ناول

اڌوري عشق جو اَلميو

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“
Title Cover of book اڌوري عشق جو اَلميو

3

صبح جو وقت هو، آسمان صاف هو، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ بادل نظر آيو ٿي ۽ سج پنهنجي گرمي جا هلڪا هلڪا پر پکيڙي رهيو هو، آسمان ۾ ڪنهن ڪنهن مهل ڪو پکي هيڏي هوڏي اڏرندي ڏسڻ ۾ آيو ٿي، زندگي روان دوان هئي، خلق خدا پنهنجي پنهنجي روز جي ڪم ۾ مشغول هئي، پريس ڪلب جي گيٽ واري روڊ تان گذرندڙ ڪارن، فور سيٽرس، رڪشن جا آواز، رستي تي ڇولا، چاٽ، مَڪئي کپائيندڙ ريڙهن تي ماڻهن جي اچ وڃ جو سلسلو جاري هو. ان ويلي آڪاش سميت مختلف صحافي ساٿي ڪانفرنس هال ۾ اي.سي جي ٿڌي ماحول ۾ ويٺا پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ مشغول هئا. ڪو اخبار پڙهندي ڪنهن وقت چهري تي مسڪراهٽ ته ڪنهن ويلي چڙ جا تاثر آڻي رهيو هو، ته ڪو وري ٽي.وي تي خبرون ٻڌڻ ۾ مشغول ته ڪي وري سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي وقت گذر ڪري رهيا هئا.
ويهه پنجويهه ڄڻن تي مشتمل نوجوانن جو ٽولو جيڪو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين تي مشتمل هو، سهڻا ٻهڪندڙ چهرا، خوش اسلوب لباس، ڪنهن کي پينٽ شرٽ پهريل ته ڪي وري شلوار قميض ۾ هئا، ڪي فينسي برگر ڪٽ وار ڪتريل ڇوڪرا رکي رکي وارن ۾ هٿ گهمائي سيٽ ڪري رهيا هئا ته ڪا ڇوڪري وري فينسي فريم واري چشمي کي بار بار ساڄي هٿ جي پهرين آڱر سان نڪ تي سرڪائي رهي هئي ته ڪا وري وارن جون چڳون جيڪي بار بار چهري تي لڙي ٿي آيون تن کي سرڪائي ڪن جي پويان واري ٿي ڇڏيائين. هڪڙي ڳالهه جيڪا سڀني ۾ هڪجهڙي هئي اهو سندن لباس تي سفيد گائون پهريل هو، جنهن مان سندن سڃاڻپ ڊاڪٽر هجڻ جي ٿي رهي هئي.
اهي نوجوان کاٻي هٿ ۾ پنهنجي مطالبن جي مڃتا جا لکيل پليءَ ڪارڊ کنيو ساڄي ٻانهن کي هوا ۾ اڀاري هٿ بند ڪري مُٺ ٺاهي نعرا هڻي رهيا هئا. اهو نوجوانن جو ٽولو نعرا هڻندو اچي پريس ڪلب جي مکيه دروازي وٽ پهچي احتجاج ڪرڻ لڳو.
هائوس جاب ڪندڙ نوجوان ڊاڪٽرن جو ميڙ .... جيڪو قوم جي صحت جو ضامن هو، جيڪو پاڻ هينئر پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پريشان هو.سڌريل معاشرن ۾ اُستاد ۽ ڊاڪٽر کي وڏي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ هر سهولت ڏني ويندي آهي، پر اسان ڪيڏا نه بي حس آهيون جو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ايندڙ پرامن استادن تي واٽرن ڪينن ۽ لٺيون وسايون ٿا، ۽ ڊاڪٽرن کي سندس مطالبن جي مڃتا لاءِ رستن تي روليون ٿا.
هائوس جاب الائونس ..... وڌايو وڃي ..... ينگ ڊاڪٽرن سان ناانصافي .... بند ڪريو ..... ٽائيم اسڪيل الائونس ..... وڌايو وڃي ..... ينگ ڊاڪٽر اتحاد .... زندهه باد ..... ڊاڪٽرن سان ناانصافيون .... بند ڪريو .....
ڄڻ صبح ويلي گلن تي ماڪ ڦڙا ڪريا هجن .... تيئن ڪِن نازڪ ڪومل چهرن تي گرمي وگهي پگهر جا ڦڙا ظاهر ٿيڻ لڳا هئا، جنهن کي اهي بار بار ٽشوءَ پيپر سان صاف ڪري رهيون هيون. ڪي ڇوڪريون وري پلي ڪارڊ سان ڇانوَ ٺاهي سج جي گرم روشنيءَ کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. گرمي جي ڪري اڇا کير جهڙا چهرا ڳاڙهي گلاب جهڙا لال ٿي رهيا هئا.
سندن نعرن جي آواز تي پريس ڪلب مان ڪجهه ڪئميرامين، فوٽو گرافر، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جا صحافي سندن احتجاج رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيا.
آڪاش پڻ پنهنجي ڪئميرامين کي چيو ته ”ڪئميرا ٽرائي پوڊ اسٽينڊ تي سيٽ ڪر ته جيئن نوجوان ڊاڪٽرن مان ڪنهن جو موقف رڪارڊ ڪجي“. ڪئميرامين اسٽينڊ سڌو ڪري ڪئميرا سيٽ ڪرڻ لڳو ته آڪاش مائيڪ جي تار جو ڇيڙو ڪئمرامين کي ڏيندي چينل جو لوگو سيٽ ڪرڻ لڳو.
”توهان نوجوان ڊاڪٽرن مان مطالبن جي مڃتا جي حاصلات لاءِ موقف ڪير ڏيندو.؟“
آڪاش مائيڪ تي لوگو سيٽ ڪندي ڊاڪٽرن کان پڇڻ لڳو.
”اسان جو گڏيل موقف ڊاڪٽر مُومل ڏيندي.“
ميڙ مان ڪنهن ڊاڪٽر جواب ڏنو.
مُومل جو نالو ٻڌندي ئي آڪاش کان ڇِرڪ نڪري ويو، ذهن جي ڪينواس تي ماضي جا اڻ مٽ عڪس هِڪدم اُڪري آيا ۽ آڪاش ڪنڌ ورائي ڊاڪٽرن جي ميڙ طرف نهاريو ته ميڙ مان هڪ نوجوان ڊاڪٽرياڻي نڪري اڳيان اچي بيٺي، جيڪا مومل اها ئي مومل .... هئي ...
سونهن ۾ اڃان به ويتر سَرس، هلڪي گلابي رنگ جي ڪاٽن جي جوڙي ۾ ملبوس، تنهن تي ڊاڪٽرن وارو سفيد گائون پهريل ۽ ڪلهي تي سفيد چُني سندس حُسن کي نکاري رهي هُئي. سهڻي گول چهري تي سنهڙو نڪ تنهن تي وري فينسي فريم جو چشمو پهريل هر ڪنهن کي پاڻ ڏانهن متوجه پئي ڪيو. ڪنن ۾ سادي ڊزائين واريون سونيون واليون ۽ نڪ ۾ پاتل لونگ ۾ دل فريب لڳي رهي هئي.
هُن کي ڏسندي ئي آڪاش دنگ رهجي ويو. حيران پريشان ٿي پٿر جو بت بڻجي پيو. آس پاس ڇا وهي واپري رهيو هو، تنهن کان بي نياز ڪيترين ئي گهڙين تائين خاموش هُن کي ڏسندو رهيو. جنهن تڪليف ۽ ڏک کي هُو وساري چڪو هو، تنهن گهاءُ جون پٽيون ٻيهر کُلي پيون ۽ زخم تازو ٿي ويو.
”سائين ڪئميرا اوڪي ۽ رڪاڊنگ موڊَ تي آهي ....“
ڪئميرامين جي اهڙي آواز تي آڪاش ڇرڪي پيو ۽ بي خيالي ۾ مائيڪ زمين تي ڪري پيو. آڪاش پاڻ سنڀاليندي مائيڪ کي کنيو ۽ مُومل جو موقف رڪارڊ ڪيائين.
مُومل پڻ کيس ڏسي اکيون اکين سان ملائي نه سگهي ۽ ٻين جي موجودگيءَ سبب ڪجهه ڪُڇي نه سگهي ۽ ٽٽل ڦٽل لهجي ۾ ڊاڪٽرن جو موقف ٻڌائي رواني ٿي ويئي.
آڪاش به بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي واپس ڪانفرنس هال ڏانهن موٽي آيو ۽ هال ۾ رکيل صوفي تي آهلجي پيو، ڪافي وقت تائين بلڪل بي جان جسم بڻجيو صوفي تي پيو هو. ڪافي دير کان پوءِ جڏهن کيس ساڄي ڪلهيءَ تي ڪجهه محسوس ٿيو ۽ ڪنڌ مٿي کڻي نهاريو ته پريس ڪلب جو پٽيوالو هو، جنهن ڪافي دفعا پڇڻ جي باوجود جواب نه ملڻ تي ڪلهي کان ڌنڌوڙي پڇڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته سائين چانهه پيئندا ....؟
”نه پيارا .... مهرباني .... بس هڪ گلاس پاڻي جو پيار ....“
آڪاش چانهه جي طلب نه هئڻ ڪري انڪار ڪندي صرف پاڻي جي گهُر ڪئي.
مُومل ڪو هُن جي پراڻي محبت نه هئي جو ان کي ڏسي ڪري آڪاش کي پراڻو پيار ياد آيو هو ۽ نه ئي هُن کي ايئن هتي ڏسي ڪري ٻيهر ڪو پيار اُڀريو هو....!، بس هڪڙو انڪار هو، جيڪو زخم بڻجي هُن جي سيني تي اڀريو هو، جيڪو ڦَٽ وقت گذرڻ سان گڏ ڀرجي به چڪو هو. پر ٻيهر .....!!!
پاڻيءَ جو گلاس پيئندي آڪاش سوچن جي ساگر جي ڇولين ۾ ٿاٻا کائيندي ماضيءَ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائڻ لڳو.
جڏهن هُو ٿر ۾ صحافت جي شروعاتي ڏينهن ۾ شهر ۾ رٿيل هڪڙي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ پهتو هو ته سندس ملاقات هڪڙي ڪڪوريل نيڻن، چنچل چِت ۽ مور جي انڊلٺي پرن جهڙي حسين جواني سان ٿي هئي، جيڪا ڊاڪٽر مُومل هئي.
ان ڏينهن شهر ۾ ٿر جي هوشيار شاگردياڻين جي اعزاز ۾ هڪ تقريب رکيل هئي، جن پنهنجي محنت سان تعليمي صلاحيتن عيوض ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ پاس ڪئي هئي ۽ پنهنجي لگن ۽ قابليت سان پڙهائي مڪمل ڪئي هئي. انهن هوشيار شاگردياڻين ۾ مُومل به شامل هئي، جيڪا هڪ ڏهاڙي دار ڇولا کپائيندڙ غريب والد جي ڌيءُ هئي، جنهن پنهنجي محنت سان ميڊيڪل يونيورسٽي جي داخلا لاءِ ورتل انٽري ٽيسٽ پاس ڪئي هئي ۽ فيس نه هئڻ ڪري وِي . سِي طرفان داخلا فيس معاف ڪئي هئي ۽ باقي پڙهائي جو خرچ ميڊيا ۾ آيل خبرون پڙهي هڪڙي درياءَ دل شخص ڀريو هو.
سنهڙي قد ڪاٺ جي خوبصورت لباس ۾ ملبوس، ڪجل هاڻيون اکڙيون جِن ۾ سمنڊ جهڙي گهرائي هئي، فينسي ڊزائين جي فريم وارو چشمو پاتل، چپن تي هلڪي ڪلر جي ڪپڙن سان مشابهت رکندڙ لپسٽڪ لڳل، آسماني ڪلر جو دوپٽو ڪلهي تي لٽڪيل ۽ پيرن ۾ چاندي جي ڇير پاتل جنهن جي ڇن ڇن جي آواز تي دلين جي سر ساز جون سموريون تارون ڇڙي ٿي پيون، هلڪي پيلي ڪلر جي چپل پهريل مُومل جنهن جي وارن جون چڳون جڏهن چهري تي ڇيڳڙايون ڪرڻ لاءِ لڙي ٿي آيون ته سونهن سنسار جا هڙئي منظر کڙي ٿي پيا.
آڪاش جنهن جو وجود ڏکن جي بن ۾ ڀٽڪي رهيو هو، سندس من جي صحرا ۾ جتي رڳو ٿوهر ئي ٿوهر هئا، سندس زندگي ان بدنصيب ٿري جي حياتي جهڙي هئي، جيڪو هردفعي وسڪاري جي مند ۾ انهي آس سان اُڀ ڏي نهاريندو هو ته هيل پلر جي پالوٽ سين سندس زخم ڌوپجي ويندا پر هر دفعي ڏڪار جي قهري راڪاس سندس الهه تلهه تباهه ٿي ڪيو، تيئن آڪاش جي بنجردل جي ڌرتيءَ تي اُميد ڌارا وسي پيئي هئي، مُومل کي ڏسندي ۽ سندس خانداني پس منظر جي ڄاڻ هئڻ ڪري هُن کي لڳو هو ته شايد مُومل سندس زندگي جو حصو بڻجي نامڪمل وجود کي مڪمل ڪندي. مُومل کائنس عمر ۾ پنج، ڇهه سال وڏي هئي، پر هُو خيالي پلاءُ پچائڻ لڳو ته هُو شادي لاءِ رشتو گهرندو، هُن سمجهيو هو ته هُو ڊاڪٽر آهي، خوبصورت به آهي ۽ مائٽاڻو پس منظر به غربت وارو هئڻ ڪري رشتي لاءِ بهتر ٿيندي ايئن هُن کي به سهارو ملي ويندو ۽ پنهنجي زندگي به سنورجي ويندي..!
پروگرام ختم ٿيو ته سندس دوست آصف، جنهن پروگرام جي ڪمپيئرنگ پئي ڪئي، سو اچي آڪاش جي ڪمري ۾ ويٺو، تنهن جو هُن کي پنهنجي خيالن ۾ گُم سم ڏٺو، تنهن سموري ماجرا بابت آڪاش کان پڇا ڪئي ته هُن پهرين ته ڳالهه اورڻ کان نٽايو پر بعد ۾ دل جو سمورو حال ٻڌائيندي چيائين.
”آصف، پروگرام ۾ هُوءَ جا ڇوڪري مُومل هئي، سا ڏٺي هئي؟ سچ پڇين جڏهن کان هُن کي ڏٺو آهي، ذهن ۾ هڪڙي سوچ جنم ورتو آهي تنهن ويلي کان منهنجي من جو سڪون ئي ڦٽي ويو آهي.“
”ها ڏٺي به هئي ۽ کيس مائٽن سميت چڱي ريت سڃاڻان ٿو؟“ پر هُن کي ڏسندي ڪهڙي سوچ جنم ورتو آهي جنهن چين ڦٽايو آهي؟“ آصف آڪاش کان سوال ڪندي چيو.
”يار منهنجي مَن ۾ خيال آيو آهي ته امڙ کي چئي هُن جي مائٽن کان هُن جو رشتو گهران شادي لاءِ ...!“ آڪاش پنهنجي دل جو حال اوريندي ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
”پر پيارا هُوءَ ته توکان عمر ۾ پنج، ڇهه سال وڏي آهي ...!“ آصف ٽيبل تي رکيل ٽشو باڪس مان ٽشو ڪڍي پگهريل چهرو صاف ڪندي چيو.
”يار مون کي ان ڳالهه سان ڪو مسئلو ناهي، هونئن به پاڻ وٽ ايئن ٿيندو رهندو آهي، سماج ۾ اهي پئمانا ڪونهن ته ڪو ڪنهن کي عمر مطابق پروڙجي“ آڪاش ٽيبل تي پيل ڪاغذ تي پين سان لڪيرون پائيندي چيو.
اهو آڪاش جي ڪچي جوانيءَ جو اجايو خيال هو يا واقعي هڪڙي بالغ نظري واري سوچ ....! ان وقت طئه ڪرڻ ممڪن ڪونه هو. آڪاش جنهن سدائين اذيتون ڀوڳيون هيون، تنهن جي دل ۾ خوشيءَ جو ٻج ايئن اچانڪ ڦٽي پيو هو، جنهن کي هُو پاڻي ڏيئي وڏو وڻ ڪرڻ لاءِ اتاولو هو ۽ انتهائي پراميد به نظر اچي رهيو هو.
گهڙي کن رکي آڪاش آصف جي ڪلهي تي ٿڦڪي هڻندي چيو، ”يار ڪا صلاح به ڏيندين يا بس رڳو سوال جواب ڪندين، ڪا واٽ ڏس يار“
”هڪ ڳالهه چوانءِ جي دل ۾ نه ڪرين ؟“ آصف چشمي جي شيشي کي ٽشوءَ سان صاف ڪندي آڪاش ڏي ڏسندي چيو.
”ها چئو ....“ آڪاش پنهنجي ڪرسي آصف جي ڪرسي ڏانهن سوريندي ويجهو ٿي ويهندي چيو.
”اهو صحيح آهي ته ڪڏهن ڪڏهن وڏا فيصلا ڪرڻ ۾ ننڍ وڏائي، اوچ نيچ، عمر، رنگ، نسل، ذات ڪا معنيٰ نٿي رکي.....! پر پيارا ٿورو پريڪٽيڪل ٿي سوچ ...! ڇا اهو ممڪن آهي؟ هڪ ته اها تنهنجي خواهش آهي، جيڪو عين ممڪن آهي ته هُن جو خيال ساڳيو نه هجي ..!، ٻي ڳالهه ته تنهنجي عمر ۽ هُن جي عمر ۾ پنج کان ڇهه سالن جو فرق آهي، هُو ڇوڪري ڇو چاهيندي ته هُن جو رشتو ڪنهن اهڙي ڇوڪري سان جُڙي جيڪو کائنس ايترو ننڍو هجي ۽ ڇهه سال ننڍي عمر ڪو ننڍو فرق ناهي!! اڃان به ٽين ڳالهه ته تنهنجي خواهش پنهنجي جاءِ تي پر زميني حالتن مطابق هُو توکان اسٽيٽس ۾ به وڌيڪ آهي ... ڇا هُو پاڻ کان ڪنهن ننڍي اسٽيٽس واري ڇوڪري سان رشتو جوڙڻ پ ... س .... ن ... د .....“ آصف جذبات کان هَٽي ڪري سنجيده ڳالهيون آڪاش اڳيان رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته آڪاش جذباتي ٿيندي سندس ڳالهه ڪٽيندي ٽيبل تي زور سان ڌڪ هڻندي چيو.
”يار تون ته الائي ڪٿان جو ڪٿان نڪري وئين، ايتريون سڀ ڳالهيون ٿورو ئي سوچبيون آهن، هُو به ته هڪڙي غريب خاندان سان تعلق رکي ٿي، هُن کي منهنجي ڳالهين جو ضرور احساس ٿيندو.“ آڪاش پنهنجي ارادي جي ساڀيان تي پختو يقين هئڻ جو احساس ڏياريندي چيو.
”اهو ٺيڪ آهي پر ڇا هُن جي راءِ ساڳي آهي به يا نه ....! اهو ڀلا هڪ ئي لمحيءَ ۾ ڪيئن سمجهي ورتو.“ آصف ٽيبل تي پيل جڳ مان پاڻي جو گلاس ڀري آڪاش کي ڏيندي سڪون سان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ چيو.
”يار اها ڪا سائنس ناهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ ڪي تجربا ڪجن اهو ته هڪ معصوم احساس جو نانءُ آهي، جنهن ويلي مون سندس اکڙين ڏي چتائي ڏٺو هو ته هُن مُرڪن جا سوين پوپٽ مون ڏي اڏاريا هئا، جيڪو دليل آهي ته هُن جي دل ۾ به مون لئه اهي ئي احساس آهن ۽ صرف منهنجي چوڻ جي دير آهي، هُو فوراً ها ڪري وٺندي.“ آڪاش پاڻي جي گلاس مان ڍڪ ڀري ٽيبل تي رکندي مسڪرائيندي چيو.
”اهو ته ڪو ٺوس دليل نه ٿيو...! مرڪون ارپڻ ته هر زنده دل ماڻهو جي نشاني آهي، ايئن ته هن سڀني ڏي ڏسي مسڪرايو پئي.“ آصف آڪاش جي اهڙي دليل کي رد ڪندي چيو.
”يار تون دوست آهين يا دشمن .... سوچيم ته تون ڪا صلاح ڏيندين تون ته ويتر ئي مايوس ٿو ڪرين يار ايئن ته نه ڪر نه ...! تڪليف ٿي ٿئي.“ آڪاش آصف ڏي نهاريندي چيو.
آصف جڏهن آڪاش جي اکين ڏي نهاريو ته نيڻ گهاٽا بادل بڻجي آڪاش جي روح جي بنجر زمين تي وسي پيا هئا، جذبا سڏڪا بڻجي پيا هئا ۽ هُو ٻار جيان ٽيبل تي ٻانهن رکي، ان تي ڪنڌ لائي روئڻهارڪو ٿي ويو هو. آصف ٻنهي هٿن سان آڪاش کي سڌو ڪري ڪرسي تي ويهاريندي چيائين.
”ڳالهه ته ٻڌ پيارا..! آئون ڪو تنهنجو مَٺگهُرو ته ناهيان! پر توکي ڪا تڪليف نه رسي ان ڪري حالتن کان واقف پئي ڪيم، جو زمانو سڄو ايئن به ته نٿو سوچي جيئن تون سوچين ٿو يا جيڪي خيال تنهنجي من ۾ اچن ٿا انهي سان سامهون وارو به متفق هجي. مون ته چاهيو پئي ته هينئر ئي توکي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته جيئن مستقبل ۾ توکي وڌيڪ ڏک نه رسي.“
”ڀلا پوءِ غريب کي دل ئي نه هجڻ کپي، نه اها ڌڙڪندي ۽ نه هوندا احساس ..! ۽ نه ئي پيدا ٿيندي ڪا خواهش ...! مون کي اها پسند آئي، منهنجي دل ۾ هُن لاءِ خواهش اُڀري ته منهنجو ان ۾ ڪهڙو قصور آهي؟“ آڪاش ٻارن وانگر ڏوراپا ڏيندي چيو.
آصف هُن جي صفا ٻاراڻي جذبات ۽ اصل زميني حقيقت کان انڪاري سڀاءُ ۽ هڪ ئي نقطي تي بيهي رهڻ تي پريشان ٿي ويو، هُن کي چڱي ريت خبر هئي ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو، پر پوءِ به دوست جي خوشي خاطر هُن آڪاش جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو.
”هڪڙو رستو آهي، جيڪو صفا سولو ۽ سڌو ....“
”اهو وري ڪهڙو..؟“ آڪاش هٿن سان اکيون صاف ڪندي چيو.
آڪاش جي چهري تي خوشي موٽي آئي، جيئن ڪنهن ٿريئي جي چهري تي وسڪاري جون پهريون مينهن ڪڻيون وسڻ تي مرڪون تري اينديون آهن.
”ڪنهن زماني ۾ هئي محبت مشڪل، ته پهرين ڇوڪري کي خط لکو، سندس سهيلي کي رشوت ڏيو، ننڍي ڀاءُ سان دوستي ڪيو، پوءِ ڪنهن جي هٿان خط اماڻيو ۽ ڪنهن درگاهه تي باس باسيو ته الله سائين ڪري خط با حفاظت وڃي انهي ڇوڪريءَ کي ملي نه ته خير ڪونهي، پوءِ ان ۾ اظهار، اقرار، انڪار ....! هڪڙو طويل داستان هوندو هو...! پر جديد دور جي جديد ٽيڪنالاجي ته پيارا ڪم صفا آسان ڪري ڇڏيو آهي .... هيءَ فيس بوڪ، واٽس ايپ، ميسينجر، موبائل ڀلا ڪڏهن ڪم ايندا....“ آصف آڪاش جو مُوڊ نارمل ڪرڻ لاءِ هلڪي ڦلڪي انداز ۾ مستيءَ ڪندي چيو، جنهن تي آڪاش مرڪي پيو.
”يار تون به وڏو اُستاد آهين، پل ۾ اهڙيون ناڪاري ڳالهيون ٻڌائي هانءُ ٿو ڦاڙين ته ٻئي پل ۾ سموري مسئلي جو حل ٻڌائي دل خوش ٿو ڪري ڇڏين.“ آڪاش آصف جي ڪلهي تي ٿڦڪيءَ هڻندي چيو.
”تنهنجو هيڏو وڏو مسئلو حل ڪيو ڪنجوس ان جي بدلي چانهه ته پيار.“ آصف شرارت مان آڪاش کي ڇيڙيندي چيو.
ڪمري ۾ ٻنهي جا ٽهڪ ٻُري پيا.
”چانهه کوڙ ... پر لکان ڇا؟“ آڪاش، آصف کان صلاح وٺندي چيو.
”ڪنهن به فلاسافي ڪرڻ جي ضرورت ناهي، صاف صاف لفظن ۾ جيئن تنهنجي دل ۾ هن سان شادي ڪرڻ جو خيالو اڀريو آ، تيئن جو تيئن ان کي سادن لفظن ۾ اتاري هُن ڏي اماڻي ڇڏ، تنهنجي لفظن ۾ سچائي جي طاقت هوندي ته هُن کي ضرور متاثر ڪندي، ڇو جو انهي اظهار لاءِ ڪنهن به اٽڪل يا لفاظي جي ضرورت ناهي.“ آصف آڪاش کي سندس دل جي ڳالهه سچائي سان لکڻ جي صلاح ڏيندي چيو.
”ها سهڻا چوين ته صحيح ٿو .... ايئن ٿو ڪيان.“ آڪاش صلاح مڃندي چيو.
هُن همٿ ڪري مومل کي پنهنجي دل جي سموري ڳالهه بيان ڪري سندس فيس بوڪ جي اڪائونٽ تي ان باڪس ميسينجر جي ذريعي اماڻي ڏني ۽ مثبت موٽ جي انتظار ۾ فيس بوڪ ميسنجر تي اکيون کپائي ويهي رهيو.
پر.....! قسمت ساٿ نه ڏنو ۽ مومل کيس سٺي موٽ نه ڏني ۽ مڪمل انڪار ۾ جواب مليس. سندس جواب جيءُ جهوري وڌس. هن ڪافي وقت جي تڪليف سهڻ کان پوءِ اهو طئه ڪيو ته هاڻ هُو ان سڀ ڳالهين ۾ وقت نه وڃائيندو، مستقبل تي ڌيان ڏيندو ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪري رهندو. انهي جستجوءَ ۽ لگن جي باعث اها ڳالهه آهستي آهستي ذهن تان مٽجڻ لڳي هئي ۽ ڪنهن حد تائين انهي کي هُو وساري به ويٺو هو، پر اڄوڪي اچانڪ ملاقات ٻيهر زخم اڀاري ڇڏيا هئا.
موبائل فون جي وڄندڙ گهنٽي تي هُو ڇرڪي سوچن جي گهراين مان ٻاهر نڪتو ۽ ڏٺو ته ڪريم فون ڪري رهيو هو.
”جيءَ ڪريم“ هُن فون اٽينڊ ڪندي ڳالهايو.
”ڪٿي آهين مٺا؟“ ڪريم کائنس سوال ڪندي پڇيو.
”پريس تي آهيان، حُڪم ڪر.“ آڪاش ڪريم کي جواب ڏيندي چيو.
”حڪم ڪونهي، يونيورسٽي کان جلدي موٽيو آهيان تو وٽ اچان پيو، ماني گڏجي ٿا کائون.“ ڪريم آڪاش کي جواب ڏيندي چيو.
”ٺيڪ آ جاني، انتظار ٿو ڪريان.“ آڪاش ڪريم سان سهمت ٿيندي چيو.
”اوڪي“
”اوڪي“
آڪاش صوفي تان ان عزم سان اٿيو ته جيڪو واعدو هُن پاڻ سان ڪيو هو، ان تي قائم رهندو. مومل پڻ پنهنجي دنيا ۾ خوش آهي ۽ هُن جي ڪا خاص دلچسپي ناهي رهي ته پوءِ اجايو دل ڇو لائجي، بس اڻ پورو سپنو سمجهي وساري ڇڏجي، آڪاش پنهنجي پاڻ کي سمجهائڻ لڳو ..
۽ اٿي واش روم طرف ويو، پاڻي جا ٻڪ ڀري لڙڪ سان گڏ انهي ڳالهه کي به ڌوئي صاف ڪرڻ لڳو، ۽ بلڪل فريش ٿي، منهن ڌوئي ڪريم جو انتظار ڪرڻ لڳو .....
ـــ