19
ميٽروپوليٽن سِٽي ”ڪراچي“ جي گوڙگهمسان ۽ مشيني زندگي، ماڪوڙين وانگر رينگندڙ هزارين گاڏيون ۽ ماحول کي دونهاٽيندڙ دونهون جنهن آسپاس جي ماحول سان گڏ وڏن شهرن جي ماڻهن جي ذهنن تي به دز چاڙهي ڇڏي هئي. گهڻ ماڙ عمارتون، رستن تي آويزه مختلف ڪمپنين جي شين جي وڪري ۽ مشهوري جا هولڊنگس، پينافليڪس، سگنلس تي خيرات وٺندڙ فقيرن جا جهڳٽا، هر طرف هر پاسي سهڻن گلاب جي گلن جهڙن مهڪندڙ چهرن جي آمدرفت، سهڻيون سٺيون وڏيون گاڏيون، تنهن ۾ سوار ننڍي دل وارا ماڻهو، سگنل تي ٽريفڪ پوليس وارن سان موٽرسائيڪل سوارن جا تڪرار، بس هرڪو ئي پنهنجي ڪِرت ۾ مصروف عمل هو. ڪراچي جي رستن تي اسڪول، آفيسن جي ٽائيم هئڻ جي ڪري رستي تي انتهائي گهڻي ٽريفڪ جام هئي. گاڏي ڪراچي جي ٽريفڪ جام وارو عذاب سهندي سهندي نيٺ وڃي منزل تي پهتي ۽ ٽئڪسي ڊرائيور چاچي برڪت هُن کي سندس آفيس جي مين گيٽ وٽ لاهي گاڏي آفيس پارڪنگ ۾ بيهاري.
ڪراچي جي پوش علائقي ۾ واقع سندس آفيس جو گيٽ ڳاڙهي ۽ نارنگي رنگ جي گلن جي گيٽ وَل سان سينگهاريل هو. ڪشادي مين گيٽ سان گڏ برابر ۾ ماڻهن جي آمدرفت لاءِ سنگل ڊور سائيز جو گيٽ به هو، جيڪو ڪراس ڪري هُو اندر داخل ٿيو. آفيس جي آڳنڌ ۾ قسمين قسمين جي گلن، ٻوٽن جون ڪونڊيون چوءطرف رکيل هيون، جن مان من کي معطر ڪندڙ خوشبوءَ اچي رهي هئي، اندر ايندي ئي اڱڻ ۾ بيٺل آفيس جي اسٽاف سان دعا سلام کان پوءِ هُو آفيس اندر داخل ٿيو.
هُو آفيس جو مين گلاس ڊور کولي داخل ٿيو، جيڪو ڪاريڊور ۾ کليو ٿي، ڪاريڊور جي ديوارن تي خوبصورت وال پيپر لڳل هو ۽ ڇت تي فينسي جهومر پڻ لٽڪيل هئا، ديوارن تي به شيشي جا رنگ برنگي بلب لڳل هئا، ڪاريڊور ۾ پڻ مختلف گلن جون ڪونڊيون پيل هُيون ۽ ديوارن تي لڳل خوبصورت پئنٽنگس آويزان هيون.
سامهون رِسپشنٽ چيمبر هو، جتي آفيس جي مين ٽيليفون ايڪسچينج هئي جتان سموري آفيس جو رابطو ٿيندو هو. انهي ڪائونٽر جي سامهون جو نظر پيس ته هڪڙي چيمبر ۾ رِوالونگ چيئر تي کيس هڪ خوبصورت چهرو ڏسڻ ۾ آيو، انتهائي سِلم فگر، هَلڪي برائون ڪلر جي ويس ۾ ملبوس ۾ ڀُورو رنگ، ڪارا ڊگها وار جنهن کي هن بار بار هٿ سان گسڪائي ڪن جي پويان سيٽ ڪيو ٿي ته کن پل ۾ ٻيهر اچي سندس ڳلن کي ڇُهيو ٿي، سنهڙا چپ جن تي هلڪي لپسٽڪ لڳل هئي، سمنڊ جهڙيون وشال اکڙيون جنهن کي هڪ نظر ۾ ڏسجي ته ماڻهو ان ۾ ٻڏي ئي ٻڏي.
”السلام عليڪم، واعليڪم سلام“.
هُنن هڪٻئي کي ڏٺو ۽ سلام ڪيو، پوءِ هُو اڳتي وڌي ڪاريڊور ڪراس ڪري پنهنجي باس جي روم ڏي هليو ويو. باس سان ميٽنگ مڪمل ڪري ڊيوٽي جوائن ڪرڻ لاءِ ٻاهر سينيئر رپورٽر جي ڪيبن ۾ آيو.
سَفاري سوٽ ۾ ملبوس پورو پُنو قد، رنگ جو ڀورو خوشمزاج شخص سليمان جيڪو سينيئر اسٽاف رپورٽرهو، جنهن سان هُن جي آفيس جي ڪمن ڪارن جي ڪري تمام گهڻي ويجهڙائي هئي ۽ هڪ ٻئي سان تمام گهڻو فرينڪ به هئا. وُوڊ شِيٽس ۽ اليُومينم سان ٺهيل سهڻي ڪيبن جيڪا پڻ خوبصورت وال پيپرس سان سينگهاريل هئي. شيشي جي سهڻي سينٽر ٽيبل جنهن تي ڪيترائي آفيس فائيل رکيا پيا هئا، سائيڊ ٽيبل تي ڪمپيوٽر سيٽ ۽ ٽيبل جي پاسي ۾ ٽيليفون سيٽ رکيل هو، سندس مدد لاءِ هڪ اسِسٽنٽ پڻ هو، جيڪو ساڄي پاسي ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ ۾ مصروف هو.
”مٺڙا آڪاش ڪهڙا حال احوال. اچ، اچ.“ سينيئر رپورٽر هُن کي ڪمري ۾ ايندو ڏسي اٿي ڀاڪر پائي مليو ۽ هٿ ملائي ويهڻ لاءِ چيائين.
”سائين مالڪ جا ڪرم!“ هن به جواب ۾ هٿ ملائي ڪرسي سرڪائي ويهندي چيو.
”ڇا پيئندين چانهه، گرين ٽِي يا ڪولڊ ڊرنڪ؟“ سليمان ريموٽ بيل تي ڪلڪ ڪندي پڇيو.
”چانهه پيئندس، جي ممڪن هجي ته! نه ته بس خير آ.“ هُن کيس وراڻي ڏيندي چيو.
”ها مٺا ڇو نه!“ اندر آيل پٽيوالي کي سليمان پئسا ڏيندي چيو ته ”جلدي کير ۽ بسڪيٽ وٺي آ ۽ سُٺي چانهه ٺاهي وٺ“.
”جي سائين!“ پٽيوالو پئسا وٺي روانو ٿي ويو.
”باس تو کي به بخش نه ڪيائين ٿريئي کي نيٺ ڪراچي وٺي آيو!“ سليمان مرڪندي ٻيهر ڳالهه جوڙيندي چيائين.
”ها سائين بس چوندا آهن ته ”نوڪر ڪي ته نکرا ڪي“ سو اسان کي جتي مقرر ڪن اسين حاضر! اسين ٿريا هونئن به سورن جا ڏاڍا آهيون.“ آڪاش جواب ڏيندي چيو.
”ٿر تان ياد آيو، سهڻا ڏي خبر ماروئڙن جو ديس ٿر ڪيئن آهي؟“ سينيئر رپورٽر ٿر جي صورتحال متعلق سوال ڪندي پڇيو.
”صورتحال اها ئي آهي جيڪا روز ميڊيا ۾ رپورٽ پئي ٿئي سائين! ٿر، ماروئڙا ۽ تڪليفون! بس چولِي، دامن جو ساٿ آهي، بس پيو جهان هلي، سورن جا اسين ٿريا ڏاڍا آهيون. اهي ساڳيا مسئلا، ساڳيا ڏک ڏولاوا، جيڪي ٿرين تان ٽرڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. حڪومت آهي جيڪا نعرا، جلسا ۽ واعده ڪرڻ ۾ پوري آهي ۽ خلق وري جيئي جيئي ڪرڻ ۾ پوري آهي. بس پيو جهان هلي جڏهن وڃي ڪا موءثر تبديلي اچي.“ هُن ڪرسي گسڪائي ٽيبل جي ويجهو ڪري ٻانهون ٽيبل تي رکندي چيو.
”بس پيارا! حالت هر پاسي ئي ساڳيءَ آهي، ڪراچي کي ڏس ڀلا! ميٽروپوليٽن سٽي آهي، ملڪ جو روينيو حب آهي، مِني پاڪستان آهي پر مجال آهي جو حڪمرانن کي ڪو احساس ٿئي، رستي تي ڪچرن جا ڍير، گٽر کليل، پاڻي جي کوٽ، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ مطلب مُٺ مُٺ سور سڀ ڪنهن کي آهن، بس ڪٿي سور ٿورا سَوايا آهن.“ سينيئر رپورٽر سليمان پڻ سندس ڳالهه کي وزن ڏيندي چيو.
”سائين ڏيو خبر! رِسپشنٽ ڪيبن جي سامهون چيمبر ۾ هڪ نئون چهرو پيو ڏسڻ ۾ اچي، اهو وري ڪڏهن کان؟“ ڪجهه ساهتن کان پوءِ هُن سليمان کان مُرڪندي پڇندي چيو.
”نئين رپورٽر آهي تقريبا هڪ هفتو ٿيو آهي هن کي هتي مقرر ٿيڻ کي. پهرين جيڪا رپورٽر سعديه هئي سا شادي کان پوءِ صحافتي نوڪري ڇڏي ويئي. آفيس کي في.ميل رپورٽر کي ضرورت به هئي.“ سليمان ٽيبل تي سامهون کليل فائيل تي پينسل سان ڪجهه نوٽنگ ڪندي چيو.
”صحيح، صحيح، تمام سٺو.“ هُن ڪرسي تي ٽيڪ ڏيندي چيو.
”هن ڇوڪري تازو جنرلزم پاس ڪئي آهي، في الحال انٽرنشپ تي آئي آهي، اڳتي هلي مستقل ٿي سگهي ٿي. باس پنهنجي ڪنهن دوست جي ريفرنس تي رکيو آهي.“ سليمان ٻيهر هن کي ٻڌائيندي چيو.
”صحيح، صحيح، صاحب جي هونئن به سليڪشن سٺي هوندي آهي!“ آڪاش سليمان ڏي نهاريندي معنيٰ خيز لفظن ۾ جواب ڏيندي چيو.
”هاهاها .... هاهاهاها“ ٻيئي کلي پيا.
”چڱو ڇڏ ان ڳالهه کي، بيورو چيف صاحبه سان ملاقات ٿي يا نه؟“ سليمان ڳالهه مٽائيندي چيو.
”نه فرسٽ فلورتي ويو ئي ناهيان، هاڻ وڃان ٿوميڊم تنوير ڏانهن، باس کان هاڻي فارغ ٿي سڌو توهان وٽ ئي آيو آهيان.“ آڪاش وراڻي ڏيندي چيو.
ميڊم تنوير، شهري عورت هئڻ ڪري هڪ آزاد زندگي بسر ڪندي هئي، قد جي پوري پُني ۽ سهڻي رنگ روپ، ميڪ اپ ۽ خوبصورت ويس پهرڻ جي ڪري پنهنجي اصل عمر کان ننڍي لڳندي هئي. ميڊم تنوير ڪم جي حوالي سان پنهنجي مزاج ۾ ڏاڍي سخت هوندي هئي، ڪم چور ماڻهن کان کيس سخت نفرت هئي. محنتي اسٽاف کي ڏاڍو ڀائيندي هئي ۽ سندن خيال به رکندي هئي. آڪاش سان سندس ڪم جي سچائي ۽ محنت جي ڪري وڌيڪ ذهني هم آهنگي هوندي هئي جنهن ڪري کيس وڌيڪ ترجيح ڏيندي هئي ۽ ان محنت ڪارڻ ئي کيس پروموشن ڏيئي ڪراچي اسٽيشن تي مقرر ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي هئي.
ڪجهه دير بعد ڪمري جي دروازي کلڻ جو آواز ٿيو، رِسپشنٽ ڪئبن جي سامهون چيمبر ۾ ويٺل ساڳئي ڇوڪري ڪو فائل کڻي سينيئر رپورٽر سليمان جي روم ۾ داخل ٿي هئي. وارن جي چڳن کي ڪنن پويان واريندي پنهنجي سنهڙي آواز ۾ مخاطب ٿيندي چيائين؛
”سَر هيءَ فائل وٺو، مون هن رپورٽ تي ورڪنگ مڪمل ڪري ڇڏي آهي، توهان هڪ نظر هن کي ڏسي وٺجو ته جيئن فائينل فيلڊ ورڪ ڪجي.“ هُن ڇوڪري ڪنهن نيوز اسٽوري جو فائيل سينيئر رپورٽر کي ڏيندي چيو.
جهڙي شڪل ۽ رنگ روپ جي سهڻي هئي تهڙو ئي سندس آواز دلڪش ۽ انداز دلفريب هوس. هُن جي لفظن جي ادائگي ۽ مٺاس سامهون واري کي من موهت ٿي ڪري ڇڏيو. حياءَ جا سمورا رنگ سندس چهري تي نکري ٿي پيا هن ڳالهائڻ دوران بار بار چنري جي پلئه کي هٿن سان مروڙيو پيئي ۽ وري جڏهن هيٺيئن چپ کي ڏندن ۾ ڏيئي ڀڪوڙيو ٿي ته حسن جي علامت جا سمورا دلڪش عڪس نظرن جي سامهون ٿي پسيا.
”ٺيڪ آهي آئون هن کي ڏسي ٿو وٺان.“ سليمان فائيل وٺندي چيو.
”اِرم! توهان جي هِن سان ملاقات آهي؟“ سينيئر رپورٽر، آڪاش ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”جي نه سر! پهريون ڀيرو ڏٺو آهي آفيس ۾!“ هُن ڇوڪري ناڪار ۾ وراڻي ڏيندي چيو.
”اڇا! هيءَ آڪاش صاحب آهن، حيدرآباد اسٽيشن تي رپورٽر طور ڪم ڪندا هئا، هاڻي هن کي ڪراچي اسٽيشن تي مقرر ڪيو ويو آهي، توهان کي هن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو موقعو ملندو.“ سليمان آڪاش ڏانهن هٿ سان اشارو ڪندي ارم سان مخاطب ٿيندي تعارف ڪرائيندي چيو.
”اڇا صحيح، تمام سٺو. نائيس ٽُو ميٽ يُو!“ اِرم آڪاش ڏانهن مسڪرائيندي چيو.
”ٿينڪ يُو.“ آڪاش پڻ مسڪرائيندي چپن ۾ ڀُڻڪيو.
ارم فائيل ڏيئي واپس پنهنجي نِشست ڏي موٽي ويئي.
ايتري ۾ پٽيوالو چانهه، بسڪيٽ کڻي آيو ۽ هُو چانهه پيئڻ لڳا.