اهي مرشد لطيف جون سورميون بنا ڪنهن پرواهه ڪرڻ جي اڪيليون ئي اڪيليون پٿريلي راهه تي پير پٿون ڪري پڻ حق جي منزل طرف روان دوان آهن.“ آڪاش اونهو ساهه کڻندي چيو.
”بلڪل سلام آهي انهن کي، جيڪي پنهنجي هڙان توڙي وڙان نڀائي، پنهنجي عظمت ۽ جرعت سان ڏاڍ سان سينو تاڻيو ٿيو وتن.“ پِرهه پڻ آڪاش سان سهمت ٿيندي وراڻي ڏني.
”چڱو .... منهنجي خيال ۾ هاڻي هلڻ کپي، گهڻي دير ٿي وئي آهي.“ آڪاش ڇٻر تان اٿندي چيو.
”ها بلڪل، مون کي به ڪجهه نوٽس فائنل ڪرڻا آهن.“ پِرهه پرس ٻانهن ۾ لٽڪائيندي چيو.
ــــ