مثبت سچو سٺو نتيجو ماڻيو
”ڪنهن ڪم بابت ناڪاري رويو ظاهر ڪرڻ يا ان کي نظرانداز ڪرڻ آسان آهي، پر سٺو رويو اختيار ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ جوش پيدا ڪرڻ لاءِ محنت گهرجي. اهڙين ناڪاري ۽ غير تعميري ڪيفيتن مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو طريقو صرف اهو آهي ته، توهان پنهنجو ڌيان سٺن احساسن ۽ ڪيفيتن ڏانهن ڏيو.“
ماحول کڻي ڪهڙو به هجي ڪامياب ماڻهو هميشه سٺي سوچ رکندا آهن ۽ سٺو رويو ۽ سوچ فڪر رکندا آهن. توهان پنهنجو ڌيان، روشن، مثبت ۽ تعميري خيالن، احساسن ۽ ڪيفيتن ڏانهن رکو. وڌيڪ اهو ته ڪامياب ماڻهو ماضيءَ جي ناڪامين بدران ڪاميابين تي نظر رکن ٿا ۽ ان کي سامهون رکي اڳتي وڌندا ٿا رهن، جنهن ڪري اهي منزل جي ويجهو ٿيندا ٿا وڃن ۽ منزل کان ڀٽڪندا نه آهن.
[b]45 اهم منٽ:
[/b] ڪنهن به شيءِ تي ڌيان ڏيڻ جو اهم حصو هي آهي ته توهان ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي ۽ سمهڻ کان ڪجهه دير اڳ پنهنجين ڪاميابين تي پاڻ کي شاباس ڏيو. پنهنجي مقصد بابت سوچ ويچار ڪريو، پنهنجي ڪاميابي مستقبل تي ڌيان ڌريو ۽ ٻئي ڏينهن ڇا ڇا ڪرڻو آهي ان بابت اڳواٽ پروگرام ٺاهي رکو.
مون توهان کي ڏينهن جي پڄاڻيءَ وارو حصو چونڊڻ لاءِ ڇو چيو؟ اهو ان لاءِ ته ڏينهن جي پڄاڻيءَ جي آخري 45 منٽن ۾ توهان جيڪي ڪجهه پڙهو ٿا، ڏسو، ٻڌو يا ڳالهايو ٿا، انهن سمورن معاملن جو توهان جي ننڊ ۽ ايندڙ ڏينهن جي ڪم ڪار تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو.
ننڊ ڪرڻ وقت توهان جو لاشعوري ذهن رات جو دير تائين ٿيل اثرن کي ڏينهن ۾ ٿيل ڪنهن به واقعي يا اثر کان وڌيڪ ورجائي ٿو. اهوئي سبب آهي جو رات جو دير سان امتحان جي تياري سٺي ثابت ٿيندي آهي. اهوئي سبب آهي جو جڏهن ٻار سمهڻ کان اڳ سٺيون ۽ نصيحت واريون آکاڻيون پڙهن ٿا ته انهن آکاڻين ۾ موجود سٺيون ڳالهيون ۽ اخلاقي نصيحتون ۽ سبق ٻارن جي شعور جو هڪ حصو بڻجيو وڃن.
جڏهن توهان ننڊ ۾ هوندا آهيو ته توهان جو لاشعوري ذهن سجاڳ ٿي ويندو آهي ۽ سڄي ڏينهن توهان سان جيڪو وهيو واپريو، انهن کي ورجائڻ لڳندو آهي.
هاڻي سوچيو ۽ غور ڪريو ته جڏهن توهان سمهڻ کان اڳ ڪا سٺي آتم ڪهاڻي يا ڪو سٺو اصلاحي ڪتاب پڙهندا آهيو ته توهان جو اهو عمل توهان کي ڪيترو متاثر ڪندو آهي.
وڌيڪ اهو ته ڪنهن به ڳالهه تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ جي زبردست قوت جو مشاهدو ڪريو. پنهنجي ڪم کي بهتر بڻائڻ، پنهنجن عملن کي سڌارڻ لاءِ ٻين طرفان ڪيل نصيحتن ۽ تقريرن جو توهان تي ڪيترو اثر پوي ٿو، پوءِ ننڊ کان اڳ سڀاڻي لاءِ ڪيل رٿابندي توهان کي ڪيترو فائدو پهچائي ٿي.
هيٺ ڪي اهڙيون مشقون ٻڌايون ٿيون وڃن، جن ذريعي ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي وڌيڪ ڪاميابي لاءِ ڌيان ڏئي سگهو ٿا.
اکيون بند ڪري آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهو، گهرا ساهه کڻو ۽ پاڻ کي هيٺ ڄاڻايل هدايتن مان ڪا هڪ هدايت ڪريو.
1) مون کي خبر هجڻ کپي ته آءٌ پنهنجو هي ڏينهن ڪهڙي نموني اطمينان سان گذاري سگهان ٿو.
2) مون کي خبر هجي ته آءٌ پنهنجو اڄوڪو ڏينهن ڪهڙي نموني احتياط سان گذاري سگهان ٿو.
3) مون کي خبر پوڻ کپي ته آءٌ پنهنجو اڄوڪو ڏينهن ڪهڙي نموني بهتر گذاري سگهان ٿو.
4) مون کي معلوم ٿيڻ گهرجي ته آءٌ پنهنجو اڄوڪو ڏينهن ڪهڙي نموني خوشگوار گذاري سگهان ٿو.
5) مون کي خبر هجي ته آءٌ پنهنجو اڄوڪو ڏينهن ڪهڙي نموني ڪامياب گذاري سگهان ٿو.
6) مون کي خبر هئڻ گهرجي ته آءٌ پنهنجو اڄوڪو ڏينهن ڪهڙي نموني سٺي ۽ خوش مزاجيءَ واري نموني سان گذاري سگهان ٿو.
جڏهن توهان خالي ذهن سان خاموشيءَ ۽ سڪون سان ويٺا هجو ٿا ته توهان ڏسندؤ ته ان ڏينهن پيش آيل ڪيترائي واقعا توهان جي ذهن ۾ فلم وانگر هلندا نظر ايندا. ڪنهن به قسم جي اندازي يا پاڻ تي تنقيد ڪرڻ کان سواءِ انهن کي ڏسندا رهو. جڏهن اها فلم آهستي آهستي هلڻ لڳي ۽ پوءِ جڏهن وڌيڪ واقعا پسجڻ بند ٿي وڃن ته سوچيو ته توهان سڄي ڏينهن ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو، تنهن کي اڃا وڌيڪ بهتر ڪهڙي نموني ڪري سگهجي ٿو.
ڪاميابين تي ڌيان لاءِ انهن جي لکت جي صلاح:
پنهنجي ڪاميابين تي سٺي نظر رکڻ جو هڪ بهترين طريقو اهو آهي ته ان کي ڪاپيءَ تي لکي رکيو وڃي. ڪاميابين کي لکي رکڻ جو اهو نهايت جديد طريقو آهي. جيڪڏهن توهان هڪ مهيني تائين اها مشق جاري رکو ته پوءِ نه صرف توهان جي خوداعتماديءَ ۾ اضافو ٿيندو پر زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ توهان جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري ايندي ويندي.
هر ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي انهن پنجن شين يا ڳالهين کي ياد ڪريو، جن کي توهان پنهنجي ڪاميابي سمجهو ٿا. اهي ڪاميابيون زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ٿي سگهن ٿيون. مثال طور: آفيس، نوڪري، ڪاروبار، اسڪول، گهرڀاتي، روحاني معاملا، مالي معاملا، تندرستي، ذاتي سڌارو ۽ سماجي خدمت يا ڀلائي جا ڪم.
[b]سٺي ڏينهن جو تصور ٺاهيو:
[/b] پنهنجي ڪاميابين تي نظر رکڻ لاءِ هڪ بهترين طريقو اهو به آهي ته پنهنجي مرضي موجب ڪاميابين سان ڀرپور هڪ ڏينهن جو خيال ۽ تصور ڪريو ۽ اهو سمجهو ته توهان پنهنجو ايندڙ ڏينهن ان رٿابندي هيٺ گذاريو پيا. اهو تصور ڪريو ته توهان جو هر ڪم توهان جي سوچ موجب ٿي رهيو آهي. تصور جي نگاهه سان ڏسو ته توهان هر معاملي ۾ تمام سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهيو. ان رويي ۽ طرز عمل ذريعي توهان جو لاشعور هڪ اهڙو نظام عمل لاءِ تيار ڪندو، جنهن سان توهان جو خواب حقيقت ۾ بدلجي سگهي ٿو.
تنهن ڪري تصوراتي طور پنهنجو بهترين ڏينهن پلاننگ ڪريو ۽ ان عمل کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو. توهان جي اها عادت توهان جي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيندي.