تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

حاصلات لاءِ گهڻو ڏيو

انجيل مقدس ۾ فرمان آهي ته:
”جڏهن توهان پنهنجي دولت مان ڪجهه حصو خدا جي راهه ۾ خرچ ڪندؤ، ٿي سگهي ٿو ته اهو حصو غريبن لاءِ خوراڪ جي صورت ۾ هجي ۽ اهڙيءَ ريت توهان مون کي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو ته مان ڪهڙي نموني توهان لاءِ پنهنجين رقمن جا در کولي ڇڏيان ۽ بي انتها نعمتون آڇيان.“
پنهنجي آمدنيءَ مان الله جي نالي ڏهه سيڪڙو حصو ڪڍي رکڻ جو عمل بهترين ۽ مڪمل خوشي ۽ رحمت حاصل ڪرڻ جو ضامن آهي. دنيا جا تمام گهڻا دولتمند ۽ ڪامياب ماڻهو الله جي نالي تي خرچ ڪندا آهن. جڏهن توهان به پنهنجي آمدنيءَ مان الله جي نالي تي خرچ ڪرڻ شروع ڪندؤ ته خدائي طاقت به توهان سان مددگار ۽ توهان سان شامل رهندي.
توهان جي آمدنيءَ مان الله جي نالي تي خرچ ڪرڻ سان نه صرف ضرورتمندن کي فائدو پهچي ٿو، پر توهان جي ان عمل سان توهان کي پاڻ کي به فائدو رسي ٿو. اهي فائدا هر قسم جي مذهبي رڪاوٽن ۽ پابندين باوجود حاصل ٿين ٿا، ڇو ته الله جي راهه ۾ پنهنجي دولت خرچ ڪرڻ سان نه صرف توهان جو پنهنجي خدا سان تعلق مضبوط ٿي ٿو وڃي، پر توهان جي دل ۾ ٻين لاءِ محبت ۽ شفقت جا جذبا به پيدا ٿين ٿا. اصل ۾ ڌڻي تعاليٰ هڪ اهڙي دنيا ٺاهي آهي، جنهن ۾ توهان جيتري قدر وڌيڪ ڪامياب ٿيندؤ، توهان وٽ ايتري قدر دولت به ججهي هوندي، جو توهان ضرورتمند ۽ حقدار کي به ان ۾ شريڪ ڪري سگهو ٿا.
جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ تمام گهڻي دولت اچي ٿي وڃي ته ان مان اها مراد آهي ته گڏيل طور تي سماج ۾ به وڏي دولت اچي چڪي آهي.
جڏهن توهان پنهنجي آمدني ۽ دولت الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو ٿا ته پوءِ توهان کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ٿئي ٿي.
خدا جي راهه ۾ پنهنجي آمدنيءَ ۽ دولت جو هڪ حصو رکڻ کان سواءِ توهان پنهنجي وقت ۽ ٻين خوبين ذريعي به ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪري سگهو ٿا.

[b]الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو
[/b] ‘Nothing Down’ ۽ ‘The one Minue Millionarire’ جهڙن وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جي ليکڪ ”رابرٽ ايلن“ ڪڏهن به خدا جي راهه ۾ ڪجهه خرچ ڪرڻ جو سوچيو ئي نه هو، پر جڏهن هو پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي چڪو هو ۽ سندس ڪا حيثيت ئي نه رهي هئي ته هڪ ڏينهن هن پنهنجو پاڻ کي چيو ته، ”ٿوري دير غور ڪجي ته مون ڪيتري دولت ڪمائي، مون وٽ ڇا ڇا نه هو، آءٌ ته پاڻ ماڻهن کي دولت ڪمائڻ جا گُر ٻڌائيندو هوس پوءِ به ڇا ٿي ويو، مون وٽان سڀ ڪجهه ڪيئن هليو ويو. لڳي ٿو ته مون کان ڪٿي نه ڪٿي ڪا وڏي غلطي ضرور ٿي آهي.“
پر پوءِ آخرڪار رابرٽ مالي طور تي وري خوشحال ٿي ويو، پر گڏوگڏ هن اهو قيمتي سبق به سکي ورتو ته، ”مون کي هر حالت ۾ پنهنجي آمدنيءَ جو هڪ حصو الله جي راهه ۾ خرچڻ کپي.“
جڏهن هن پهريون ڀيرو خدا جي راهه ۾ خرچڻ شروع ڪيو ته، پهريون ڀيرو مٿس زندگيءَ جو نئون باب کلي ويو. سندس داستان جو هڪ ٻيو متاثر ڪندڙ رخ اهو آهي ته هن پنهنجي ان عمل جي ذريعي تمام گهڻن ٻين ماڻهن کي الله جي راهه تي خرچ ڪرڻ جو رستو ڏسيو ۽ کين ان سلسلي ۾ حوصلو ۽ ولولو ڏنو.
کيس ياد هو ته هڪ عورت وٽس آئي ۽ چيائين ته هوءَ ۽ سندس مڙس الله جي راهه ۾ خرچ نه ٿا ڪري سگهن. ڇو ته اسين مشڪل سان پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهيون.
رابرٽ چيو ته تون الله جي راهه ۾ ان ڪري خرچ ڪري نه ٿي سگهين جو تو وٽ ڪجهه بچي ئي نه ٿو، پر الله تعاليٰ اسان کي ايتريون نعمتون ڏنيون آهن ۽ سکيو رکيو آهي، جو اسين سندس انهن سمورن ڏنل نعمتن جو ته شڪريو ئي ادا نه ٿا ڪري سگهون. هن اسان کي گهڻو مال نه ڏنو ته ڇا ٿيو؟ اسان کي مڪمل صحت، عزت ۽ ڀرم ته ڏنو اٿس. اسان جي سماج ۾ عزت آهي، اسين اسپتالن ۽ دوائن تي ته خرچ نه پيا ڪريون. ماڻهو اسان وٽ اڻ هوندو جي باوجود اسان کي سکيو ستابو سمجهن ٿا، ساڳيو مانُ شانُ ڏين ٿا، اهو ڪافي ڪونهي ڀلي اسين الله جي راهه ۾ ڪجهه نه ٿا ڏيئي سگهون.
جڏهن رابرٽ الله جي راهه ۾ خرچ ڪري ٿو ته کيس اميد نه ٿي هجي ته کيس الله جي راهه ۾ ڏنل رقم وڌيڪ ٿي موٽي ملندي، ڇو ته کيس محسوس ٿي ويو آهي ته آسماني خزانن جا در مٿس اڳ ۾ ئي کلي چڪا آهن. هو خدا جي راهه ۾ ان لاءِ خرچ ڪري ٿو ته، وٽس الله جون ڏنل تمام گهڻيون نعمتون ۽ رحمتون اڳ ۾ ئي موجود آهن.

[b]ادارا به خدا جي راهه ۾ خرچ ڪن
[/b] اهو ڪو ضروري ڪونهي ته ڪو اڪيلو ماڻهو ئي الله جي نالي ۾ خرچ ڪري سگهي ٿو، پر ڪو واپاري ادارو به پنهنجي نفعي مان الله جي راهه ۽ ڏکويل انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪري سگهي ٿو.
ان سلسلي ۾ سڀ کان سٺو ۽ بهترين مثال ڪمپيوٽر جي دنيا جي بي تاج بادشاهه بل گيٽس جو آهي، جنهن پنهنجي اداري ذريعيس ت ملين جي هڪ وڏي رقم ڏکويل انسانيت جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪئي..... پر اهو به ضروري ڪونهي ته الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ توهان جو ڪو پنهنجو ڪاروباري ادارو هجي يا وري توهان وٽ ڪافي دولت هجي. توهان طرفان رقم ۽ وقت جي صورت ۾ ٿوري به خدمت هڪ به ڏکويل انسان جي مدد ڪري سگهي ٿي.

[b]دولت روهايو
[/b] جونيئر ڪرچي سن دولت متعلق چيو آهي ته، ”دولت ڀاڻ وانگر آهي، توهان ان کي جيترو ڇٽيندا ويندؤ اها اوترو توهان کي ان جو لاڀ ڏيندي ويندي، پر جيڪڏهن توهان ان کي هڪ هنڌ گڏ ڪري رکيو ته پوءِ اها جهنم جي باهه کان گهٽ ثابت ڪانه ٿيندي.“
جڏهن توهان پنهنجي ڪاميابيءَ ۾ ٻين کي به شامل ڪريو ٿا ته پوءِ جڏهن پنهنجي دولت ۾ ٻين کي به شريڪ ڪريو ٿا ته توهان جا ڪيترا ڪم پاڻ مرادو آسان ٿي ٿا وڃن، مشڪلاتون ختم ٿي ٿيون وڃن ۽ توهان کي اوندهه ۾ به روشنيءَ جي واٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، توهان کي ڪاميابي ئي ڪاميابي حاصل ٿيندي ٿي وڃي.