تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

ڪامياب ماڻهن مان سٺي اثر جي حاصلات

ذاتي سڌاري جي باري ۾ ڪمينز ولسن جو قول آهي ته:
”ڪنهن به ڪامياب شخص کي اهو احساس هوندو آهي ته پنهنجو پاڻ کي سڌارڻ جو عمل، ان جي پنهنجي ذميداريءَ آهي هو سڌرڻ جو اهو عمل پنهنجي ذات کان شروع ڪري ٿو، ڇو ته کيس خبر آهي ته هو پنهنجي پاڻ کي پاڻ ئي سڌاري سگهي ٿو.“
اڄوڪيءَ هن دنيا ۾ اطلاع ۽ ڄاڻ مهيا ڪرڻ جا ذريعا،. اسان جا والدين، اسان جو اسڪول ۽ اسان جو معاشرو اسان کي اهو سبق پڙهائين ۽ سيکارين ٿا ته اسان لاءِ هر ڪم ناممڪن آهي ۽ اسين پاڻ اڪيلي سر ڪجهه به نٿا ڪري سگهون، پر اهو قطعي غلط ۽ بي بنياد نظريو آهي، ان ڳالهه ۾ ڪا به سچائي ڪونهي. ننڍڙي هوندي ئي اسان کي ايتري قدر غلط ۽ گمراهه ڪندڙ سکيا، تعليم، علم ۽ ڄاڻ ڏني وڃي ٿي جو ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ، سٺي ۽ تعميري سکيا، حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي ٻين ماڻهن طرفان لڳاتار همٿ افزائيءَ واري تاثر جي ضرورت پوي ٿي.
صرف ڪنهن هڪ هفتي واري سکيا پروگرام ۾ حصو وٺڻ ڪافي ڪونهي. هفتي ۾ صرف هڪ ڪتاب پڙهڻ به مناسب ڪونهي. ڪامياب ماڻهن جي ته اها عادت آهي ته اهي روزانو مختلف شعبن جي ماهرن جون حوصلي ڏيڻ وارين سرگرمين ۽ هدايتن تي مشتمل سبق پڙهن ۽ ٻڌن ٿا ۽ اهي اهو ڪم هر هنڌ، پنهنجي ڪار ۾ ۽ پنهنجي آفيس ۾ صرف 15 منٽن ۾ ڪن ٿا.

[b]ضروري شئي بابت ڄاڻو!
[/b] هر شخص روزانو سراسري طرح 30 منٽ سفر ۾ گذاري ٿو، يعني پنجن سالن ۾ هڪ هزار ٻه سئو پنجاهه ڪلاڪ سفر ۾ ئي گذريو ٿا وڃن ۽ اهو وقت ان وقت جي برابر آهي، جڏهن توهان ڪنهن ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪريو ٿا. بهرحال جيڪڏهن توهان ڪنهن ڪار ۾ سفر ڪري رهيا هجو، ريل گاڏي ۾ سوار هجو، موٽرسائيڪل هلائي رهيا هجو، ڊوڙي رهيا هجو، ڪا سي ڊي ٻڌي رهيا هجو، ان دوران پنهنجي ضرورت موجب پنهنجي علم ۾ اضافو ڪندا ٿا رهو. توهان مختلف قسم جي معلومات ۽ علم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ پاڻ ۾ جوش ڪري سگهو ٿا. ڪا زبان سکي سگهو ٿا، انتطامي مهارت حاصل ڪري سگهو ٿا، شيون وڪڻڻ جا طريقا سکي سگهو ٿا وغيره وغيره.
توهان مختلف ذريعن ۽ ڪتابن وسيلي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪامياب ترين ماڻهن جي ڪاميابيءَ جا راز به ڳولي سگهو ٿا.