ٽيون گروپ
اچو! اسان مخلص ٿي ڪري ٽئين گروپ جي ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃون، جيڪي هر سال نيون ڪاميابيون ماڻيندا آهن ۽ پنهنجي ڪم مان سٺا نتيجا حاصل ڪندا آهن. اسان کي انهيءَ گروپ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ پنهنجي ماحول کي خراب اثرن کان جند ڇڏائڻي پوندي. پهرين ۽ ٻئي گروپ جي ماڻهن جو مطالعو ڪجي ته اهي پنهنجي زندگيءَ ۾ پٺتي ڇو آهن؟ انهن خرابين کي ختم ڪرڻو پوندو.
فرض ڪريو اوهان پنهنجي دوست کي چئو ٿا جيڪي عام ذهن جا آهن ته مان فلاڻي ڪمپنيءَ جو نائب صدر ٿي رهيو آهيان ته ان جو رد عمل ڪهڙو هوندو؟
اوهان جو اهو دوست چوندو ته شايد اوهان مذاق پيا ڪريو. جيڪڏهن اهو اوهان تي يقين ڪري به سهي ته به چوندو ته اڃان اوهان کي وڌيڪ سکڻو پوندو. شايد اوهان جي غيرموجودگيءَ ۾ چئي ته اوهان هروڀرو لڄي پيا ٿيو.
جيڪڏهن اها ئي ڳالهه اوهان پنهنجي ڪمپنيءَ جي صدر کي چوندا ته ان جو رد عمل ڪهڙو هوندو؟ هڪ ڳالهه يقيني آهي ته هو اوهان جي مذاق نه اڏائيندو بلڪه پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندو ته ڇا هي صحيح چئي رهيو آهي؟! ڇو ته وڏا ماڻهو آئيڊياز جو مذاق ناهن اڏائيندا.
فرض ڪريو اوهان پنهنجي عام ذهن رکندڙ دوست کي چئو ٿا ته مان پنجاهه هزار ڊالرن جو گھر خريد ڪرڻ جو منصوبو پيو ٺاهيان ته اهو اوهان جي ڳالهه ٻڌي ڪري ٿي سگھي ٿو ته ٽهڪ ڏئي، ڇو ته اهو ان کي ناممڪن سمجهي ٿو. پر اها ئي ڳالهه جيڪڏهن پنجاهه هزار ڊالرن واري گھر ۾ رهندڙ شخص سان ڪئي وڃي ته اهو بلڪل حيران ڪو نه ٿيندو، ڇو ته هو ان کي ناممڪن نه ٿو سمجهي. انهيءَ ڪري جو اهو ته اڳ ۾ ئي اهڙي گھر ۾ رهي ٿو.
ياد رکو! جيڪو شخص اوهان کي چئي ٿو ته اهو نه ٿو ٿي سگھي اهڙو شخص هميشه ناڪام ماڻهن مان هجي ٿو يا اهڙي شخص کي اسان عام ماڻهو چئي سگھون ٿا.
انهن ماڻهن کان بچو جيڪي چوندا آهن ته تون اهو نه ٿو ڪري سگھين. اهڙي طرح منفي چيلنج کي قبول ڪري اوهان انهن کي ڪري ڏيکاريو، جيڪي چون ٿا ته اهو نه ٿو ٿي سگھي.
*****
محتاط رهو، تمام گھڻو محتاط رهو، اهڙن ماڻهن کان جيڪي منفي سوچ رکن ٿا. اهڙا ماڻهو اوهان جي ڪاميابيءَ جي منصوبي کي تباهه ڪري سگھن ٿا. اهڙا ماڻهو هر جاءِ تي موجود هجن ٿا جيڪي ٻين جي مثبت ترقيءَ کي برباد ڪري سگھن ٿا.
يونيورسٽيءَ ۾ مان ٻن سيميسٽرن تائين هڪ دوست سان گڏ رهيس. اهو هڪ نهايت ئي بهترين دوست هو. هو سٺن دوستن وانگر مدد ڪندو هو. ايسيتائين جو ڪنهن کي رقم جي ضرورت هوندي هئي ته اها به ڏيندو هو پر هو زندگيءَ کي گھڻو تلخ سمجهندو هو. هو مستقبل کان به ڏاڍو مايوس هو، دراصل هو هڪ اصل منڪر هو.
مان انهن ڏينهن ۾ اخبار جو هڪ ڪالم پڙهندو هيس. انهيءَ ڪالم ۾ ڪالم نگار اميد تي تمام گھڻو زور ڏيندو هو، ان کان سواءِ هو مثبت سوچ ۽ موقعن کي تمام گھڻي اهميت ڏيندو هو. منهنجو دوست جڏهن مون کي اهو ڪالم پڙهندي ڏسندو هو ته چوندو هو: ڊيوڊ! خدا جي واسطي سامهون وارو صفحو ڏس، ان ۾ ڇا آهي؟ اهو ڪالم نگار ته هروڀرو ٿو ڄاڙي هڻي. جڏهن مان ان سان زندگيءَ ۾ ترقيءَ بابت ڳالهائيندو هيس ته هو پيسا ڪمائڻ جا فارمولا ٻڌائڻ شروع ڪندو هو. هو چوندو هو ته پيسا ڪمائڻ جا رڳو ٽي طريقا آهن. ڪنهن مالدار عورت سان شادي ڪرڻ، ڌاڙو هڻي ڀڄي نڪرڻ يا وري قسمت سان ڪا لاٽري نڪري پئي.
هو هميشه پنهنجي انهن فارمولن جو مثالن سان دفاع ڪندوهو. هو مون کي اخبار جي پهرين صفحي جي خبر پڙهڻ جي لاءِ چوندو هو، جنهن ۾ هڪ مزدورن جو اڳواڻ پنهنجي يونين جي کوڙساري رقم کڻِي ڪري غائب ٿي ويو هو. اهو اخبار جي پوئين صفحي تي ڪنهن ڪروڙ پتي عورت جي رشتي جي اشتهار جي ڳولا ڪندو هو. منهنجو اهو دوست عمر ۾ مون کان گھڻو وڏو هو. هن پنهنجي انجنيئرنگ جي ڪلاسن ۾ نهايت ئي سٺيون مارڪون کنيون هيون. مان اڪثر کيس منفي فلاسفي ڇڏي ڏيڻ لاءِ چوندو رهندو هيس. هڪ ڏينهن مون ساڻس ڊگھي ڳالهه ٻولهه ڪئي. انهيءَ گفتگو جي دوران مون محسوس ڪيو ته مان به هن جون ناڪاميءَ جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي شايد ان جهڙو ٿي رهيو آهيان. يعني هو پاڻ سان گڏ مون کي به پاڻ وانگر بڻائي رهيو هو. هو ڇا ٿو چوي، ان جي بدران مون هن کي سمجهڻ شروع ڪيو ته نيٺ هو ائين ڇو ٿو سوچي؟!
ان کان پوءِ يارنهن سالن تائين مون کي ان جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ نه ملي ته هو ڪٿي آهي. هڪ ڏينهن منهنجي هڪ دوست مون کي ٻڌايو ته هو هاڻي واشنگٽن ۾ بطور ڊرافٽس مين ڪم ڪري رهيو آهي. اهو ٻڌي مون پنهنجي دوست کان پڇيو ته هن جي اندر تبديلي ڪئين آئي؟
ان تي منهنجي دوست جواب ڏنو ته اها ڪا تبديلي وغيره ناهي بلڪه هو پهريان کان به وڌيڪ منفي ۽ انڪاري آهي.
ان جا چار ٻار آهن، جيڪي سندس گھٽ آمدنيءَ ڪري چڱين حالتن ۾ ناهن. جڏهن ته هن وٽ جيڪا تعليم ۽ هنر آهي. تنهن سان هو جيڪو ڪجھ هينئر ڪمائي رهيو آهي، ان کان پنجوڻ تي ڪمائي سگھي ٿو. پر کيس پنهنجو ذهن استعمال ڪرڻ هنيئر به ڪو نه آيو.
اهڙا انڪاري (منڪر) ۽ منفي ماڻهو جتي ڪٿي هوندا آهن. انهن مان ڪجھ دوکيباز هوندا آهن ۽ ڪجھ حاسد هوندا آهن، جيڪي بلڪل اڳتي نه ٿا وڌي سگھن. اهي پنهنجو پاڻ کي ڪمتر سمجهندا آهن ڇو جو اهڙا ماڻهو ذهني بيمار هوندا آهن.
نهايت احتياط سان اهڙن ماڻهن جو مطالعو ۽ اڀياس ڪرڻ گھرجي. اهڙا ماڻهو اوهان جي ڪاميابيءَ جي منصوبن کي تباهه ڪري سگھن ٿا.
“منفي ماڻهن سان پنهنجو وقت خراب نه ڪيو، بلڪه ترقي پسند ماڻهن سان رهو ۽ انهن سان گڏ اڳتي وڌو. مفت مشورا ڏيندڙن کان بچو“
رڳو ان شخص کان مشورو وٺو جنهن کي اوهان سڃاڻو ٿا. ڇاڪاڻ ته اهو ماڻهو ئي اوهان کي صحيح مشورو ڏئي سگھي ٿو. غيرمعياري سوچ رکڻ وارا ماڻهو، ڪامياب ماڻهن کي ناڪام بڻائي سگھن ٿا.
اصول جي مطابق تمام گھڻا ڪامياب ماڻهو تحمل مزاج ۽ ٻين ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار رهندا آهن. اهي ماڻهو پنهنجي ڪم سان مخلص هوندا آهن ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به ڪامياب زندگي گذاريندا آهن.
پهرين درجي ۾ پهچڻ جي لاءِ جڏهن اوهان ڪنهن ناڪام شخص کان مشورو وٺندا ته اهو ائين ئي هوندو، جيئن ڪو ڪينسر جو مريض عطائي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي.
*****
يورپ ۽ آمريڪا ۾ اڄڪلهه ڪيترائي اعليٰ آفيسر ڪنهن ماتحت کي ان وقت تائين ملازمت ڪو نه ٿا ڏين جيسيتائين اهي ماتحت ملازم جي زال جو انٽرويو نه ڪن. هڪ سليزمينيجر مون کي ٻڌايو ته جڏهن مان ڪنهن سيل مين کي ملازم ڪري رکندو آهيان ته اڳ ۾ ان جي خاندان جي باري ۾ معلوم ڪندو آهيان ته اهي هن جي سفر ڪرڻ تي اعتراض ته ناهن ڪندا ۽ هن جي دير سان اچڻ ۽ واپس ورڻ تي ناراض ته ناهن ٿيندا. ڇا هن جو خاندان هن سان تعاون ڪندو آهي؟
اڄڪلهه ڪمپنين جا ايگزيڪٽو اهو به معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ته سندن ماتحت هفتيوار موڪلن ۾ شام ڇهه وڳي کان صبح جو نائين وڳي تائين وقت ڪيئن گذارين ٿا؟ جنهن سان هِنن جي ڪارڪردگي بهتر ٿئي ٿي يا متاثر ٿئي ٿي. جيڪي ماڻهو پنهنجو وقت تعميري طريقي سان گذارين ٿا، انهن جي ڪارڪردگي تمام بهتر ٿي وڃي ٿي ۽ جيڪي پنهنجو وقت خشڪ طريقي سان گذاري رهيا هوندا آهن، انهن جي ڪارڪردگي خراب هوندي آهي. اچو ته اسان جان ۽ ملٽن جي هفتيوار موڪلن گذارڻ جي طريقن تي نظر وجهون ۽ پوءِ انهن جي ڪارڪردگيءَ جي نتيجن کي ڏسون.
جان هفتيوار موڪلن ۾ پنهنجي ذهني خوراڪ هن طرح حاصل ڪندو آهي؛ هو پنهنجي هڪڙي شام پنهنجي خوش باش دوستن سان گڏ گذاريندو آهي، ٻئي شام عموماً سينيما ويندو آهي، يا محله ڪميٽيءَ جي دوستن سان گڏجي ڪم ڪندو آهي. تنهن کان پوءِ هو پنهنجي گھر جي باغ ۾ باغباني ڪندو آهي. آچر جي ڏينهن هو ڪٽنب سان گڏجي شهر کان ٻاهر وقت گذاريندو آهي، پوءِ يا ته هو ڪنهن ٽڪريءَ وغيره تي چڙهندا آهن يا ڪنهن زرعي فارم تي پنهنجو وقت گذاريندا آهن ۽ شام جو جان ڪو نه ڪو ڪتاب پڙهندو آهي يا وري اخبار جو مطالعو ڪندو آهي. اهڙِيءَ طرح جان جون موڪلون پوريون ٿي وينديون آهن. انهن موڪلن ۾ هو وري تازو توانو ٿي ويندو آهي. سندس بوريت ۽ بيزاري ختم ٿي ويندي آهي ۽ نفسياتي طور ته هو تازو توانو ٿي ويندو آهي.
ٻئي پاسي ملٽن کي ذهني خوراڪ تمام گھٽ ملندي آهي، ڇو جو هو پنهنجي موڪلن جي باري ۾ رٿابندي ڪو نه ڪندو آهي. ملٽن گھڻو ڪري جمعي جي رات جو ٿڪل ٽٽل هوندو آهي ۽ پنهنجي زال سان وقت گذاريندو آهي ۽ ان کان پوءِ سڄو ڏينهن سُتو پيو هوندو آهي. ڇنڇر جي رات جو ملٽن پنهنجي زال سان فلم ڏسڻ ويندو آهي يا ٽي وي ڏسندا آهن. ان کان پوءِ آچر جي صبح هو گھڻو ڪري بستري تي ئي گذاريندو آهي.
ملٽن جو گھڻو وقت بستري تي گذرندو آهي، انهيءَ ڪري زال مڙس ٻئي بيزاريءَ وارو وقت گذاريندا آهن. اهڙيءَ طرح ملٽن کي ذهني خوراڪ ناهي ملندي.
اسان هتي ڏسون ٿا ته جان ۽ ملٽن جو ماحول مختلف آهي. انهيءَ ڪري ان ماحول جا مٿن اثرات به مختلف طرح جا پون ٿا. جان جو ماحول جان کي تازو توانو ڪري ڇڏي ٿو جنهن جي ڪري منجهس سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت به وڌي وڃي ٿي. هو هڪ تندرست ۽ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ رانديگر وانگر آهي. جڏهن ته ملٽن کي ماحول مان کيس نفسياتي خوراڪ نه ٿي ملي سگھي، انهيءَ ڪري سندس سوچ ۽ ڪارڪردگي به سٺي ڪو نه ٿي رهي. اهڙيءَ طرح ڪجھ مهينا گذارڻ کان پوءِ انهن ٻنهي جي ڪارڪردگيءَ ۾ فرق وڌندو ويندو ۽ اهڙيءَ طرح جان درجي اول ۾ پهچي ويندو.
انهن ٻنهي جي اندر، پنهنجي ماحول مان ذهني خوراڪ حاصل ڪرڻ جو فرق آهي، جيڪو انهن جي ڪارڪردگيءَ تي اثرانداز ٿئي ٿو.
هڪ مَڪئيءَ جي پوک ڪندڙ هاري پنهنجي فصل کي وقت تي پاڻي وغيره ڏيندو هو. اهڙيءَ طرح کيس وڌيڪ اپت ملندي هئي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪارڪردگي جا سُٺا نتيجا حاصل ڪرڻ گھرون ٿا ته اسان کي پنهنجي ذهن کي سٺي ماحول مان خوراڪ ڏيڻي پوندي.
مون ۽ منهنجي زال، پنهنجي هڪ دوست جي گھر ۾، گھڻن ئي ماڻهن سان گڏجي هڪ خوبصورت شام ملهائي سون. ان پارٽِيءَ ۾ گھڻا ماڻهو منهنجي دوست جي ڊپارٽمنٽل اسٽور جا گراهڪ هئا. پارٽي ختم ٿيڻ کان پوءِ مون پنهنجي هڪ دوست کان پڇيو ته مون کي اها توقع هئي ته هن پارٽي ۾ اوهان پاڻ جهڙن ڪاروباري ماڻهن کي دعوت ڏيندا، پر اوهان جن ماڻهن کي پارٽي ۾ گھرايو اهي سڀئي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ آهن. انهن مان هڪ ليکڪ، هڪ ڊاڪٽر، هڪ انجنيئر، هڪ اڪائونٽنٽ ۽ هڪ استاد هو. ائين ڇو؟ هن مشڪندي جواب ڏنو ته مون ۽ منهنجي زال سوچيو ته ڇو نه مختلف ماڻهن سان هڪ شام ملهائي وڃي جيڪي مشهور هجن ۽ اسان جي ڊپارٽمنٽل اسٽور تي به ايندا هجن. اهڙيءَ طرح اسان انهن ماڻهن کان گھڻو ڪجھ سکي سگھون ٿا. انهن جي گفتگوءَ ۽ نظرين مان مستفيد ٿي سگھان ٿو، انهيءَ سان مون کي پنهنجي ڪاروبار بهتر ڪرڻ ۾ ڏاڍي مدد ملي، اوهان ڏٺو ته ان دوست جو خيال ڪيڏو نه خوبصورت هو، هو تفريح ڪرڻ سان گڏوگڏ گھڻو ڪجھ سکڻ به گھري ٿو.