ڄمت ۽ مستقل مزاجي پنهنجايو
”ڪيترائي ماڻهو بلڪل ان وقت همٿ هاري ٿا ويهن، جڏهن اهي ڪاميابيءَ جي بلڪل ويجها هوندا آهن. اهي ماڻهو ان وقت هار مڃيندا آهن، جڏهن ڪاميابي بس هنن جو در کڙڪائڻ واري هوندي آهي.هو راند جي آخري لمحي ۾ مقابلي تان هٿ کڻي ٿا وٺن ۽ منزل تي پهچڻ جي ويجهو ئي گوڏا کوڙي ويهي رهندا آهن.“
جيڪي ماڻهو وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪندا آهن، ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي جي انهن جي گڏيل وصف هوندي آهي. اهي هار مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن. توهان جي ڪاميابيءَ جو امڪان اوترو ئي وڌندو رهندو آهي. توهان جو مقصد ڀلي ڪيترو مشڪل ئي ڇو نه هجي، توهان جيتري قدر مستقل مزاجي ۽ ثابت قدميءَ جو مظاهرو ڪندا، توهان کي اوترو ئي وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿيندي.
[b]مستقل مزاجي سولي ڪونهي:
[/b] ڪيترا ڀيرا توهان کي اهڙيون ڏکائيون ۽ رڪاوٽون سامهون اينديون آهن، جو توهان جي ڪا به رٿابندي ۽ اڳڀرائي ڪامياب نه ٿي ٿئي. ڪيترا ڀيرا توهان اهڙين ڏکائين کي منهن ڏيو ٿا، جو انهن کي حل ڪرڻ ۾ پريشاني ٿئي ٿي. توهان کي کپي ته نوان سبق سکندي، پنهنجي ذات لاءِ نون نون رخن کي ڳولهي، مشڪل فيصلا ڪرڻ وقت حوصلو نه هاريو.
بي سي فوربيز ڪيڏي گهري ڳالهه ڪئي آهي ته:
”انساني تاريخ شاهد آهي ته اڪثر ڪامياب ماڻهو فتح کان اڳ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا. اهي ان لاءِ ڪامياب ٿي ويا جو انهن هار کان حوصلو هارڻ کان انڪار ڪريو ڇڏيو.“
ڪاروباري ميدان ۾ ڄمت ۽ مستقل مزاجيءَ جو هڪ حيرت ڏيندڙ مثال ايڪس ايم سيٽلائيٽ ريڊيو جي سربراهه پابيزوڪي جو آهي.
جنرل موٽرز ۽ هف اليڪٽرونڪس ۾ ٻه سال سخت محنت بعد پئسا هٿ اچڻ کان پوءِ کيس اميد هئي ته سندس ادارو ”ريڊيو سروس“ جي لحاظ کان سموريءَ دنيا ۾ سڀ کان مٿانهون ثابت ٿيندو پر سندس سڄو پروگرام ان وقت هيٺ مٿي ٿي ويو، جڏهن آخري وقت تي سيڙپ ڪندڙن پنهنجي مرضيءَ جو سودونه ٿيڻ جي صورت ۾ سموري سيڙپ واپس وٺڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پوءِ تمام ٿڪائيندڙ ڳالهين ۽ تيز ترين ڀڄ ڊڪ تي ٻڌل حڪمت عمليءَ سبب پابيزو ۽ ان جي اداري جو صدر مقرر تاريخ کان بس ٿوري دير اڳ سيڙپ ڪندڙن کان 225 ملين ڊالرن جي سيڙپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اڄ اهو ادارو دنيا جي سڀ کان وڏي ريڊيو سروس مهيا ڪندڙ ادارو آهي.
[b]صرف هڪ قدم اڳتي ئي آهي:
[/b] مشهور جاپاني چوڻ آهي ته: ”جڏهن توهان ست ڀيرا ڪري پئو ٿا ته اٺين ڀيري اٿي به ته وڃو ٿا.“
جڏهن ٽيري فاڪس جي ٽنگ ڪينسر سبب شايع ٿي وئي ته هن ڪينسر کان آگاهيءَ لاءِ رقم گڏ ڪرڻ لاءِ 1980ع جي ”ميراٿن آف هوپ“ (Marathon of Hope) ۾ حصو ورتو. مصنوعي ٽنگ سبب آڏو ڦڏو ڊوڙڻ، جي انداز سبب پنهنجي مصنوعي ٽنگ ذريعي هن هڪ ڏينهن ۾ اٽڪل 24 ميل فاصلو طئي ڪيو ۽ سراسري طرح روزانو 26 ميلن جو فاصلو مڪمل ڪيائين. هن نيو فائونڊيڊ کان ٿنڊر بي، اونٽاريو تائين جو 3339 ڪلوميٽر وارو فاصلو 143 ڏينهن ۾ طئي ڪيو، پر پوءِ کيس پنهنجي اها ڊوڙ اڌ ۾ ڇڏڻي پئي، جو ڊاڪٽرن سندس ڦڦڙن ۾ به ڪينسر معلوم ڪري ورتي هئي. پنجن مهينن کان پوءِ هو هن فاني دنيا مان راهه رباني وٺي روانو ٿي چڪو، پر هو پنهنجي پٺيان هڪ مثال ڇڏي ويو.هاڻي ڪئناڊا ۾ هر سال ”ٽيري ڊوڙ“ ٿئي ٿي، جنهن جي ذريعي اٽڪل ساڍا ٽي ملين ڊالر گڏ ڪيا وڃن ٿا، جن کي پوءِ ڪينسر جي جاچ لاءِ خرچ ڪيو وڃي ٿو.
اديب ٿيڻ جي جدوجهد جا 5 سال:
جوائس اسپائزر چواڻي ته:
”ناڪامي توهان جي ”ڪاميابيءَ“ جي ڏاڪڻ آهي. تڪڙي همت نه هاريو، توهان جا ماءُ پيءُ، مٽ مائٽ، دوست ۽ ساٿي جيڪڏهن توهان جي حياتيءَ جو هڪ مقصد مقرر ڪن ٿا ته ياد رکو ته توهان جا پنهنجا حدف ئي توهان لاءِ ”حياتيءَ جو مقصد“ هجن ٿا.“
جڏهن ڊيبي ميڪڊمبر هڪ اديب ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته هن هڪ ٽائيپ رائيٽر مسواڙ تي ورتو ۽ ان کي پنهنجي رڌڻي جي ميز تي رکي ڇڏيو، پوءِ سندس ٻار اسڪول هليا ويندا هئا ته هوءَ هر صبح ان تي ٽائيپ ڪرڻ لڳي. اٽڪل اڍائي سالن تائين ڊيبيءَ جو اهوئي معمول رهي. اها عظيم ماءُ اديب ٿيڻ جي جدوجهد ۾ مصروف هئي ۽ مصروفيت جي هر هڪ لمحي ۾ لطف اندوز به ٿي رهي هئي.
هڪ رات سندس مڙس کيس ڀر ۾ ويهاري چيو، ”هني! مون کي افسوس آهي ته تون جيڪي ڪجهه ڪري پئي، تنهن مان پاڻ کي ٽڪي جي به آمدني نه پئي ٿئي. ٻيڻو تون پاڻ کي ساڻو ڪري اسان کي ئي وساري ڇڏيو آهي. تون هاڻي وڌيڪ اهو ڪم ڪرڻ بدران گهر جي ذميدارين تي وڌيڪ ڌيان ڏي.“
ان رات ڊيبيءَ جي دل ئي ٽٽي پئي، کيس سڄي رات ننڊ نه آئي. هوءَ رات جو پنهنجي بستري تي ليٽي ليٽي رڳو اوندهه ۾ ڇت ۽ ڀتين کي گهوريندي رهي ۽ ايئن باک ڦٽي وئي. ڊيبيءَ سوچيو ته هوءَ گهر جي ذميدارين سان گڏ ٻارن جي سار سنڀال ۽ ٻارن کي راند روند ڪرائڻ لاءِ هفتي ۾ چاليهه ڪلاڪ مصروف رهي ٿي ۽ کيس لکڻ لاءِ پورو وقت ئي نه ٿو ملي.
جڏهن سندس مڙس ڏٺو ته سندس گهرواري سخت پريشان آهي ته هو به سجاڳ ٿي ويو ۽ کائنس پڇڻ لڳو: ڪهڙو مسئلو آهي، جو توکي ننڊ ئي نه ٿي اچي؟
ڊيبيءَ وراڻيو: ”مون کي پڪ آهي ته هڪ ڏينهن آءٌ دنيا جي هڪ وڏي ليکڪا ٿينديس ۽ آئون ٿي ڏيکارينديس.“
سندس مڙس اهو جواب ٻڌي ڪجهه دير چپ رهيو، پوءِ اٿي ويٺو ۽ چيائين، ”ٺيڪ آهي تون پنهنجي ڪوشش جاري رک.“
تنهن کان پوءِ ڊيبي مطمئن ٿي، پنهنجي خواب جي تعبير لاءِ ٽائيپ رائيٽر کڻي ٻيهر رڌڻي ۾ پهچي وئي ۽ وڌيڪ اڍائي سالن تائين صفحن جا صفحا لکندي وئي. ان دوران سندس ڪٽنب ۽ هن پاڻ به سخت ڏکيا ڏينهن ڏٺا.
پر 5 سالن جي محنت کان پوءِ سندس قربانيءَ آخر رنگ لاتو. ڊيبيءَ پنهنجو پهريون ڪتاب ڇپجڻ لاءِ ناشر کي ڏنو، جنهن پسند ڪيو ۽ ڇپايو، جيڪو نهايت ڪامياب رهيو، جنهن کان پوءِ هوءَ هڪ، ٻه، ٽي، چار ته ڇا يڪا هڪ سئو ڪتاب لکي چڪي آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب تمام گهڻو وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جي لسٽ ۾ شامل رهيا ۽ ٽن تي ته فلم به ٺهي چڪي آهي. سندس هر ڪتاب جون 60 هزار کان وڌيڪ ڪاپيون ڇپجن ٿيون ۽ سندس لکين پرستار آهن ۽ سندس مڙس وائن جنهن زال جي ڪم ۾ هٿ ونڊايو، تنهن کي به ان قربانيءَ جو تمام سٺو سلو مليو.
جيڪڏهن توهان به هن وانگر بردباري ۽ مستقل مزاجي پنهنجو معمول بڻايو ته توهان به وڏي ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ ناڪامي توهان جي ڀر ۾ اچڻ کان به هيسيل رهندي.
پنهنجين مقصدن ۽ حدفن کي ڇڏي نه ڏيو:
ڪيلون ڪوليج چيو هو ته:
” مستقل مزاجي ۽ ارادي تي پڪو رهڻ ئي سڀ ڪجهه آهي، حوصلو ئي انسان جي سمورن مسئلن، ڏکيائين جو حل آهي.“
[b]هيٺين مثالن تي ويچاريو:
[/b]1) ايڊمرل رابرٽ پيري ڏکڻ قطب پهچڻ ۾ ست ڀيرا ناڪام رهيو، پر اٺين ڀيري آخرڪار هو اتي پهچي ويو.
2) ناسا (NASA) خلا ۾ راڪيٽ اماڻڻ لاءِ 20 ڀيرا ڪوشش ڪئي، پر پوءِ آخرڪار 28 هين ڪوشش ۾ اهو راڪيٽ خلا ۾ روانو ٿي ويو.
3) آسرڪ هيمر اسٽين پنج فلمون ٺاهيون، جن مان ڪا به لڳاتار 5 هفتا به نه هلي سگهي. پوءِ هن پنهنجي جڳ مشهور فلم ”اوڪلاهوما“ Oklahoma ٺاهي، جيڪا لڳاتار 269 هفتا هلندي رهي ۽ هن ان مان ست ملين ڊالر ڪمايا.
4) هڪ ليکڪ جي حيثيت سان ٽاوني جي پيشوراڻي زندگي، سندس ڄمت ۽ ثابت قدميءَ جو هڪ امتحان هئي. 13 سالن کان پوءِ هن ڇهه ڪتاب لکيا ۽ 300 ناشرن سندس ڪتاب ڇپڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ آخرڪار سندس پهريون ناول ”بيڪ روڊس“ Back Roads جنوري 2000ع ۾ شايع ٿيو. اهو ناول لڳاتار ٻه هفتا نيويارڪ ٽائيمز طرفان سڀ کان بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جي فهرست ۾ شامل رهيو.
[b]ڪڏهن به هار نه مڃو:
[/b] ويٽنام جي جنگ دوران ٽيڪساس سان واسطو رکندڙ ڪمپيوٽر صنعت جي هڪ ارب پتي راس پيرٽ، ويٽنام جي جنگي قيدين کي ڪرسمس جو تحفو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. پيرٽ هزارين تحفا موڪلڻ لاءِ تيار ڪري رکيا. هن هنوئيءَ لاءِ بوئنگ 707 جهازن جو هڪ ٻيڙو ڀاڙي تي ڪيو، پر ان وقت اها جنگ عروج تي هئي ۽ هنوئي حڪومت سهڪار ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري. هن کي ڪو ٻيو طريقو به نه ٿي سُجهيو، جو آمريڪا جا بمبار جهاز ويٽنام ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ڪري رهيا هئا. پيرٽ انهن تباهه ٿيل شهرن ۽ ڳوٺن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ لاءِ هڪ آمريڪي اداري سان رابطو ڪيو. حڪومت اڃا به سهڪار لاءِ تيار نه هئي. ڪرسمس ويجهو اچي رهيو هو ۽ هو تحفا اڃا به موڪلي نه سگهيو، پر تنهن هوندي به پيرٽ دل نه لاٿي. آخرڪار هن هڪ جهاز ڀاڙي تي ڪيو ۽ ماسڪو پهچي ويو، جتان سندس مددگارن ماسڪو جي مرڪزي ٽپال گهر ذريعي اهي تحفا ويٽنام موڪلڻ شروع ڪيا. ڇا توهان محسوس ڪري سگهو ٿا ته ان عظيم شخص ڪهڙي نموني ايتري وڏي ۽ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي.
[b]پڪو ارادو قائم رکو:
[/b] نارمن ونسينٽ پيلي خبردار ڪيو هو ته:
”جيڪڏهن توهان هار مڃو ٿا ته توهان جو اهو عمل جلد بازيءَ تي ٻڌل آهي.“
جيڪڏهن توهان پڪو ارادو قائم رکو ته آخرڪار توهان هر حالت ۾ ڪامياب ٿيندؤ. مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي ڪاميابيءَ کي توهان جا قدم چمڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي. تنهن لاءِ عزم ۽ ارادي کي هميشه قائم رکو. جيڪڏهن توهان هار مڃي وٺو ٿا ته ان کان اڳ هزار ڀيرا سوچيو ۽ هر ڀيري اهوئي سوچيو ته توهان جو اهو هار مڃڻ وارو عمل جلد بازيءَ وارو آهي، تنهن ڪري جلد بازيءَ کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين ڪاميابيءَ لاءِ ڪوششون ڪندا رهو.
مسئلن ۽ مشڪلاتن کي متبادل طريقن سان منهن ڏيو:
ميري ڪي ايش چواڻي ته:
”هر ناڪاميءَ جي صورت ۾ هميشه هڪ متبادل طريقو موجود هوندو آهي، توهان جو اهو فرض ۽ ذميداري آهي ته ان کي ڳوليو. جڏهن به توهان ڪا مشڪل يا رنڊڪ سامهون اچي ته متبادل طريقا اختيار ڪري اها رڪاوٽ پار ڪري وڃو.“
جڏهن به توهان کي ڪا رڪاوٽ ۽ ڏکيائي آڏي اچي ته توهان کي گهرجي ته ٿورو ترسو، سوچيو ۽ ٽن متبادل طريقن سان انهي رڪاوٽ ۽ ڏکيائيءَ کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
ياد رکو ته ڪنهن مشڪل يا مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي متبادل طريقا موجود هوندا آهن، پر اسان کي اهي تڏهن هٿ ايندا آهن، جڏهن اسين انهن کي ڳولڻ شروع ڪندا آهيون، ڪنهن به مشڪل يا رڪاوٽ جي صورت ۾ پاڻ کي گهڻو پريشان ڪرڻ بدران صبر ڪري همٿ کان ڪم وٺو ۽ هميشه پراميد رهو ته ان جو ڪو نه ڪو حل ضرور نڪري ايندو.
برائن آدمز مشڪلاتن ۽ مسئلن بابت هڪ وزنائتي ڳالهه ڪئي هئي ته:
”ڏکيائيون ۽ مسئلا، ڪاميابيءَ ۽ بهتريءَ واسطي ”موقعي“ جي حيثيت رکندا آهن. اهي مسئلا ۽ ڏکيائيون ته وڏين ڪاميابين ڏانهن پهچڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ جو ڪم ڏين ٿيون....جڏهن هڪ در بند ٿيندو آهي ته ڪو ٻيو ضرور کلي پوندو آهي. اهو فطرت جو هڪ اصول آهي.“