طئه ڪريو ته توهان ڇاٿا چاهيو؟
”پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي چاهت موجب سڦلائتي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ شروعاتي ۽ پهريون قدم اهو آهي ته توهان پهريائين هي طئي ڪريو ته توهان هن وقت آخر ڪرڻ ڇا ٿا چاهيو؟“
جڏهن توهان هڪ ڀيرو اهو ڄاڻي ورتو ته هن وقت توهان ڪهڙي هنڌ بيٺل آهيو ته پوءِ توهان ان ڳالهه جو حتمي فيصلو ڪريو ته توهان هينئر ڇا ٿا چاهيو؟ ۽ ڪٿي بيهڻ ٿا چاهيو؟ ۽ توهان هيستائين ڇا حاصل ڪيو آهي ۽ هينئر توهان ڪهڙي قسم جي ڪامياب ٿا چاهيو؟ ڪهڙي قسم جي حالتن مان لنگهڻ چاهيو ٿا؟ سفر دوران توهان ڪٿي آهيو ۽ ڪٿي پهچڻ ٿا چاهيو؟ تنهن ڪري توهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته توهان آخر حدف ڇا آهي؟ ٻين لفظن ۾ ڪهڙي ڳالهه ۾ توهان جي ڪامياب لڪل آهي، اها ڪاميابي توهان کي ڪيئن ٿي نظر اچي؟
ڪي ماڻهو پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي چاهت موجب ان ڪري ڪاميابي حاصل نه ٿا ڪن ته کين اهو فيصلو ڪرڻ ئي نه ٿو اچي ته آخرڪار اهي ڇا ٿا چاهين؟ ۽ اهو به ته اهي پنهنجين خواهشن ۽ جذبن جو تفصيلي ۽ کليل نموني اظهار نه ٿا ڪري سگهن.
ابتدائي حالتون اڪثر ڪاميابيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون
هر ماڻهوءَ جي دل ۽ دماغ ۾ ننڍپڻ کان هڪ خواهش لڪل هوندي آهي ۽ هو پنهنجي زندگيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ چاهي ٿو پر بدقسمتي اها آهي ته ٿي سگهي ٿو ته توهان جا ماءُ پيءُ، استاد، بزرگ ۽ توهان جي ننڍپڻ ۾ توهان لاءِ مثالي ڪردار بڻيل ماڻهو توهان جي اها لڪل خواهش دفنائڻ جو سبب بڻجي وڃن.
جڏهن توهان هڪ ٻار طور سکڻ سمجهڻ شروع ڪيو ته توهان کي پڪ سان خبر هئي ته توهان کي ڇا ڪرڻو آهي؟ جڏهن توهان کي بک لڳندي هئي ۽ کاڌا اوهان اڳيان هوندا هئا ته توهان اهي کاڌا پري ڪري ڇڏيندا هيؤ، جيڪي توهان کي پسند نه ايندا هئا. توهان بنا ڪنهن ڏکيائي ۽ تڪليف جي پنهنجين ضرورتن ۽ خواهشن تي عمل ڪرڻ جي قابل هيؤ. توهان ايستائين زور زور سان رڙيون ۽ روڄ راڙو ڪندا رهندا هئا، جيستائين توهان پنهنجي گهربل شئي حاصل نه ٿي ڪري ورتي. زندگيءَ جي ٻين شين حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ به توهان پنهنجين خواهشن تي اهڙي نموني عمل ڪري يا ڪرائي وٺندا هئا. جڏهن توهان ٿورا وڏا ٿيؤ ته پنهنجي پسنديده شين ڏانهن رڙهندا هليا ويندا هيؤ.
توهان کي چٽي طرح خبر پئجي ويندي هئي ته توهان کي ڇا کپي ۽ توهان بنا خوف ۽ خطري جي اوڏانهن هليا ويندؤ.
جڏهن توهان ايئن ڪندا ته پوءِ ان وقت ڇا ٿيندو هو؟ ڪن ماڻهن ڪجهه چيو ته ڪن ماڻهن وري ڪجهه چيو مثال طور:
”هن کي هٿ نه لاهه“
هتان پري هٽ.“
”هن کي هٿ لڳائڻ سان نقصان ٿيندو.“
”توکي جيڪو کائڻ لاءِ ملي ٿو، اهو کاءُ، نه وڻي ته نه وڻي.“
”توکي واقعي ايئن محسوس نه ڪرڻ کپي.“
”توکي هن شئي جي گهرج ڪونهي.“
”توکي شرم ڪرڻ گهرجي.“
”روڄ راڙو بند ڪر، اجايون رڙيون نه ڪر.“
تنهن کان پوءِ توهان جڏهن اڃا ڪجهه وڏا ٿيؤ ته توهان کي هي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون:
”توکي هر شئي پنهنجي مرضيءَ موجب نه ٿي ملي سگهي.“
”پئسا ڪو وڻن تي نه ٿا ڦٽن، جو توکي هر وقت اتان پٽي ڏيون.“
”ڇا تون پاڻ کان سواءِ ٻئي لاءِ نه ٿو سوچي سگهين؟“
”ايترو خودغرض نه ٿي.“
”پنهنجي مرضي نه هلاءِ.“
”جيئن آءٌ چوان تيئن ڪر.“
ٻين جي خواهش نه هلو:
ننڍپڻ ۾ اهڙي قسم جي پابندين جي گهيري ۾ رهڻ سبب آخرڪار اسان مان ڪيترائي ماڻهو، پنهنجي جسماني ۽ دلي خواهشن کان محروم ٿي ٿا وڃن.سچ پچ محروم ٿي اسان ٻين جي مرضيءَ ۾ ۽ خواهش موجب حياتي گذارڻ لڳاسين. اسان کي اها پڪ ٿي وئي ته هن ڪم يا ڳالهه ۾ اسان جي مرضي نه هلندي، تنهن ڪري اسين عملي طور تي ٻين جي چوڻ تي هلڻ لڳاسين. نتيجو اهو نڪتو جو اسان پنهنجين دلي خواهشن کي دفنائي ڇڏيو ۽ جڏهن اسين هاڻي وڏا ٿي چڪا آهيون ته به اسان جي ميس ايتري مري چڪي آهي، جو اسان چاهڻ باوجود اهو نه ٿا ڪري سگهون، جيڪو اسان کي ڪرڻ گهرجي. اسين صرف اهو ڪم ڪندا آهيون، جنهن ۾ ٻين جي خوشي ۽ رضامندي شامل هجي.
- اسان پنهنجي پيءُ جي خواهش تي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخل ورتي.
- توهان پنهنجي ماءُ جي خواهش تي ان ڇوڪريءَ سان به شادي ڪري ڇڏي، جنهن کي توهان نه ٿي چاهيو.
- ايئن کڻي سمجهو ته پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ بدران اسان ٻين وٽ ”نوڪري“ ڪئي ۽ انهن جي مرضي تي هلڻ لڳاسين.
سمجهداريءَ جي نالي تي اسان دلي خواهشن، کي پنهنجي سيني اندر ئي دفنائي ڇڏيو. اها ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي ته اسين جڏهن پنهنجن ننڍن ٻارن کان پڇندا آهيون ته: ”توهان جي خواهش ڇا آهي؟“ ته اهي اڪثر نهايت سچائي ۽ ايمانداريءَ سان جواب ڏيندا آهن ته ”اسان کي خبر ڪونهي.“ اصل ۾ سندن حقيقي خواهشن جي رستي ۾ ڪيترائي ”هي ڪريو ۽ هو ڪريو“، ”ٿي سگهي ٿو“، ”نه ٿو ٿي سگهي“، ”ممڪن آهي“ ۽ ”الائجي ممڪن ناهي“ جهڙا لفظ روڪ ڪيو بيٺا هوندا آهن.
ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته توهان پنهنجين اصل خواهشن جو کليو اظهار ڪري سگهو.
جڏهن توهان هر معاملي ۾ ننڍي کان ننڍي سطح تي پنهنجي اوليتن کي سامهون رکي پنهنجي خواهش ۽ مرضيءَ موجب ڪاميابيءَ لاءِ شروعات ڪري سگهو ٿا. اهي اوليتون ۽ خواهشون ڀلي کڻي ننڍيون هجن يا وڏيون پر انهن کي معمولي نه سمجهو. اهي ٻين لاءِ ته معمولي ۽ غير اهم ٿي سگهن ٿيون پر توهان لاءِ نه.
[b]پنهنجن مقصدن کي مٿانهون رکو:
[/b] جيڪڏهن توهان پنهنجي اندر موجود صلاحيتن ۽ سگهه کي ٻيهر سجاڳ ۽ سرگرم ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب خواهشن جي پورائي چاهيو ٿا ته توهان اهو چوڻ بند ڪري ڇڏيو ته:
”مون کي ڪجهه به معلوم ڪونهي.“
”مون کي ڪا به پرواهه ڪونهي.“
يا وري ته: ”اهو منهنجو ڪم ڪونهي.“
يا وري ننڍن ٻارن وانگر اهو چئو ته:
”مون کي ڪجهه به خبر نه ٿي پوي.“
جڏهن به توهان کي ڪا شئي چونڊڻ جو موقعو ملي ته پوءِ ڀلي اها ڳالهه معمولي هجي يا اهم، پنهنجو رويو اهڙو رکو ڄڻ توهان هر ڪم لاءِ پنهنجون اوليتون مقرر ڪيون آهن.
پنهنجو پاڻ کان سوال ڪريو ته: ”جيڪڏهن مون کي ان بابت معلوم هجي ها ته آءٌ ڇا ڪريان ها؟“
يا ”جيڪڏهن منهنجي ترجيحن جي ڪا اهميت هجي ها ته آءٌ ڇا ڪريان ها؟“
اها هڪ عادت هئي، جنهن جا توهان عادي ٿي چڪا هئا ته توهان کي پنهنجين خواهشن ۽ امنگن بابت معلوم ئي نه هو ته اهي ڪهڙيون آهن ۽ توهان رڳو ٻين جي خواهشن تي عمل جا پابند هئا، پر هاڻي توهان پنهنجي ان رويي کي ابتڙ عادتون اختيار ڪري ختم ڪري سگهو ٿا.
[b]ڪاميابيءَ جي چونڊ:
[/b] ڪافي عرصو اڳ مون کي هڪ تربيتي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو مليو. جڏهن اسين 24 مقرر وقت تي ڪمري ۾ داخل ٿياسين ته اسان کي ڪرسين تي ويهڻ جي هدايت ڪئي وئي. هر ڪرسيءَ تي هڪ اهڙي ڪاپي رکيل هئي، جنهن جو جلد تارن سان ٻڌل هو. ڪي ڪاپيون نيري رنگ جون هيون ۽ ڪن جو رنگ پيلو هو ته ڪن جو وري ڳاڙهو، منهنجي ڪرسيءَ تي رکيل ڪاپيءَ جو رنگ پيلو هو. آءٌ سوچي رهيو هوس ته منهنجي ڪاپيءَ جو رنگ نيرو هجي ها ته بهتر هو.
پوءِ تربيتي پروگرام جي سربراهه اهو ڪجهه چيو، جنهن منهنجي زندگيءَ جو رُخ هميشه هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو.
هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي پنهنجي ڪاپيءَ جو رنگ پسند ناهي ته توهان ڪنهن ٻئي سان ڪاپي مٽائي، پنهنجي پسند جي رنگ واري ڪاپي وٺي سگهو ٿا. توهان کي اهو حق حاصل آهي ته توهان پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب هر قسم جي ڪاميابي حاصل ڪري سگهو.
يا الله! ڪهڙو نه انقلابي خيال ۽ نظريو هو، ويهه سال ٿي ويا، پر مون ته ڪڏهن ايئن سوچيو ئي نه ته ڪو آءٌ پنهنجي خواهش موجب ڪاميابي حاصل ڪري سگهندس.
تنهن ڪري آءٌ پنهنجي ساڄي پاسي ويٺل عورت ڏانهن وڌيس ۽ ان کان پڇيم ته ”ڇا آءٌ پنهنجي پيلي رنگ جي ڪاپي ڏيئي، توهان کان نيري رنگ جي ڪاپي وٺي سگهان ٿو.“
ان عورت يڪدم انڪار ڪندي چيو ته بلڪل نه! مون کي ته نيرو رنگ ئي پسند آهي. ان رنگ جي چمڪ سٺي لڳي ٿي. اهو رنگ منهنجي مزاج مطابق اهي.
تربيتي پروگرام جي سربراهه مون کان پيلي رنگ جي ڪاپي وٺي، مون کي نيري رنگ جي ڪاپي ڏئي ڇڏي.
هاڻي مون وٽ پنهنجي خواهش مطابق نيري رنگ جي ڪاپي موجود هئي. منهنجي لاءِ جيتوڻيڪ اها ڪا وڏي ڪاميابي نه هئي، پر منهنجو اهو قدم منهنجي ان پيدائشي حق جي عڪاسي ڪندڙ هو، جنهن هيٺ آءٌ پنهنجو اوليتون مقرر ڪري سگهيس ٿي ۽ پنهنجي خواهشن تي عمل ڪري ٿي سگهيس. ان وقت تائين آءٌ پنهنجين اوليتن کي اهميت ئي نه ڏيندو هيس ۽ نه ئي انهن تي عمل ڪري سگهندو هوس. آءٌ انهن کي غير اهم سمجهندو هوس.
اهو منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان يادگار ڏينهن هو. ان ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو رخ ئي مٽجي ويو. مون پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ شروع ڪيو ۽ مون نهايت سٺي طريقي سان پنهنجين خواهشن ۽ امنگن کي عملي شڪل ڏيڻ واري ڪم جي شروعات ڪئي.
خواهشن جي فهرست جوڙيو:
”توهان هن وقت ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو؟“ ان کي چٽي نموني بيان ڪرڻ جو سڀ کان سولو طريقو اهو آهي ته توهان انهن ٽيهن شين يا ڳالهيون جي فهرست تيار ڪريو، جيڪي توهان ڪرڻ چاهيون ٿا.
پنهنجي زندگي ۾ خواهش موجب ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي رستي تي وکَ وڌائڻ لاءِ اها هڪ نهايت ئي سٺي ترڪيب آهي.
پنهنجين خواهشن جي اظهار جو هڪ ٻيو سٺو طريقو اهو آهي ته توهان پنهنجي ڪنهن دوست جي مدد سان پنهنجن اصل خواهشن جي فهرست جوڙيو.
ڇا توهان جي دوست توهان کان ڏهن کان پندرنهن منٽن تائين لڳاتار اهو پئي پڇيو آهي ته: ”توهان جي خواهش ڇا آهي؟ توهان جي تمنا ڇا آهي؟ ۽ پوءِ توهان پنهنجا جواب لکندا وڃو.
توهان کي اهو معلوم ٿيو ته شروع ۾ اهي جواب ڪنهن قدر سٺا نه هوندا.
توهان عام طور ماڻهن کي اهو چوندي ٻڌو هوندو ته: ”مون کي مرسڊيز کپي“ ڪو چوندو، ”مون کي سٺو گهر کپي“ وغيره وغيره. بهرحال 15 منٽن جي انهيءَ مشق کان پوءِ توهان پاڻ ئي واقعي صحيح جواب ڏيڻ لڳندا. يعني آءٌ چاهيان ٿو ته ماڻهو مون سان به پيار ڪن، ميٺ محبت سان پيش اچن، آءٌ پنهنجن احساسن جو کليو اظهار ڪرڻ چاهيان ٿو. آءٌ ڪو غير معمولي ڪارنامو انجام ڏيڻ چاهيان ٿو، آءٌ چاهيان ٿو ته آءٌ ٻين کان بهتر، طاقتور ۽ اهم انسان هجان.
يعني، اهي اُهي سچيون خواهشون آهن، جيڪي توهان جي دل اندر ڪافي عرصي کان لڪل هيون. اهي خواهشون توهان جي من جو سچو آواز آهن.
ڇا مستقبل جي سوچ توهان کي پريشانيءَ ۾ وجهي ٿي:
جڏهن ماڻهن کي پنهنجي مرضيءَ موجب زندگي نه گذارڻ جو خيال پريشاني ۽ فڪر ۾ وجهي ٿو ڇڏي ته اهي گهڻو ڪري پنهنجين اصل خواهشن کي ظاهر ئي ڪري نه سگهندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته توهان اهو چئو ته: ”منهنجي ڪهڙي خواهش آهي، ان باري ۾ مون کي پاڻ به خبر ڪونهي ۽ آءٌ به ٻين سان صلاح مشورو ڪندو آهيان.“
هاڻي توهان انهن ويهن شين ۽ معاملن جي هڪ فهرست تيار ڪريو، جيڪي توهان کي وڻن ٿيون، پوءِ اهي طريقا سوچيو، جن تي عمل ڪري انهن مان ڪيتريون توهان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا.
جيڪڏهن توهان کي رانديون پسند آهن ته توهان اهي به کيڏي سگهو ٿا. توهان فوٽو گرافي ڪرڻ چاهيو ته اهو به ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن توهان کي ڪو ٻيو شعبو پسند آهي ته به ڪا ڳالهه ڪونهي. ايئن به ٿي سگهي ٿو. مطلب ته توهان پنهنجي مرضيءَ وارو شعبو چونڊي، حياتي گذارڻ لاءِ دولت ڪمائي سگهو ٿا.
ته پوءِ هاڻ ئي فيصلو ڪريو ته ڪرڻو ڇا آهي؟ وڌيڪ اهو ته جڏهن توهان هي ڪتاب پڙهندا ويندا ته توهان کي پتو پوندو ته توهان اڳتي هلي پنهنجي مقصد ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي سگهو ٿا ۽ ان ذريعي ڪافي دولت ڪمائي سگهو ٿا؟
[b]ڪامياب زندگيءَ بابت خيال کُلي ٻڌايو:
[/b] هن ڪتاب جو بنيادي مقصد اهو آهي ته توهان کي ٻڌايو وڃي ته توهان پنهنجي اڻپورين خواهشن کي ڪيئن ٿا پورو ڪري سگهو. پهرين ته توهان اهو ڏسو ته توهان جون اهي خواهشون آهن ڪهڙيون ۽ توهان انهن کي ڪيئن ٿا پورو ڪري سگهو. توهان جي خواهش ۽ سوچ ان ڳالهه جي تفصيل مهيا ڪندي ته توهان جي خواهشن کي ڪهڙي نموني پورو ڪري سگهجي ٿو.
توهان جون خواهشون ۽ سوچ ئي ٻڌائيندي ته توهان جي منزل ڪٿي آهي؟ ڪهڙي آهي؟ ۽ ان بابت توهان ڇا ٿا محسوس ڪريو. مڪمل ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ توهان کي گهرجي ته زندگيءَ جي هيٺين ستن شعبن کي پنهنجي گهربل خواهشن ۽ سوچ ۾ شامل ڪريو.
1- ڪم ۽ پيشوراڻي زندگي
2- مالي معاملا
3- تفريح ۽ واندڪائي
4- صحت ۽ تندرستي
5- ذاتي لاڳاپا
6- حدف ۽ مقصد
7- معاشري لاءِ جذبا
ڪاميابيءَ جي منزل ڏانهن سفر لاءِ اهو ضروري ڪونهي ته ڪو توهان کي اها ڄاڻ هجي ته ان منزل تي ڪيئن پهچي سگهجي ٿو، پر توهان لاءِ اهو ڄاڻڻ تمام ضروري آهي ته ان منزل تائين پهچڻ واسطي هن وقت توهان ڪٿي بيٺل آهيو، تڏهن ئي توهان کي خبر پوندي ته منزل تي پهچڻ لاءِ توهان کي اڃا ڪيترو ۽ ڪيئن سفر ڪرڻو آهي.
توهان جي اندرين ڪيفيت ڄاڻڻ وارو آفاقي نظام:
توهان جون اڻپوريون خواهشون ڪهڙيون آهن ۽ توهان انهن کي ڪيئن ٿا پورو ڪرڻ چاهيو. انهن ٻنهي انتهائن جو وچ وارو مرحلو رهنمائيءَ جي ان نظام کي حاصل ڪرڻ برابر آهي، جيڪو هڪ جديد طرز جي ڪار ۾ لڳل هوندو آهي، جنهن ذريعي ان ڪار جي اندرين حالت ته اها ڪار ڪٿي بيٺي آهي، ان ڪار جي منزل ڪهڙي آهي ۽ اها ڪار ڪيئن پنهنجي منزل تي پهچندي، ان بابت ڪو فيصلو ڪري سگهجي ٿو، ان نظام کي قابل عمل بڻائڻ لاءِ توهان کي صرف اهو ڏسڻو آهي ته توهان هن وقت ڪهڙي مرحلي ۾ آهيو ۽ توهان جي منزل ڪهڙي آهي. رهنمائي وارو اهو نظام توهان کي ٻڌائيندو ته توهان هن وقت ڪٿي آهيو؟ جڏهن توهان ان نظام کي پنهنجي منزل بابت ٻڌايو ٿا ته اهو وري موٽ ۾ توهان کي ٻڌائي ٿو ته توهان هن وقت ڪٿي بيٺل آهيو. جڏهن توهان انهيءَ نظام کي پنهنجي منزل بابت مڪمل ڄاڻ ڏيو ٿا ته پوءِ اهو نظام توهان کي منزل تائين پهچڻ لاءِ هڪ مڪمل طريقيڪار تيار ڪري ڏئي ٿو. توهان جو فرض ۽ ذميداري صرف اها آهي ته ان طريقيڪار تي عمل ڪريو.
توهان کي زندگيءَ ۾ ڪاميابي به اهڙي نموني حاصل ٿئي ٿي. توهان جي ذميداري ۽ فرض رڳو اهو آهي ته توهان اهو فيصلو ڪريو ته توهان پنهنجي ڄاڻايل مقصد، خواهش ۽ سوچ ذريعي ڪاميابيءَ جي ڪهڙي منزل حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا؟
جڏهن توهان بهتر نموني پنهنجي منزل بابت ڪو فيصلو ڪري ٿا وٺو ته پوءِ ڄڻ ته هاڻي توهان صحيح رستي تي هلڻ شروع ڪري ڏنو آهي. جڏهن توهان منزل ڏانهن وک وڌايو ٿا ته پوءِ رهنمائيءَ وارو اندرين نظام توهان کي وقت به وقت پيو ٻڌائيندو ته توهان کي ڪهڙي رستي تي هلڻو آهي.
ٻين لفظن ۾ ته جڏهن توهان پنهنجي خواهش، منزل ۽ سوچ بابت چٽو فيصلو ڪري ٿا وٺو ته (ان سلسلي ۾ هن ڪتاب ۾ ڪيترائي طريقا ٻڌايا ويا آهن) پوءِ توهان صحيح انداز ۾ منزل ڏانهن وکو وڌائيندا ٿا وڃو.
جڏهن توهان کي اها خبر پئجي ٿي وڃي ته آخر توهان ڪٿي وڃڻ ٿا چاهيو ۽ ڇا ٿا چاهيو؟ ته پوءِ توهان اوڏانهن ڀرپور نموني ڌيان ڏيو ٿا.
پنهنجي منزل تائين ڪيئن ٿو پهچي سگهجي، ان جي خبر ڪڏهن ڪڏهن توهان کي پان به ان وقت پوي ٿي، جڏهن ان جي ضرورت هوندي آهي. ان کان هڪ لمحو اڳ تائين توهان پاڻ ان بابت اڻڄاڻ هوندا آهيو.
[b]عظيم ماڻهو، وڏا حدف ۽ مٿانهين ڪاميابي:
[/b]مائيڪل اينجلو ڪيڏي نه اونهي ڳالهه ڪئي آهي ته:
اسان مان اڪثر ماڻهن لاءِ وڏو خطرو اهو نه ٿو هجي ته اسان جا مقصد ۽ خيال ڪافي اوچا آهن ۽ اسين انهن کي حاصل نه ٿا ڪري سگهون، پر اسان لاءِ وڏو خطرو اهو هوندو آهي ته اسان جا مقصد نهايت تِڇُ هوندا آهن ۽ اسين اهي مقصد حاصل به ڪري وٺندا آهيون.
آءٌ چاهيان ٿو ته توهان پنهنجن سوچن ۽ سٺين خواهشن کي محدود نه ڪريو، پر انهن کي اڃا به اوچائيءَ ڏانهن اڏامڻ ڏيو. هميشه وڏا وڏا خواب ڏسو. جڏهن توهان جا خواب وڏا هوندا ته پوءِ وڏا ۽ عظيم ماڻهو به توهان ڏانهن ڌيان ڏيندا. ننڍا ننڍا خواب ڏسڻ ۾ به اوتري ئي طاقت خرچ ٿئي ٿي، جيتري وڏا وڏا خواب ڏسڻ تي معمولي ڪاميابي ۽ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندڙن ۾ به صرف اهو فرق هوندو آهي ته وڏي ڪاميابي حاصل ڪندڙن جا خواب ۽ ارادا به وڏا ۽ اوچا هوندا آهن.
جان ايف ڪينيڊي انسان کي چنڊ تي موڪلڻ جو خواب ڏٺو. مارٽن لوٿر ڪنگ تعصب ۽ ناانصافيءَ کان پاڪ هڪ ملڪ جو خواب ڏٺو. بل گيٽس هڪ اهڙيءَ دنيا جو خواب ڏسي ٿو، جتي هر گهر ۾ ڪمپيوٽر موجود آهي ۽ اهو انٽرنيٽ سان ڳنڍيل آهي. بڪ منسٽر فلر به هڪ اهڙيءَ دنيا جوخواب ڏٺو، جتي هر ماڻهوءَ کي بجليءَ تائين پهچ هئي ۽ اهو بجليءَ ذريعي پنهنجا سمورا اهم ڪم ڪري ٿي سگهيو.
وڏي ڪاميابي حاصل ڪندڙ انسان ڪائنات کي مختلف نظر سان ڏسن ٿا.....يعني، هڪ اهڙي دنيا، جتي حيرت ڏياريندڙ واقعا هر وقت ٿيندا ٿا رهن. جتي ڪروڙين ماڻهن جي حياتيءَ کي اڃا به بهتر بڻائي سگهجي ٿو. جتي جديد ۽ نئين مهارت طرز زندگيءَ ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي ۽ جتي دنيا ۾ موجود وسيلا ۽ ذريعا وڏن گڏيل مقصدن لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا، کين يقين آهي ته دنيا ۾ سڀ ڪجهه ممڪن آهي ۽ هو پاڻ به ان ”ممڪن“ جو لازمي حصو آهن.
ڀلوڙ ليکڪ رابرٽ فرنز چيو هو ته:
”جيڪڏهن توهان ”ممڪن“ ۽ ”معقول“ کي نظر ۾ رکي خواهشن کي محدود ڪري ٿا ڇڏيو ته ڄڻ پنهنجو پاڻ کي اصلي ۽ حقيقي خواهشن کان ڪٽي ٿا ڇڏيو ۽ پوءِ توهان جي زندگيءَ ۾ صرف ٻين سان ”ٺاهي هلڻ“ وارو ڪم ئي رهجي ٿو وڃي.
ارادن تي ڪنهن کي به حاوي ٿيڻ نه ڏيو:
دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي توهان کي توهان جي ارادن ۽ خواهشن تي عمل ڪرڻ کان روڪڻ ۾ رڌل آهن. هو توهان کي چوندا ته هن يا هُن سبب جي ڪري توهان پنهنجي خواهش تي عمل نه ٿا ڪري سگهو ۽ جيڪڏهن پوءِ به توهان سندن ڳالهه نه مڃيندؤ ته اهي توهان کي چريو سمجهڻ لڳندا.
ڪيترائي وري اهڙا ماڻهو به هوندا، جيڪي توهان مٿان چٿرون ڪندا ۽ توهان جي ارادن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. اهڙن ماڻهن کي ”خوابن جو چور“ چيو ويندو آهي. توهان سندن ڳالهين تي ڌيان ئي نه ڏيو. جيڪڏهن توهان جا اوچا ارادا ۽ مقصد اهڙيءَ طرح ناممڪن به لڳن ته به پنهنجا اهي اوچا خيال ۽ ارادا قائم رکو. پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو. نيٺ ته ڪاميابي ٿيندي.
[b]ارادن جي اظهار جي مشق:
[/b]ورنزد هارڊ چيو هو ته:
”پنهنجي مستقبل کي ماضيءَ سان نه پر مستقبل سان ئي تخليق ڪريو.“
هيٺ ڄاڻايل مشق ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته توهان پنهنجن ارادن ۽ مقصدن جو نهايت کلئي نموني اظهار ڪري سگهو. جيتوڻيڪ توهان هيءَ مشق صرف سوچڻ ۽ انهن جي جوابن تي مشتمل ”ذهني مشق“ ذريعي انجام ڏئي سگهو ٿا ۽ انهن خوابن کي لکي به سگهو ٿا، پر آءٌ هتي توهان کي هڪ سٺو طريقو ٻڌايان ٿو، جيڪڏهن توهان ان تي عمل ڪندؤ ته بامقصد جواب حاصل ڪري سگهندؤ، جيڪي توهان لاءِ فائديمند ۽ بهتر ثابت ٿيندا.
توهان هڪ پرسڪون ڪمري ۾ ويهي رهو، جتي ٻيو ڪو به توهان کي پريشان نه ڪري. گڏوگڏ توهان ڊيڪ تي نهايت هلڪي ۽ سريلي موسيقي ٻڌڻ شروع ڪريو، پوءِ توهان پنهنجيون اکيون بند ڪريو ۽ پنهنجي لاشعور کي چئو ته هو توهان کي گهربل ڪامياب زندگيءَ جو هڪ عڪس پيش ڪري ته هيٺ ڄاڻايل شعبن جي لحاظ سان توهان ڪهڙي نموني حياتي گذارڻ چاهيو ٿا.
1) سڀ کان اڳ پنهنجي مالي حالت تي نظر وجهو، توهان جي سالياني آمدني ڪيتري آهي؟ خرچ ڪيترو آهي؟ بچت ڪيتري آهي؟ توهان وٽ هن وقت هٿ ۾ ڪيتري رقم آهي؟ توهان جي سيڙپ ڪيل رقم ڪيتري آهي؟ ۽ هاڻي توهان جي خاص مالي حيثيت ڇا آهي؟
پوءِ.....توهان جو گهر ڪهڙو آهي ۽ ڪهڙي هنڌ واقع آهي؟ ڇا اهو سٺو علائقو آهي؟ ان جو اڱڻ ڪيئن آهي؟ ٻاهريون ڏيک ڪيئن آهي؟ گهر ۾ ڪهڙي قسم جو فرنيچر آهي؟ ڇا ڪمري جي ڀتين سان گڏ تصويرون لٽڪي رهيون آهن؟ اهي تصويرون ڪيئن پيون لڳن؟ پنهنجي سموري گهر جو هڪ چڪر هڻي سرسري طور سموريون ڳالهيون نوٽ ڪريو.
ان مرحلي تي توهان اهو فڪر بلڪل نه ڪريو ته توهان اهو گهر ڪيئن حاصل ڪندؤ؟ اهڙي قسم جا لفظ چئي پنهنجو پاڻ کي تباهه نه ڪريو: ”آءٌ هن شهر ۾ رهي نه ٿو سگهان، جو ايتري وڏي خرچ لاءِ مون وٽ ته پئسا نه آهن“ وغيره. ان جي بدران جيڪڏهن توهان ذهني طور تي ”مناسب رقم جو سوچيندا ته پوءِ ئي توهان جو ذهن انهيءَ ”مناسب رقم“ جو مسئلو حل ڪندو.
1) هاڻي توهان اهو سوچيو ته توهان ڪهڙي قسم جي ڪار هلائي رهيا آهيو ۽ اهو به تصور ڪريو ته توهان پاڻ وٽ موجود رقم مان گهر لاءِ ڪهڙو فرنيچر خريد ڪيو آهي؟
2) پوءِ تصور ۾ پنهنجو پاڻ کي هڪ بهترين پيشي واري نوڪري ڪندي ڏسو. اهو ڏسو ته توهان ڪٿي ڪم ڪري رهيا آهيو؟ ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهيو؟ توهان ڪنهن وٽ ڪم پيا ڪريو ۽ توهان وٽ ڪهڙا ماڻهو ڪم پيا ڪن؟ توهان جي پگهار يا معاوضو ڪيترو آهي؟ ڇا توهان جو پنهنجو ڪو ڪاروبار آهي؟
3) هاڻي وري خيالي طور پنهنجن تفريحي محلن ۽ واندڪائيءَ جي وقت بابت ڌيان ڌريو. پنهنجي خيالن ئي خيالن ۾ سوچيو ته خاص موقعن تي توهان پنهنجن گهرڀاتين ۽ دوستن سان گڏجي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ توهان جون سرگرميون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن؟ موڪلون ڪيئن ٿا گذاريو ۽ پنهنجي دلچسپي وارن ڪمن ۾ ڪيئن ٿا ڪريو؟
4) اهو به سوچيو ته توهان جي جسماني صحت بابت توهان جو مثالي رويو ڇا آهي؟ توهان کي ڪا بيماري ته ڪونهي؟ توهان پنهنجا رات ڏينهن ڪيئن ٿا گذاريو؟ ڇا توهان بلڪل خوش، مطمئن ۽ پرسڪون ٿا رهو؟ ڇا توهان ۾ توانائيءَ جي زبردست طاقت موجود آهي؟ ڇا توهان جو جسم ڪسرتي آهي؟ توهان ورزش ڪريو ٿا؟ سٺي خوراڪ کائو ٿا ۽ وڏي مقدار ۾ پاڻي پيو ٿا؟ وغيره وغيره.
5) هاڻي وري پنهنجن گهرڀاتين ۽ دوستن سان لاڳاپن جي مثالي نوعيت بابت تصور ڪريو. توهان جا انهن سان ڪهڙي قسم جا لاڳاپا آهن؟ ڪهڙا ڪهڙا گهرڀاتي توهان سان توهان انهن سان دوستيءَ وارو رويو رکو ٿا؟ توهان جو پنهنجن دوستن سان ناتن جو معيار ڇا آهي؟ ۽ اها دوستي ڪهڙي قسم جي آهي؟ ڇا توهان جا اها دوست محبت ڪندڙ ۽ هر ڏکيءَ سکيءَ مهل مدد ڪرڻ وارا آهن. توهان پنهنجن دوستن سان گڏجي ڪهڙو ڪم ڪريو پيا؟
6) توهان جي ذاتي زندگي ڪيئن آهي؟ ڇا توهان اهو سوچيو ٿا ته پنهنجي پڙهائيءَ وارن مرڪزن ۾ مختلف قسم جي سکيا وٺڻ کان سواءِ روحاني سبق به سکو ٿا؟ ڇا توهان گيان، ڌيان يا مراقبي ۾ مصروف هجو ٿا ۽ پنهنجي عبادتگاهه سان روحاني تعلق قائم آهي؟ توهان موسيقيءَ جو ڪهڙي قسم جو ساز وڄائڻ پسند ڪريو ٿا؟ ڇا توهان پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ چاهيو ٿا؟ ڇا توهان ميراٿن ريس ۾ حصو وٺڻ چاهيو ٿا؟ يا وري آرٽس جي ڪلاس ۾ داخلا وٺڻ جو ارادو اٿوَ؟ ڇا توهان ٻين ملڪن جو سير ڪرڻ چاهيو ٿا؟
7) هاڻي آخر ۾ اچو ته ان معاشري تي هڪ نظر وجهون، جنهن ۾ توهان هن وقت رهي رهيا آهيو. جڏهن اهو معاشرو صحيح نموني ڪم ڪري ٿو ته توهان کي ڪيئن ٿو لڳي؟ هن معاشري ۾ ڪهڙي قسم جون سرگرميون ٿين ٿيون؟ توهان ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جي حالت سڌارڻ لاءِ ڪهڙي قسم جا ڪم ڪريو ٿا؟ توهان ماڻهن جي مدد ڪريون ٿا؟
توهان اها مشق ڪندي به پنهنجا جواب لکي سگهو ٿا، نه ته توهان اها سموري مشق ڪري وٺو ته پوءِ اکيون کولي جواب لکڻ شروع ڪريو. بهرحال خاطري ڪريو ته توهان ان مشق جي سلسلي ۾ سمورن رخن کي نظر ۾ رکي جواب لکڻ شروع ڪريو.
پوءِ توهان پنهنجين خواهشن جي سلسلي ۾ جيڪي به نقطا لکيا آهن، انهن تي روزانو غور ڪريو. ايئن ڪرڻ سان توهان جي شعور ۽ لاشعور جو سمورو ڌيان خواهشن تي رهندو ۽ پوءِ جڏهن توهان ڪتاب ۾ ڄاڻايل اصولن تي عمل ڪرڻ شروع ڪندا ته ڄڻ توهان پنهنجي زندگيءَ جي سمورن رخن کي عملي شڪل ۾ اختيار ڪرڻ جي شروعات ڪندا.
خواهشن جي تڪميل دوستن سان صلاح ڪريو:
پنهنجين خواهشن کي پني تي لکڻ کان پوءِ انهن بابت پنهنجي ڪنهن اعتماد جوڳي دوست سان صلاح ڪريو. ٿي سگهي ٿو ته اهو دوست توهان کي همٿائڻ بدران اهو چوي ته توهان جون خواهشون ۽ ارادا ڪافي وڏا ۽ نه ٿيڻ جهڙا آهن.
توهان جو اهو دوست ايئن به چئي سگهي ٿو ته هي ارادا غير حقيقي آهي. جڏهن توهان پنهنجن انهن ارادن ۽ خواهشن بابت پنهنجن دوستن يا ٻين ماڻهن سان ڳالهايو ٿا ته انهن جي اڪثريت انهن خيالن جو اظهار ڪندي آهي پر سچ ته اهو آهي ته اهي ماڻهو دلي طور توهان جي ارادن جي حمايت ڪن ٿا.
هر شخص مالي خوشحالي، هڪ آرامده گهر، وڏي عهدي واري نوڪري، سٺي صحت، پسنديده مشغلن، گهرڀاتين سان بهتر ناتن ۽ دنيا ۾ نالو ڪمائڻ جي خواهش رکندو آهي، پر اسان مان صرف ڪي ماڻهو هوندا آهن جيڪي اها ڳالهه مڃيندا آهن.
توهان ڏسو ٿا ته جڏهن توهان پنهنجن ارادن بابت ٻين ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪريو ٿا ته تڏهن ڪيترا ماڻهو توهان کي انهن کان پاسو ڪرڻ لاءِ چون ٿا ته ڪجهه وري اهي هوندا آهن جيڪي ان سلسلي ۾ توهان کي همٿائين ٿا ۽ ان لاءِ مالي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ لاءِ به تيار هوندا آهن. ڪي ماڻهو توهان کي اهڙن ماڻهن سان ملائي اهڙن ذريعن تائين توهان کي پهچائيندا، جيڪي توهان لاءِ مددگار ۽ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا.
توهان اهو به محسوس ڪندؤ ته جڏهن پنهنجن ارادن بابت ٻين ماڻهن سان ڳالهائيندا هوندؤ ته توهان جا اهي خيال ۽ ارادا نهايت چٽي انداز ۾ توهان سامهون ايندا ويندا ۽ توهان کي وڌ ۾ وڌ حقيقي ۽ قابل عمل محسوس ٿيندا.
سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته توهان جيترا ڀيرا ٻين ماڻهن سان صلاح مشورا ۽ بحث مباحثا ڪندا توهان جو لاشعور وڌيڪ پراعتماد ۽ يقين سان ڀريل ٿئي ٿو، جنهن کان پوءِ توهان کي پنهنجن انهن ارادن تي عمل ڪرڻ اڃا به سولو ٿي ٿو پوي.