تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

پڇو، گُهرو ۽ ماڻيو

پرسي راس دانائپ جا ويچار ونڊيندي چيو آهي ته:
”توهان کي کپي ته پڇو، گهرو ۽ حاصل ڪريو. اهو ڪاميابي ۽ خوشيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان زبردست ۽ شاندار طريقو آهي، پر گهڻو ڪري ان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.“
تاريخ انهن شاندار ۽ حيرت ۾ وجهندڙ مثالن سان ڀريل آهي، جڏهن ماڻهن صرف گهرڻ ۽ سوال ڪرڻ سان اڻ کٽ ۽ وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪيا. اهو طريقو اهڙو آهي جيڪو ڪاميابيءَ جي بهترين اصولن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، پر گهڻا ماڻهو اڃا تائين ان کي ڏکيو سمجهن ٿا.

[b]پڇا ۽ گهر کان ڊپ ڇو؟
[/b] ماڻهو پڇڻ، سوال ڪرڻ ۽ گهرڻ کان صرف ان ڪري لنوائين ٿا ته ڪٿي ٻيا ماڻهو کين بيوقوف، ضروتمند ۽ ڦورو نه سمجهن. ماڻهو ان ڪري به سوال ڪرڻ، پڇڻ ۽ گهرڻ کان گهٻرائين ٿا ته ڪٿي سندن سوال رد نه ڪيو وڃي.
افسوس جي ڳالهه ته اها آهي ته اهي انڪار ٻڌڻ کان اڳ ئي پاڻ کي انڪار جو مستحق سمجهي ٿا وٺن. اهي ٻين طرفان سندن سوال رد ٿيڻ يا انڪار کان اڳ ئي پنهنجو پاڻ سوچي، پاڻ کي گهٽ يا رد ڪري ٿا ڇڏين. اهو ڪڏهن به نه سوچيو ته توهان کي هر هنڌان صرف انڪار ئي پلئه پوندو. پنهنجي ضرورت ۽ خواهش موجب پڇڻ، گهرڻ يا سوال ڪرڻ جو خطرو ته کڻڻو ئي پوندو. جيڪڏهن پوءِ به انڪار ٿئي ٿو ته پوءِ به توهان جي حالت اهائي رهندي جيڪا انڪار کان اڳ هئي.

[b]سوال ڪيئن ڪجي؟
[/b] پنهنجي پنهنجي مقصد يا منزل ماڻڻ لاءِ ٻين کان سوال ڪرڻ، گهرڻ ۽ پڇڻ جو عمل به هنر جي حيثيت رکي ٿو. مثال طور:
1) ايئن پڇو ڄڻ توهان کي ”ها“ ۾ جواب ملڻ جي اميد هجي.
2) اهو سوچي سوال ڪريو ته اهو سوال توهان جي ضرورت جي پورائي ڪري سگهي ٿو.
3) سوال ئي اهڙي ماڻهو کان ڪريو، جيڪو توهان کي موٽ ۾ ڏيڻ جو اهل هجي.
4) گهڙي گهڙيءَ، گهرو، پڇندا رهو ۽ سوال ڪرڻ ۾ ڪنجوسي نه ڪريو.