ڪجهه ڪتاب جي باري ۾
”جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن ريت هڪ بهترين زندگي گذارڻ جي قابل ٿئي ٿو ته ان کي قطعي حق حاصل ڪونهي ته اهو ان کي صرف پنهنجي ذات تائين محدود رکي، پر اهو سندس فرض آهي ته بهترين زندگيءَ جي قاعدن سان ٻين کي به فائدو رسائي.“
گوئٽي اظهار جي آزاديءَ بابت چيو هو ته:
”جيڪڏهن ڪو شخص ڪتاب لکي ٿو ته کيس پنهنجي علم جو اظهار ڪرڻ ڏيو، ڇو ته هن کي پنهنجي اهليت جو ججهو اندازو آهي.“
هن ڪتاب ۾ اهي نظريا يا تصور پيش نه ڪيا ويا آهن، جن کي اسين ظاهر ۾ سٺو چئي سگهون، پر هي ڪتاب انهن آفاقي ۽ لازوال اصولن جو مجموعو آهي، جن کي ڪامياب ماڻهو زماني جي شروعات کان ئي استعمال ڪندا پيا اچن. مون 30 سالن کان وڌيڪ عرصو انهن اصولن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ آءٌ انهن اصولن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجائي چڪو آهيان. آءٌ هن وقت ڪاميابيءَ جي جنهن وڏي سطح تي آهيان، ان جو سبب رڳو هي آهي ته مون انهن اصولن جي پاسداري ڪئي آهي.
آءٌ سٺ کان وڌيڪ بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جو ليکڪ ۽ ايڊيٽر آهيان، جن جو دنيا جي 40 مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. منهنجا ست ڪتاب دنيا جي بهترين وڪرو ٿيل ڪتابن ۾ شامل رهيا آهن اهو هڪ وڏو اعزاز آهي، جنهن جو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ به ذڪر آهي.
گذريل ڏهن سالن کان منهنجي آمدني ڪروڙن ۾ رهي آهي. منهنجو ڪئليفورنيا ۾ هڪ خوبصورت محل جهڙو گهر آهي. ٽي وي ۽ ريڊيو جي بحث واري هر پروگرام ۾ منهنجي شرڪت لازمي آهي. هر هفتي لکين ماڻهو منهنجا اخباري ڪالم پڙهن ٿا ۽ مون کي اڻ ڳڻيا پيشي وراڻا ۽ شهري انعام ملي چڪاآهن ۽ آءٌ هر لحاظ کان هڪ خوشحال، پرسڪون ۽ مطمئن زندگي گذاري رهيو آهيان.
دنيا جي وڏن ڪاروباري ادارن جي سربراهن، ڪامياب ليکڪن ۽ نفيس ترين روحاني اڳواڻن سان منهنجا سماجي ناتا آهن. مون ڪانگريس جي ميمبرن ۽ مختلف بهترين ڪاروباري ماڻهن کي خطاب ڪيو آهي. مختصر اهو ته منهنجي زندگي واقعي ڪامياب ۽ آهي.
هن ڪتاب جي اڪثر پڙهندڙن وانگر منهنجي شروعاتي زندگي به وچولي درجي جي هئي. آئون اولهه ورجينيا جي هڪ شهر ويلنگ ۾ ڄائو نپنو ۽ وڏو ٿيو آهيان، جتي منهنجو پيءُ هڪ دڪان ۾ نوڪر هو. سندس سالياني آمدني 8000 هزار ڊالر هئي، منهنجي ماءُ تمام گهڻو شراب پيئندي هئي ۽ منهنجو پيءُ سخت پورهئي ڪرڻ جو عادي هو. آءٌ پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڪو ڪم ڪندو هئس. منهنجي ڪاليج ۾ داخلا به وظيفي جي بنياد تي ٿي ۽ مون هڪ ننڍيءَ هوٽل ۾ ويٽر (بيري) طور ڪم ڪيو، جتان حاصل ٿيل آمدنيءَ مان پنهنجي لاءِ ڪتاب ۽ ڪپڙا خريد ڪندو هوس مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪا پهرين ڪامياب حاصل ٿي، سا به مون کي ڪا چانديءَ جي پليٽ ۾ رکي پيش ڪا نه ڪئي وئي هئي. جڏهن آءٌ گريجوئيٽ اسڪول جي آخري سال ۾ هئس ته پڙهائڻ جي هڪ پارٽ ٽائيم نوڪري به ڪندوهئس، جتان هر ٻن هفتن کان پوءِ مون کي 220 ڊالر ملندا هئا. 79 ڊالر گهر جي مسواڙ ڀرڻ کان پوءِ رڳو 161 ڊالر بچندا هئا، جن منجهان مان پنهنجون ٻيون ضرورتون پوريون ڪندو هئس.
گريجوئيشن کان پوءِ مون هڪ هاءِ اسڪول ۾ استاد طور پڙهائڻ شروع ڪيو، جيڪو ڪارن ماڻهن لاءِ مخصوص هو ۽ پوءِ منهنجي ملاقات پنهنجي شفيق سرپرست ڊبليو ڪليمينٽ اسٽون سان ٿي. هو هڪ ڪروڙ پتي شخص هو، جنهن پنهنجي زندگي پاڻ ٺاهي هئي. ان مون کي ڪاميابيءَ جا گُرَ سيکاريا ۽ نهايت پنهنجائپ سان منهنجي تربيت ڪيائين، جنهن لاءِ آءٌ اڄ به سندس نهايت ٿورائتو آهيان.
منهنجو ڪم اهو آهي ته آءٌ اهي اصول ٻين کي به سيکاريان. مان هن وقت تائين هزارين ڪتاب پڙهي ۽ سوين سيمينارن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهيان. مون ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ آفاقي ۽ ازلي اصول دريافت ڪيا، پوءِ انهن اصولن کي عملي طور پاڻ به اختيار ڪيو ۽ تمام گهڻن ماڻهن اڳيان سندن فائدي لاءِ پيش ڪيا.
اهي اصول ۽ ترڪيبون نه رڳو منهنجي لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿيون، پر انهن ذريعي منهنجي هزارين شاگردن تمام گهڻي دولت حاصل ڪئي. ماڻهن سان ناتا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اعليٰ شعور ۽ خوشي حاصل ڪئي ۽ کين زندگيءَ ۾ تمام گهڻي خوشحالي نصيب ٿي. ايئن کڻي چئجي ته منهنجن شاگردن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ بيمثال ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ اڄ اهي پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ وڏن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن.
[b]ڪاميابيءَ جا اصول اشاري جا منتظر:
[/b] انهن اصولن ذريعي توهان اهي نتيجا حاصل ڪري سگهو ٿا، جن سان دنيا جي ڪامياب ماڻهن کي فائدو پهتو. آءٌ سمجهان ٿو ته توهان به هن ذريعي حيران ڪندڙ ۽ غيرمعمولي ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا.
ڪجهه سال اڳ مون هڪ ٽي وي پروگرام ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته جيڪڏهن ماڻهو منهنجي ٻڌايل اصولن تي عمل ڪن ته گهٽ عرصي ۾ پنهنجي آمدنيءَ کي ٻيڻو ڪري سگهن ٿا ۽ وقت جي بچت ڌار ٿيندي هاڻي اها توهان جي ذميداري آهي ته توهان پاڻ اهو فيصلو ڪيو ته توهان ان ڪاميابيءَ جا حقدار آهيو. توهان هن ڪتاب ۾ ڏنل اصولن تي عمل ڪري ڪاميابي حاصل ڪريو.
اها به هڪ طئي ٿيل حقيقت آهي ته سمورن ماڻهن ۽ پيشن لاءِ بنيادي اصول هڪجهڙائي آهن. جيڪڏهن توهان اهي اصول سکي، انهن کي پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ ويهاري ٿا ڇڏيو ۽ نهايت نظم ۽ ضبط سان انهن تي پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ عمل ٿا ڪريو ته هڪ اهڙي خوشگوار تبديلي واقع ٿيندي جيڪا توهان جي خواب ۽ خيال ۾ به نه هوندي.
[b]ٻاهرين مدد سواءِ ڪامياب ٿيو:
[/b] هڪ مشهور فلسفيءَ جو قول آهي ته ”توهان ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي شخص کي پاڻ وٽ نوڪر نه ٿا رکي سگهو. ڪنهن به شعبي ۾ ڪامياب ٿيڻ چاهيو ٿا ته توهان کي اها ڪاميابي ڪنهن ٻاهرينءَ مدد سواءِ پاڻ ئي حاصل ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ڪو شخص توهان کي منزل تائين پهچڻ جو رستو ٻڌائي ٿو ته ان منزل تائين پهچڻ لاءِ رستو توهان کي پاڻ ئي طئي ڪرڻو پوندو.“ هن ڪتاب پڙهڻ سان توهان ڪاميابيءَ جي اصولن بابت واقف ٿيندا، پر انهن تي عمل ڪيئن ڪرڻو آهي، اهو توهان کي سوچڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اها توهان جي پنهنجي ذميداري آهي.
ڪتاب ڪيئن پڙهجي:
گوتم ٻڌ چيو هو ته:
”يقيني ڪجهه به ڪونهي، سواءِ ان جي ته هن ڪتاب ۾ ڇا ڪٿي لکيل آهي ۽ ڪنهن ڇا چيو آهي. منهنجي ڳالهه تي به ان وقت تائين يقين نه ڪجو، جيستائين توهان ان کي پنهنجي دليلن واري نظرئي ۽ سوچ ذريعي جاچي نه ٿا وٺو.“
هر شخص جي سکڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڌار هوندو آهي ۽ امڪاني طور توهان کي ڄاڻ هوندي ته ڪهڙي نموني بهتر طور ڪنهن به ڳالهه بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. جيتوڻيڪ هن ڪتابن کي پڙهڻ ۽ فائدو حاصل ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا موجود آهن، پر آءٌ توهان کي ڪن بهتر طريقن کان واقف ڪرڻ چاهيان ٿو.
ٿي سگهي ٿو ته توهان پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجي لاءِ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڪرڻ واسطي وقت ڪڍي هن ڪتاب کي صرف هڪ ڀيرو ئي پڙهي، ان ۾ ڄاڻايل اصولن جو اندازو لڳائڻ چاهيندا هجو پر اهي اصول اهڙي نموني ٻڌايا ويا آهن جو اهي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهن. اهي اصول نمبرن سان کلڻ واري اهڙي تالي وانگر آهن جتي توهان کي سڀني انگن جي ضرورت پوندي ۽ اهي سمورا انگ صحيح ترتيب ۾ ٿي وڃن ۽ توهان تالي کولڻ جي انگن جي ترڪيب کان واقف ٿي وڃو، تڏهن ئي توهان تالو کولي سگهو ٿا.
ڪتاب پڙهڻ وقت جيڪا ڳالهه توهان کي اهم محسوس ٿئي، ان هيٺان لڪير هڻي، ان کي چٽو ڪري ڇڏيو. پوءِ انهن لڪيرن وارين سٽن بابت پنهنجي راءِ ڌار لکيو ۽ پنهنجي راءِ ۽ ڪتاب ۾ لڪير ڏنل لفظن کي بار بار پڙهو ته توهان تي انهن لفظن جو حقيقي مفهوم چٽو ٿيندو ويندو. انهيءَ عمل ذريعي توهان کي اها يادگيري ايندي رهندي ته اصل ۾ توهان انهن لفظن مان ڇا مفهوم ۽ مقصد حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا. بار بارورجائڻ سبب توهان جي ذهن ۾ نوان نوان تصور پيدا ٿيندا رهندا.
ٿي سگهي ٿو ته ڪتاب ۾ ڄاڻايل اصولن بابت توهان کي اڳ ۾ ئي ڄاڻ هجي. جيڪڏهن ائين آهي ته اها ته پاڻ تمام سٺي ڳالهه آهي! پر پوءِ پنهنجو پاڻ کان پڇو: ”ڇا مونکي خبر هوندي به ڪڏهن اڳ انهن اصولن تي عمل ڪيو آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ ڪا ڳالهه ناهي، هاڻي ئي کڻي عمل شروع ڪري ڏيو.
جڏهن هي ڪتاب ٻيو ڀيرو پڙهڻ شروع ڪريو ته هر ڀيري هڪ وقت ۾ صرف هڪ باب پڙهو ۽ پوءِ ان بابت ڏنل اصولن تي عمل ڪرڻ لاءِ ضروري وقت مقرر ڪريو.
اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڄاڻايل ڪي اصول توهان کي نه وڻن يا وري توهان انهن تي عمل ڪرڻ ٿوري هٻڪ يا رڪاوٽ محسوس ڪريو، پر هڪ ڳالهه ياد رکو ته جيڪي اصول توهان کي نه ٿا وڻن، اصل ۾ اهي ئي اُهي اصول آهن، جن تي عمل ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.
ڪنهن به شئي بابت ڄاڻ ۽ علم ان وقت حاصل ٿئي ٿو، جڏهن توهان نئين معلومات کي پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ ويهاريو ٿا ۽ پوءِ عملي طور تي ان کي اختيار به ڪريو ٿا. ان کان پوءِ ئي توهان جي رويي، موقف ۽ طرز عمل ۾ تبديلي اچي ٿي.
[b]خبردار رهو:
[/b] ڪنهن به تبديليءَ لاءِ ضروري آهي ته ان جي رستي ۾ ايندڙ اندرين توڙي ٻاهرين مزاحمت ختم ڪرڻ لاءِ لڳاتار ڪوشش ڪندو رهجي. ٿي سگهي ٿو ته شروع ۾ توهان نئين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان نهايت گرمجوشيءَ جو مظاهرو ڪري ۽ پنهنجي حياتي کي هڪ نئون رخ ۽ نئون نقطئي نظر ڏيڻ لاءِ نيون اميدون وابسته ڪري ڇڏيو. اهو هڪ سٺو رويو آهي پر اهو ممڪن آهي ته توهان کي پنهنجي ان علم جي سلسلي ۾ مختلف احساسن ۽ ڪيفيتن کي منهن ڏيڻو پوي. ٿي سگهي ٿو ته توهان ان علم بابت اڳواٽ واقف نه هئڻ ڪري پنهنجي استادن ۽ مائٽن تي ناراض ٿيو يا ڪاوڙ ظاهر ڪريو ته انهن هن کان اڳ توهان کي اهڙي ڪارائتي معلومات کان واقف ڇو نه ڪيو، پر پوءِ توهان پنهنجو پاڻ تي به ته ساڳي ڪاوڙ ڪريو ته انهن مان ڪيترن اصولن بابت اڳواٽ ڄاڻ هوندي به توهان ان تي ڪهڙو عمل ڪيو آهي؟
وڌيڪ پريشان ٿيڻ بدران هڪ ڊگهو ساهه کڻو ۽ اهو محسوس ڪريو ته اهو سڀ ڪجهه توهان جي زندگيءَ جي سفر جو هڪ حصو آهي. ماضيءَ جي هر ڳالهه پنهنجي نوعيت جي حساب سان بلڪل درست هئي پر هاڻي جڏهن توهان کي نئين نئين معلومات ۽ ڄاڻ حاصل ٿي رهي آهي ته توهان کي ان تي به خوش ٿيڻ گهرجي، سو ان نئين ڄاڻ حاصل ٿيڻ تي خوش ٿيو. هيءَ توهان کي هر قسم جي پريشانين کان ڇوٽڪارو ڏياري ڇڏيندي.
ممڪن آهي ته ان مرحلي دوران اهڙا لمحا به اچن، جو توهان حسرت مان سوچڻ لڳو ته اهو سڀ ڪجهه ايترو تيزيءَ سان مون کي ڪيئن معلوم ٿي رهيو آهي. آءٌ اڳ اها ڪاميابي ڇو نه حاصل ڪري سگهيس؟ آءٌ اڳ ۾ دولتمند ڇو نه ٿي سگهيس؟ آءٌ هن کان اڳ پنهنجو پاڻ کي پنهنجن خوابن کان واقف ڪري ڇو نه سگهيس؟ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ وقت، محنت، ثابت قدمي ۽ صبر کپي. جيڪڏهن توهان هن ڪتاب ۾ ڏنل سمورن اصولن کي عملي طور اختيار ڪري وٺو ته پڪ سان توهان پنهنجو گهربل مقصد حاصل ڪري وٺندا توهان کي پنهنجن خوابن جي تعبير ملي ويندي، پر ياد رکو ته اهو سڀ ڪجهه چپٽيءَ سان يا رات وچ ۾ حاصل ڪرڻ ممڪن ڪونهي. بلڪه ڪنهن به ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻ هڪ قدرتي عمل آهي.
ڪڏهن ڪڏهن انسان مايوس به ٿي ٿو وڃي. اها صورتحال ڪا نيئن صورتحال ڪونهي، ڪو به شخص جيڪو ڪو نئون ڪم سکي ٿو يا ان ۾ مهارت حاصل ڪري ٿو ته اهو ڪنهن وقت محسوس ڪري ٿو ته ڄڻ هن ڪجهه سکيو ئي ڪونهي.
اهوئي لمحو هوندو آهي، جڏهن انسان مايوس ٿي پنهنجو رخ ڪنهن ٻئي پاسي موڙڻ جو سوچي ٿو، پر عقلمند انسان اهو آهي جيڪو اهو سوچي ته جيڪڏهن آئون پنهنجي ان ڄاڻ بابت مستقل مزاجيءَ جو مظاهرو ڪندو رهان ۽ هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪاميابيءَ جي اصولن کي لڳاتار ڪوشش ڪري عملي طرح اختيار ڪندو ته آخرڪار ڪاميابيءَ جي عظيم منزل حاصل ڪري وٺندو.
صبر کان ڪم وٺو، ثابت قدم رهو ۽ همت نه هاريو ته توهان هر حالت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺندؤ ۽ هي اصولَ توهان لاءِ سدائين اثرائتا ۽ ڪارائتا ثابت ٿيندا.
تمام سٺو، هاڻي ئي شروع ٿي وڃو....!!
هنري جيمز چيو آهي ته:
”هاڻي وقت اچي ويو آهي ته توهان پنهنجن خيالن ۽ خواهشن موجب حياتي گذارڻ شروع ڪري ڏيو.“