تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

پنهنجي خرچن جي معمول ۾ مهارت ماڻيو

غيرضروري خرچ بابت ول راجرز جو خيال آهي ته:
”اڪثر ماڻهو اڻوڻندڙ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ اهي شيون به خريد ڪن ٿا، جن جي کين ضرورت نه هوندي آهي ۽ اهي شيون ان رقم ذريعي خريد ڪن ٿا، جيڪا سندن ڪمايل نه هوندي آهي.“
پنهنجي آمدنيءَ مان وڌ ۾ وڌ بچت ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته صرف ضروري شين تي ئي رقم خرچ ڪئي وڃي ۽ غيرضروري ۽ ڏيکاءُ وارين شين کي قطعي طور تي نظرانداز ڪيو وڃي.

[b]گذريل سال ڪيترو خرچ ڪيو؟
[/b] ڪيترين اجاين شين تي رقم پاڻيءَ وانگر وهائڻ سان توهان جا مالي حدف ۽ مقصد ڪمزور ٿي ٿا وڃن ۽ انهن کي نقصان رسي سگهي ٿو پنهنجي ان طرز عمل سبب توهان قرضن ۾ وڪوڙجي سگهو ٿا.
جيڪڏهن توهان پنهنجن خرچن تي ڪنٽرول نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ هي طريقو استعمال ڪريو:
پنهنجي گهر ۾ موجود ڪٻٽ، سيف يا خاني کي کوليو ۽ هر اها شيءِ ڪڍي ٻاهر ڪريو، جيڪا توهان گذريل سال استعمال نه ڪئي هئي. انهن شين ۾ ڪپڙا، جوتا، سينگار جو سامان، بجليءَ جو سامان، بسترن جون چادرون، ٽوال، ڪمبل وغيره سميت هر اها شيءِ جيڪا توهان گذريل سال خريد ته ڪئي، پر استعمال ۽ شامل نه ڪئي. پوءِ انهن شين کي هڪ هنڌ گڏ ڪريو ۽ انهن لاءِ خرچ ڪيل قيمت بابت تفصيل لکي جوڙ ڪريو.
جڏهن اهو طريقو استعمال ڪريون ٿا ته اسان کي ڪيتريون اهي شيون به ملي ٿيون وڃن، جنهن تي قيمت لکيل هوندي آهي. حقيقت اها آهي ته اهي مهانگيون شيون ۽ سامان جن کي توهان گذريل 3-4 سالن ۾ خريد ڪيو هو، تنهن کي توهان 2-3 دفعن کان وڌيڪ استعمال به نه ڪيو هوندو آهي، پر پوءِ به انهن جي خريداريءَ تي رقم وڃائي ڇڏي ۽ جڏهن توهان انهن سمورين شين جي قيمت جوڙيو ٿا ته اها ڪل رقم توهان جي موجوده سال جي ڪريڊٽ ڪارڊ جي ڪل ادا ٿيندڙ رقم کان به وڌيڪ هوندي آهي.

[b]روڪ رقم مان خريداري
[/b] پنهنجن انهن تمام گهڻن اجاين خرچن کان بچڻ جو هڪ سٺو طريقو اهو آهي ته تقريبن هر شيءِ رقم مان خريد ڪريو. توهان وٽ جيڪا روڪ رقم کيسي ۾ آهي، صرف تنهن مان خريداري ڪريو. روڪ رقم ذريعي خريداري ڪرڻ سان توهان کي پتو پوندو ته توهان ڇا پيا خريد ڪيو ۽ توهان کي احساس ٿيندو ته ڪيتري رقم مان ڇا پيا خريد ڪريو.

[b]ٺاٺ باٺ کان به پاسو
[/b] پنهنجي خرچن ۾ توازن لاءِ توهان پنهنجن اميراڻن ٺٺن کي به گهٽايو. ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي صرف پنهنجن خرچن ۽ خريداري ۾ ٿورو هٿ روڪي گهڻو ڪجهه بچائي سگهن ٿا ۽ ان ذريعي وڏيءَ رقم جي سيڙپ ڪن ٿا. پڙهو ڪجهه مثال:
هڪ عورت نهايت باقاعدگيءَ سان 685 ڊالرن جون سينيما جون ٽڪيٽون رڳو 123 ڊالرن ۾ خريد ڪندي هئي. هوءَ اهي ٽڪيٽون صرف تڏهن خريد ڪندي هئي جڏهن انهن تي رعايت جو اعلان ڪيو ويندو هو.
هڪ شخص ڪارن جو ڪاروبار ڪندو آهي، پر ڪارون صرف تڏهن خريد ڪندو آهي، جڏهن اهو ڪاروبار عروج تي هوندو آهي ۽ پوءِ هو انهن ڪارن کي پنهنجي مرضيءَ جي قيمت تي وڪڻي پنهنجي آمدني وڌائي ٿو.
هڪ عورت نِتِ نئين فيشن جا لباس پسند ڪندي آهي، پر اها انهن ڪيترن ئي عام دوڪانن تان خريد ڪرڻ بدران انهن کي تيار ڪندڙ ڪارخانن مان وڃي خريد ڪندي آهي. اهڙيءَ ريت هوءَ پنهنجو شوق به پورو ڪري ٿي ۽ رقم به بچائي ٿي. اهڙي نموني اهي ماڻهو پنهنجي آمدنيءَ مان ڪافي رقم بچائين ٿا ۽ گهٽ ۾ گهٽ خرچن ذريعي معياري زندگي گذارين ٿا.

[b]قرضن مان جان ڇڏايو
[/b] پنهنجن خرچن کي بهتر نموني ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجا روزاني خرچ گهٽ ڪرڻ جو هڪ سادو طريقو اهو به آهي ته قرض مان جان ڇڏايو. ان مقصد لاءِ اميراڻن ٺاٺن واري زندگي گذارڻ بدران سادگي اختيار ڪريو. جيڪڏهن توهان به ان صورتحال کان بچڻ چاهيو ٿا ته پوءِ قرض مان جان ڇڏائڻ لاءِ هيٺيان طريقا اختيار ڪريو.
1.اوڌر کان پاسو
اهو طريقو اوترو ئي سادو سولو آهي، جيترو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اوڌر جي گهر هڪ ايڏو وڏو سبب آهي، جنهن جي ذريعي وڌيڪ ماڻهو قرض ۾ ٻڏي ٿا وڃن. پوءِ ماڻهو پنهنجي پهرين ورتل قرض ڀرڻ لاءِ نئون قرض ٿا وٺن ۽ اهو چريائپ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. جيئن ته قرض وٺڻ مهل ڪجهه ڏيڻو نه ٿو پوي يا اوڌر تي شيون وٺڻ مهل به هڙان ڪا رقم نه ٿي وڃي ته اوڏي مهل ته جهڙو مزو ٿو اچي ۽ اسان سوچڻ سمجهڻ بنا هي به وٽ ته هو به وٽ ۾ لڳيو ٿا وڃون. مٿي تي هٿ ته ان وقت اچي ٿا وڃن، جڏهن انهن شين لاءِ ادائگيءَ جو وقت اچي ٿو، ڪو بل سامهون اچي ٿو ته ان وقت پتو پوي ٿو ته اسان پنهنجو پاڻ سان ڇا ڪيو، پر جيئن ته ”پنهنجي وڍيءَ جو نه ڪو ويڄ يا طبيب“، سو پوءِ پريشانين جو دور شروع ٿي ٿو وڃي.
هيٺيون حساب غور سان پڙهو:
1. ڪا شيءِ خريد ڪرڻ لاءِ ورتل رقم 10000 رپيا
2. وياج ڪيترو ڏبو 10 سيڪڙو
3. ڪيترن مهينن تائين قسط ڏبي 60 مهينا
4. آخر ۾ ڪيتري رقم ڏيڻي پوندي؟ 3347 رپيا
5. ڪل وياج 34 سيڪڙو
هاڻي توهان پاڻ فيصلو ڪريو ته اوڌر ۽ روڪ رقم سان خريداريءَ ۾ ڪيترو نقصان آهي ۽ روڪ رقم مان توهان کي ڪيترو فائدو ۽ بچت ٿئي ٿي. تنهن ڪري جڏهن به ڪا شيءِ وٺو ته اوڌر بدران روڪ رقم ڏئي وٺو ۽ اهو ڏسو ته اها توهان لاءِ ڪيتري قدر ضروري آهي.
2. موجوده قرض اوڌر مان نه ڀريو
پنهنجو موجوده قرض اوڌر ورتل ٻئي رقم ماقن نه ڀريو. ايئن ڪرڻ سان توهان جو قرض ۽ اوڌر ٻئي وڌندا ويندا ۽ جڏهن هينئر ئي توهان گهٽ رقم ئي ڀري نه ٿا سگهو ته پوءِ وياج مٿان سبب وڌيڪ رقم ڪيئن ڀريندؤ؟
3. ننڍا قرض پهرين ڀرو
جڏهن توهان ننڍا ننڍا قرض پهرين ڀري ٿا ڇڏيو ته پوءِ توهان قرض مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سٺي ڪاميابي حاصل ڪريو ٿا، پر پوءِ به قرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ڪو سٺو طريقو ڪونهي، پر هڪ ڳالهه سٺي آهي ته توهان جڏهن به پنهنجو ڪو ننڍو قرض به ڀريو ٿا ته پوءِ توهان جي همٿ ۽ حوصلو وڌي ٿو.
4. قرض ڀرڻ جي رقم وڌائيندا رهو
جڏهن توهان هڪ ڀيرو پنهنجا ننڍا ننڍا قرض ڀري ٿا ڇڏيو ته پوءِ پنهنجن وڏن قرضن ڀرڻ وارين رقمن کي وڌائيندا وڃو. ايئن ڪرڻ سان توهان کي اها واڌو رقم ڏيڻي نه پوندي، جيڪا توهان تي وياج وڌڻ سبب چڙهي ها.

[b]قسطون ۽ بل تڪڙا ڀريو
[/b] عام طور تي گهرن جون قسطون وصول ڪرڻ وارا ماڻهو ٻن هفتن کان پوءِ قسط وصول ڪن ٿا. توهان هڪ هفتي ۾ پنهنجي ماهوار قسطن جي اها رقم ڀري ٿا ڇڏيو ۽ توهان کي مهيني جي آخر ۾ وڌيڪ رقم نه ٿي ڀرڻي پوي. جڏهن توهان پنهنجي گهر لاءِ حاصل رقم جي قسط ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ جون قسطون جلدي جلدي ڀري ٿا ڇڏيو ته پوءِ توهان کي انهن قسطن تي واڌو وياج ڀرڻو نه ٿو پوي ۽ توهان مٿان رهيل قرض جي رقم به گهٽجڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ آخرڪار اهڙيءَ ريت توهان پنهنجن قرضن ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ جي قسط مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٿا وڃو.

[b]ڌيان جي قوت
[/b] جڏهن توهان اهو پڪو ارادو ڪري ٿا وٺو ته توهان هر حال ۾ قرض مان ڇوٽڪارو چاهيو ٿا ۽ توهان کي ان کان پوءِ وڌ ۾ وڌ رقم بچائڻي آهي ته پوءِ توهان جو ذات جي اندر هڪ معجزاڻي طاقت ۽ قوت پيدا ٿي وڃي ٿي.
ايستائين جو جڏهن توهان کي اها پڪ نه ٿي هجي ته توهان هر مهيني قرض مان آجا ٿيندا ٿا وڃو ته پوءِ توهان پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪريو ته توهان کي قرض مان جان ڇڏائڻي آهي. توهان حيران ٿي ويندؤ ته توهان ۾ اها حيرت ۾ وجهندڙ صلاحيت پيدا ٿي رهي آهي ته توهان مان ڇوٽڪاري لاءِ وڌ ۾ وڌ بچت جي مقصد ڏانهن تيزيءَ سان ويجهو ٿي رهيا آهيو.
پنهنجي زندگيءَ ۾ دولت جي لحاظ کان موجوده حالت کي پاسيرو رکي، جيڪڏهن توهان نااميدي جي صورتحال ۾ به آهيو ته به قرض مان ڇوٽڪاري ۽ وڌ ۾ وڌ بچت ۽ سيڙپ جي مقصد سان بهتري حاصل ٿيڻ لاءِ معجزو ٿيڻ ڏيو.