ڪاميابيءَ جون نيون عادتون پنهنجايو
”جيڪو شخص پنهنجي پيشيوراڻي زندگيءَ ۾ عروج حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، تنهن کي پنهنجي عادت جي طاقت کي ساراهڻ گهرجي. پنهنجي لاءِ نقصان پهچائيندڙ عادتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ۽ ترت عادتون اختيار ڪري، جن ذريعي هو پنهنجي مرضيءَ موجب ڪاميابي حاصل ڪري سگهي.“
نفسياتي ماهر اسان کي ٻڌائين ٿا ته اسان جي رويي جو 90 سيڪڙو حصو اسان جي عادتن تي مشتمل هوندو آهي. صبح جو سوير سجاڳ ٿيڻ کان وٺي رات جو سمهڻ تائين،سوين ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن، جن کي ڪرڻو پوندو آهي. انهن ڳالهين ۾ وهنجڻ، کاڌو پيتو، پڙهڻ لکڻ، ڏندن کي برش ڪرڻ، آفيس لاءِ روانو ٿيڻ، گهر جي صفائي ۽ اها ٻيا ڪيترا ڪم آهن جيڪي اسان کي ڪرڻا پوندا آهن. سالن جا سال گذرڻ کان پوءِ اسان جون اهي عادتون ايتريون ته پڪيون ٿي وڃن ٿيون، جو اهي توهان جي طرز زندگي ۽ آفيس ۾ ڪم ڪار کي ظاهر ڪن ٿيون ۽ وڌيڪ اهو ته توهان پنهنجي آمدنيءَ کي پنهنجي صحت ۽ لاڳاپن لاءِ خرچ ڪريو ٿا.
توهان جي طرز عمل جو سٺو پاسو اهو آهي ته جڏهن توهان جو جسم پاڻمرادو ڪم ڪري ٿو ته توهان جون اهي عادتون توهان جي ذهن مان هر قسم جي خيالن کي پري هٽائي ٿيون ڇڏين. ان کان سواءِ توهان وهنجي رهيا هوندا آهيو يا گاڏي ۾ آفيس ويندا آهيو ته ان دوران سڄي ڏينهن جي رٿابندي ڪري سگهو ٿا، پر توهان جي ان رويي جو خراب پهلو اهو آهي ته توهان لاشعوري طور تي پنهنجو پاڻ کي هارايل ٿيڻ وارن روين جو به شڪار ٿي سگهو ٿا، جيڪي توهان جي ڪاميابي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهن ٿا.
توهان جون موجوده عادتون توهان جي زندگيءَ جي موجوده حالتن سبب پيدا ٿين ٿيون. وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي زندگيءَ ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان کي گهرجي ته پنهنجين ڪيترين منفي ۽ غيرتعميري عادتن تان هٿ کڻي وڃو. مثال طور ٻين جي فون ڪال تي ڌيان نه ڏيڻ رات جو دير تائين ٽيلويزن ڏسڻ، غيرصحتمند کاڌا کائڻ، سگريٽ پيئڻ، پنهنجي آمدنيءَ کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ جهڙين عادتن بدران مثبت ۽ تعميري عادتون اختيار ڪريو.
مثال طور: توهان روزانو 8 ڪلاڪ سمهو، روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ پڙهو، هفتي ۾ چار ڀيرا ورزش ڪريو، صحتمند کاڌا کائو ۽ پنهنجي آمدنيءَ کان وڌيڪ خرچن بدران بچت طرفان ڌيان ڏيو.
[b]عادتون لاڀ ڏين ٿيون:
[/b] ڪاميابي بابت رابرٽ جي رنگر جو خيال آهي ته:
“ ڪاميابي هڪ عام فهم طريقو آهي ۽ سادين مذهبي عادتن تي ٻڌل آهي، جن جي ذريعي توهان کي هميشه ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي.”
توهان جيڪو به ڪم ڪريو ٿا، تنهن جي نتيجي جو دارو مدار توهان جي عادتن تي هوندو آهي. ڪامياب ماڻهو بنا ڪنهن ڪوشش جي عروج حاصل نه ٿا ڪن، پر کين عظيم ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ روزانو عمل تي ڌيان ڏئي، ذاتي نظم ضبط ۽ تمام گهڻيءَ توانائيءَ ذريعي ڪاميابيءَ کي ممڪن بڻائڻو پوندو آهي.
جيڪي ماڻهو منفي ۽ غيرتعميري عادتن جا مالڪ هوندا آهن، انهن کي هميشه هڪ ڏکيائي پيش ايندي آهي جو سندن خراب ۽ غيرتعميري عادتن جا نتيجا ان وقت ظاهر ٿين ٿا، جڏهن اهي پنهنجي زندگيءَ جي آخري مرحلي ۾ هوندا آهن. جڏهن توهان هڪ مستقل ناڪاري ۽ غير تعميري عادت پڪي ٿي وڃي ٿي، تنهن ڪري آخرڪار انهن عادتن جا نتيجا به توهان کي پاڻ ڀوڳڻا پون ٿا.
ٿي سگهي ٿو ته توهان کي اهي نتيجا پسند نه اچن، پر توهان جي زندگي ڪنهن نه ڪنهن نموني اهي نتيجا توهان جي سامهون آڻي رکندي.
حقيقت ۾ جڏهن توهان هڪ خاص طريقي موجب پنهنجا ڪم ڪندا رهندؤ ته توهان کي نتيجا به اهڙا ئي ملندا، ناڪاري ۽ غير تعميري عادتن جا نتيجا به ناڪاري ۽ غير تعميري ئي نڪرندا.
[b]سٺين عادتن لاءِ هينئر ئي قدم کڻو:
[/b] ٻن عملي قدمن ذريعي توهان پنهنجون عادتون بدلائي سگهو ٿا. پهريون قدم اهو آهي ته اهڙين سمورين عادتن جي هڪ فهرست تيار ڪريو، جيڪي غيرتعميري آهن ۽ جيڪي خراب نموني توهان جي مستقبل تي اثرانداز ٿي سگهن ٿيون. تنهن کان سواءِ هيٺ ڄاڻايل سڀ کان خراب ۽ غير تعميري عادتن جو جائزو وٺو.
1- اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏڻ.
2- آخري تاريخ تي ادائيگي ڪرڻ.
3- مقرر وقت تي نه پهچڻ.
4- ڪنهن جو نالو ترت وساري ڇڏڻ.
5-ٻئي جي ڳالهه ڪٽڻ.
6- گهر ۾ آفيس جو ڪم ڪرڻ.
7- ڪاغذ کي ڪيترائي ڀيرا ڏسڻ.
8- هفتي ۾ ٻن ڏينهن کان وڌيڪ تيز کاڌو کائڻ.
جڏهن توهان کي پنهنجين خراب ۽ غير تعميري عادتن جو پتو پئجي ٿو وڃي ته پوءِ ٻيو عملي قدم اهو آهي ۽ پاڻ ۾ اهي سٺيون ۽ تعميري عادتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
مثال طور، توهان صبح جو سوير سجاڳ ٿي ورزش ڪرڻ چاهيون ٿا ته توهان ان لاءِ رات جو سوير ئي سمهي رهو يا صبح جو سوير اٿڻ لاءِ الارم سيٽ ڪري سمهو.
پر جيڪڏهن توهان سيلز جي شعبي ۾ ڪم ڪريو ٿا ته انهن سمورين شين يا ڳالهين بابت هڪ فهرست اڳواٽ تيار ڪري رکي ڇڏيو، جيڪي توهان امڪاني گراهڪن کي ڏيکارڻ ۽ انهن بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ ڳالهائڻ چاهيو ٿا.
ٿي سگهي ٿو ته توهان جي خواهش هجي ته توهان پنهنجي آفيس جو ڪم جمعي جي شام تائين اهڙي نموني ڪري وٺو، جو توهان پنهنجون هفتيوار موڪلون آرام سان گهر ۾ پڻ گذاري سگهو. اها هڪ نهايت سٺي عادت آهي، پر ان لاءِ توهان کي وڏي جدوجهد ڪرڻ پوندي.
[b]نيون عادتون ڇا ڏينديون؟
[/b] جيڪڏهن توهان انهن ترڪيبن ذريعي هڪ سال ۾ چار نيون عادتون اختيار ڪري ٿا وٺو ته ان جو مطلب ته پنجن سالن ۾ توهان ويهه سٺيون عادتون اختيار ڪري سگهو ٿا، جن ذريعي توهان پنهنجي مرضيءَ ۽ خواهش موجب دولت حاصل ڪري سگهو ٿا. هر قسم جا نوان ۽ بهترين موقعا توهان جي انتظار ۾ هوندا.
پهرين ته توهان پاڻ ۾ انهن چئن نين عادتن پيدا ڪرڻ جي تياري ڪريو، جيڪي توهان هن سال پاڻ ۾ پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا. هر ٽن مهينن کان پوءِ هڪ نئين عادت اختيار ڪرڻ لاءِ غور ويچار ڪريو. جيڪڏهن توهان هر تيرهن هفتن کان پوءِ هڪ نئين عادت اختيار ڪرڻ لاءِ نهايت ذهانت سان جائزو وٺي غور ڪريو ٿا ته توهان نئين سال جي موقعي تي پنهنجي عزم ۽ ارادي کي آسانيءَسان پورو ڪري سگهو ٿا.
تحقيق سان اهو به ثابت ٿيو آهي ته جيڪڏهن توهان پنهنجو اهو عمل ورجايو ٿا، پوءِ ڀلي اهو ويهن منٽن جي ڌيان سان ڪم ڪرڻ جو ئي هجي. توهان جي اها عادت سموري زندگي قائم رهندي. نهايت منظم طريقي ذريعي هڪ وقت ۾ هڪ عادت اختيار ڪرڻ سان توهان مجموعي طور تي پنهنجي زندگيءَ ۾ انقلابي تبديلي آڻي سگهو ٿا.
نئين عادت اختيار ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ يقيني طور تي عزم ۽ ارادي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ ٻه سٺا نقطا ٻڌو.
پاڻ ۾ مختلف سٺيون عادتون پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي مستقل طور تي اختيار ڪرڻ لاءِ علامتون مقرر ڪريون.
فرض ڪريو توهان پنهنجي صحت جي حفاظت لاءِ اهي عادتون اختيار ڪرڻ چاهيو ٿا، جن جي سمورا ڊاڪٽر هدايت ڪرن ٿا. يعني روزانو پاڻيءَ جا ڏهه ڀريل گلاس پيو. توهان پنهنجي فون رکڻ واري جاءِ پنهنجي آفيس جي ميز، پنهنجي سمهڻ واري ڪمري جي ڊريسنگ ٽيبل ۽ رڌڻي ۾ رکيل فرج تي اهو هدايتون لکي لڳائي ڇڏيو.
هڪ سٺي عادت پيدا ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي دوست يا گهرواريءَ کي لڳاتار ٻڌائيندا رهو ۽ اهو دوست يا گهرواري به توهان کان ان سٺيءَ عادت کي اختيار ڪرڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪندا رهن ۽ پوءِ هڪٻئي کان هڪ نه ٻئي ڏينهن پڇندا رهو ته ڇا اوهان جي اها عادت پڪي ٿي؟