جيڪوچاهيو ٿا، سو ماڻيو
”حدف ۽ خيال ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ اهو توهان جي ايندڙ ڪاميابين جو عڪس آهي.“
پنهنجين ڪاميابين بابت حدف ۽ خيال.....يا وري اسان جي ذهن جو پنهنجي ڪاميابين جي سلسلي ۾ هڪ صاف تصور ٺاهڻ جو عمل ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ بهترين هٿيار ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان وسيلي اسين ٽن وڏن رخن کان ڪاميابي حاصل ڪرڻ کي غيرمعمولي حد تائين تيز کان تيز ڪري سگهون ٿا.
1- خواب ۽ خيال واري عمل ذريعي توهان جي پنهنجي لاشعوري ذهن جون تخليقي صلاحيتون پيدا ٿين ٿيون.
2- خواب ۽ خيال ذريعي توهان جون صلاحيتون پيدا ۽ فعال ٿي، ذهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون، جنهن ڪري اسين ڪاميابيءَ ڏانهن انهن امڪانن ۽ موقعن تائين پهچي سگهون ٿا.
3- خيالن ۽ خوابن واري عمل ذريعي اهي ماڻهو، ذريعا ۽ وسيلا توهان ڏانهن ڇڪجي ٿا اچن، جن جي مدد ۽ سهڪار سان توهان ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا.
ماهرن ۽ تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جڏهن توهان پنهنجي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪو به ڪم ڪريو ٿا ته توهان جو دماغ ان تي ايئن ئي عمل ڪري ٿو، جيئن توهان سوچيو ٿا. جڏهن توهان صرف ڪنهن خيال يا خواب ذريعي ڪا سرگرمي ڪندي محسوس ڪريو ٿا، ٻين لفظن ۾ توهان عملي طور ڪو ڪم ڪريو يا ان بابت سوچڻ بنا عمل ڪريو، توهان جو ذهن ٻنهي حالتن۾ سرگرم ٿي توهان جو ساٿ ڏئي ٿو.
جيڪڏهن اسين ڪا به نئين شئي ڪريون يا وري ان بابت سوچيون ته ان تي به اهو عمل لاڳو ٿئي ٿو. تازي کوجنا مان ظاهر ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجو گهربل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين خيال ۽ خواب ذريعي ان جو خاڪو ٺاهين ٿا، اهي سئو سيڪڙو ڪامياب رهن ٿا ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجن خيالن ۽ خوابن کي سرگرم نه ٿا ڪن، انهن کي اڌ جيتري ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي.
عملي قدم کڻڻ کان اڳ ان بابت سوچي ڪو خاڪو ٺاهڻ سان ان کي عملي صورت ڏيڻ بابت جوش ۽ جذبو پيدا ٿئي ٿو. ان اصول بابت اسان کي ڪڏهن به ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ پڙهايو نه ويو هو، پر 1980ع جي ڏهاڪي کان وٺي ئي راندين جا نفسياتي ماهر ۽ وڏيون وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ لاءِ طريقا سيکارڻ وارا ماهر ”خيال جي طاقت“ کي هڪ بهترين ۽ ڪارائتي نظرئي جي حيثيت سان ڏسي رهيا آهن ۽ ان بابت مشهوري ڪري مشورا ڏئي رهيا آهن. هن وقت سمورا بهترين رانديگر ۽ ڪامياب ماڻهو پنهنجي ڪاميابيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهائي تخليقي قوت استعمال ڪن پيا.
[b]ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ خيالي طاقت ڪيئن ٿي ڪم ڪري؟
[/b] جڏهن توهان روزانو پنهنجي گهربل مقصد جي سلسلي ۾ خيال جي طاقت کي سرگرم ڪندا رهندا آهيوته توهان جي لاشعور ۾ هڪ اُٿل پٿل پيدا ٿي ويندي آهي ته توهان ڪهڙي مقصد سان پنهنجي خيال جي طاقت کي استعمال ڪري رهيا آهيو ۽ اهو به ته توهان اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هن وقت ڪٿي ۽ ڪهڙيءَ سطح تي بيٺا آهيو. توهان جو لاشعوري ذهن توهان جي موجوده اصلي ۽ حقيقي حالت کي نئين ۽ ڪامياب حقيقت ۾ بدلائي، ان اُٿل پٿل ڪري ڪامياب ٿئي ٿو.
جڏهن توهان مستقل طور تي ڪو گهربل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي خيال ۽ خوابن واري طاقت جي دروازي کي ڳوليو ٿا ته پوءِ وقت گذرڻ سان اها اُٿل پٿل اڃا وڌيو وڃي ۽ پوءِ عملي طور تي ٽي واقعا پيش اچن ٿا.
1) توهان جي ذهن ۾ موجود صلاحيتون سجاڳ ۽ سرگرم ٿي، انهن سمورن معاملن ۽ شين بابت ڄاڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ شروع ڪريو ڏين، جيڪي توهان کي مقصد پورو ڪرڻ لاءِ گهربل آهن.
2) توهان جي لاشعوري ذهن گهربل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سامان مهيا ڪرڻ واسطي ڪارروائي شروع ڪري ڏئي ٿو. توهان محسوس ڪندؤ ته وهنجندي، هلندي يا گاڏي هلائيندي، توهان جي ذهن ۾ گهربل مقصدن جي سلسلي ۾ خيال پيدا پيا ٿيندا آهن.
3) توهان ۾ پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ٿي وڃي ٿو. توهان محسوس ڪرڻ لڳندؤ ته غير محسوس طريقي سان اهي ڪم ڪري رهيا آهيو، جنهن جي ذريعي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿي سگهي ٿي. توهان آفيس ۾ ڪو نئون ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ رضاڪاراڻي نموني تيار ٿي ٿا وڃو. پنهنجي عملي سان ملاقات ۾ ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لڳو ٿا، پنهنجين ضرورتن جو وقت سر ۽ کليو اظهار ڪريو ٿا، پنهنجي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ شروع ڪري ٿا ڏيو. ڪريڊٽ ڪارڊ جو قرض ڀريو ٿا ۽ پنهنجي زندگي ۾ ڪاميابيءَ لاءِ هر وقت خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکو ٿا.
اچو ته اسين ان ڳالهه جو غور سان جائزو وٺون ته توهان جون صلاحيتون ڪيئن ۽ ڇو، سجاڳ ۽ سرگرم ٿي عملي طور ڪم ڪرڻ شروع ڪري ٿيون ڏين. توهان جو ذهن هڪ وقت ۾ 80 لک معلوماتي ذخيرو گڏ ڪرڻ جو خزانو بڻيل آهي، جن مان ڪيترن ئي معاملن ۽ معلومات تي ته توهان ڌيان ئي نه ٿا ڏيو ۽ نه ئي توهان کي ايئن ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. پوءِ اهو ٿو ٿئي ته توهان جي ذهن ۾ لڳل ڇاڻيءَ ذريعي غير دلچسپ ۽ غير اثرائتي معلومات ڇڻي نڪري ٿي وڃي ۽ باقي صرف اها باقي رهي ٿي، جنهن جي توهان کي ضرورت آهي، ان بابت سوچيو ۽ استعمال ڪريو ٿا يا وري اها اهڙي آهي، جو ڇاڻيءَ جي سوراخن مان نڪري نه ٿي سگهي.
پر هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته توهان جي دماغ کي اهو ڪيئن ٿو محسوس ٿئي ته ڪهڙي معلومات توهان جي ڪم جي آهي ۽ ڪهڙي ڪم جي ناهي. ان سلسلي ۾ توهان جو دماغ توهان جي مقصد پوري ڪرڻ ۾ توهان جي مدد ڪري ٿو، جيڪي به توهان جا خيال، خواب ۽ سوچ ويچار آهن، توهان جو دماغ انهن مان هر ان خيال ۽ نظرئي کي برقرار رکي ٿو، جيڪي توهان جي مقصد سان ٺهڪي اچن ٿا.
توهان جي دماغ جي اها زبردست صلاحيت ئي توهان جو وڏو هٿيار آهي، پر اها صلاحيت صرف اهي نقش ڏسي ٿو، جيڪي توهان جي خيالن ۽ خوابن مطابق هجن. توهان جو تخليقي لاشعور لفظن ذريعي نه ٿو سوچي، پر اهو صرف نقشن ۽ منظرن ذريعي سوچي ٿو ته پوءِ ڪهڙي نموني توهان جي دماغ جي اها زبردست صلاحيت توهان جي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ توهان جي مددگار ثابت ٿئي ٿي.
جڏهن توهان پنهنجي دماغ کي پنهنجن خيالن بابت چٽا رنگين ۽ خاص منظر ٺاهڻ جي هدايت ڪريو ٿا ته پوءِ ئي توهان جو دماغ پنهنجي عملي ڪارروائي شروع ڪري ٿو ۽ اها سموري معلومات گڏ ڪري ٿو، جنهن جي ذريعي توهان جا اهي تصوراتي منظر حقيقت ۾ بدلجي وڃن. جيڪڏهن توهان پنهنجي ذهن ۾ ڏهه هزار مسئلا وجهندؤ ته هو موٽ ۾ توهان کي ان جا پنجاهه هزار حل ٻڌائيندو.
جيڪڏهن توهان پنهنجي خواب خيال ۾ اهو ڏسو ٿا ته توهان وٽ هڪ خوبصورت گهرآهي، هڪ نهايت خوبصورت زال توهان جي زندگيءَ جي ساٿي آهي، توهان وٽ هڪ نهايت شاندار عهدي واري نوڪري آهي، توهان پنهنجي موڪلن ۾ تمام سٺي نموني سير تفريح ڪريو ٿا ته پوءِ توهان جو ذهن به اهي شيون حاصل ڪرڻ ۾ توهان جو ساٿي ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. ان جي ابتڙ جيڪڏهن توهان لڳاتار ناڪاري خيالن جي گهيري ۾ هوندؤ ته توهان کي هميشه ڊپ ۽ خدشو رهندو ايندو ۽ ذهن کي صرف بي چيني ۽ پريشانيءَ جا منظر ئي ڏسجڻ ۾ ايندا رهندا ته پوءِ اندازو لڳايو ته آخرڪار توهان کي اهوئي ملندو، جيڪو توهان جي خيالن ۾ هوندو.
[b]آئيندي کي خيالن ۾ بندڻ جو طريقو:
[/b] مستقبل ۾ پنهنجي ڪاميابيءَ کي پنهنجن خوابن ۽ خيالن ۾ قيد ڪرڻ جو طريقو نهايت سادو ۽ سولو آهي. توهان کي صرف اهو ڪرڻو آهي ته پنهنجون اکيون ٻوٽي پنهنجن خوابن ۽ خيالن ۾ اهو تصور ڪرڻ شروع ڪريو ته توهان هن وقت تائين پنهنجي مقصد جي سلسلي ۾ ڇا حاصل ڪيو آهي ۽ ڇا حاصل ڪرڻ رهجي ويو آهي.
جيڪڏهن توهان جو خواب آهي ته توهان جو ڪنهن درياهه جي ڪناري خوبصورت گهر هجي ته پوءِ پنهنجيون اکيون بند ڪريو ۽ ڏسو ته توهان ان خوبصورت گهر ۾ هلي رهيا آهيو. ان سان گڏوگڏ گهر بابت هڪ هڪ تفصيل به ڄاڻي وٺو.
انهن منظرن ۽ تصويرن کي بلڪل چٽي نموني ڏسي ذهن نشين ڪريو. اهو طريقو توهان پنهنجي گهربل هر مقصد جي سلسلي ۾ اختيار ڪري سگهو ٿا، پوءِ ڀلي ڇونه اهو مقصد توهان جي پيشيوراڻي زندگيءَ بابت هجي، توهان جي ذاتي مالي معاملن بابت هجي، توهان جي ماڻهن سان ناتن ۽ اٿ ويهه بابت هجي.
پوءِ انهن سمورن خوابن خيالن ۾ آيل تفصيل کي ڪنهن پني تي لکڻ شروع ڪري ۽ ان جو جائزو وٺندا رهو ۽ پنهنجو پاڻ کي به يقين ڏياريو ته اهو سڀ ڪجهه توهان به حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ پوءِ روزانو اهو پنو پڙهي پنهنجي مقصد بابت يادگيري ڪريو.
پوءِ روزانو صبح جو جاڳڻ وقت ۽ رات جو سمهڻ کان اڳ انهن مقصدن بابت لکيل پني کي وڏي واڪي پڙهو، وري ورجايو، پنهنجون اکيون بند ڪريو انهن منظرن کي پنهنجن خيالن ۽ تصورن ۾ قيد ڪريو.
هر مقصد کي پنهنجي ٺاهيل خواب ۽ خيال واري انداز ۾ مڪمل طور ڏسو، ان سموري عمل ۾ توهان کي ڏهه پندرهن منٽ ته لڳي ويندا، پر توهان جي عملي ڪوشش ڪندي انهن ۾ ٻن ٽن منٽن جي گهٽ واڌ به ڪري سگهو ٿا.
جڏهن توهان پنهنجن گهربل مقصدن بابت غور ڪري گيان ۽ ڌيان کان پوءِ انهن کي پنهنجي خوابن ۽ خيالن ۾ قيد ڪري وٺندؤ ته پوءِ توهان جي غور فڪر جي گهري حالت، توهان جي خيالي منظرن ۽ تصورن کي نهايت چٽو ۽ روشن ڪري ڇڏيندي.
[b]پنهنجن تصويرن ۾ صوتي ۽ احساساتي ڪيفيتون به شامل ڪريو:
[/b] پنهنجي منظرن ۽ تصويرن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ ان ۾ صوتي اثر به شامل ڪريو. يعني ايئن محسوس ڪريو ته انهن جا ڪردار ۽ توهان هڪ ٻئي سان ڳالهائي رهيا آهيو. تنهن کان پوءِ انهن ۾ سنگهڻ ۽ چکڻ جي ڪيفيت کان سواءِ انهن تصويرن ۽ منظرن ۾ احساس به شامل ڪريو. توهان انهن تصويرن ۽ منظرن کان سواءِ ڪهڙي قسم جا آواز ٻڌڻ چاهيو ٿا، توهان ڪهڙي قسم جي خوشبوئن کي محسوس ڪرڻ چاهيو ٿا. توهان ڪهڙا ذائقا چکڻ چاهيو ٿا ۽ جيڪڏهن پنهنجي تصور ۽ خيالن ۾ گهربل مقصد حاصل ڪري چڪا آهيو ته توهان ڪهڙي قسم جي جسماني لرزش ۽ جذبا ۽ احساس محسوس ڪرڻ چاهيو ٿا. جيڪڏهن توهان پنهنجي خيالي ۽ تصوراتي نظر سان ساحل تي ٺهيل پنهنجو گهر ڏسي رهيا آهيو ته پوءِ پنهنجي گهر جي منظر ۽ تصويرن ۾سامونڊي لهرن جو آواز به شامل ڪري سگهو ٿا،جيڪي لهرائينديون جهومنديون ڪناري تائين اچن ٿيون ۽ پوءِ واپس موٽي وڃن ٿيون. توهان پنهنجن ٻارن جا آواز به ٻڌي سگهو ٿا، جيڪي رستي تي راند ڪري رهيا آهن.
پوءِ ان منظرن ۽ تصويرن ۾ پنهنجي گهر جي ملڪيت جي احساس سبب ٿيندڙ فخر کي به شامل ڪريو. پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ محسوس ٿيندڙ سڪون ۽ اطمينان کي به شامل ڪريو۽ اهو به ڏسو ته سج جا ڪرڻا توهان جي چهري تي رنگ ۽ روشني پکيڙي رهيا آهن.
[b]پنهنجي تصويرن ۾ جذبن جو رنگ ڀريو:
[/b] جڏهن توهان پنهنجي گهربل مقصد جي حوالي سان پنهنجي تصويرن ۾ جذبن جو رنگ ڀريو ٿا ته پوءِ اهي منظر ۽ تصويرون گهريون ۽ چٽيون ٿي وڃن ٿيون، جنهن سان توهان جو اهو تصور ۽ خيال، ڪاميابيءَ جي اڃا ويجهو پهچي ٿو وڃي. تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جڏهن انهن تصويرن ۽ منظرن ۾ جذبن جو رنگ شامل هجي ته اهي پوءِ اڃا وڌيڪ دير تائين يادداشت ۾ محفوظ رهن ٿا.
[b]پنهنجي تصور کي چٽي ڪرڻ لاءِ تصويرن مان مدد وٺو:
[/b] جيڪڏهن توهان پنهنجي گهربل مقصدن ۽ منزل کي پنهنجي خيال ۽ تصور ۾ چٽي نموني نه ٿا ڏسي سگهو ته پوءِ مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ ڇيپل اهڙين تصويرن ۽ منظرن کي ڏسو ته جيئن توهان جي شعور ۽ لاشعور ۾ توهان جي مقصدن ۽ منزل جو عڪس ۽ نقش وڌيڪ چٽو ٿي، وڌيڪ عرصي تائين توهان جي ذهن ۾ رهي.
جيڪڏهن توهان هڪ شاندار ڪار حاصل ڪرڻ جي خواهش رکو ٿا ته پوءِ پنهنجي ان خواهش واريءَ ڪار جي تصوير ڪٽي رکي ڇڏيو. جيڪڏهن توهان کي اهڙي ڪار جي ڪا تصوير نه ٿي ملي ته توهان پنهنجي شهر ۾ گهربل ڪار وڪڻندڙ ڊيلرن وٽ وڃي ڪئميرا ذريعي ان ڪار جي تصوير ڪڍي وٺو.
اهڙي نموني جيڪڏهن توهان پاڻ کي گهربل اهڙين شين، جن جي توهان دل ۾ خواهش رکو ٿا، تن جون تصويرون گڏ ڪري وٺو ته پوءِ انهن کي هڪ ڪاغذ تي چمنبڙايو ۽ اُهي پاڻ وٽ هڪ اهڙي هنڌ محفوظ رکو، جتي توهان انهن کي آسانيءَ سان ڏسي سگهو ۽ جائزو وٺي سگهو ته جيئن توهان مستقل طور پنهنجي خيالن کي پوءِ ڀلي اهي تصويرن ذريعي ئي سهي، گهرن نقشن ۾ بدلائي سگهو ٿا.
[b]هينئر کان ئي شروعات ڪريو:
[/b] جيڪي مقصد ۽ حدف توهان پنهنجي تصور ذريعي اڳ ۾ ئي حاصل ڪري چڪا هجو، انهن کي روزاني پنهنجي تصور ۽ خيالن ۾ قيد ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت مقرر ڪريو. پنهنجي مقصد کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ اهو هڪ نهايت ئي سٺو ۽ آسان طريقو آهي. ڪن نفسياتي ماهرن جو خيال آهي ته هڪ ڪلاڪ جو تصور ۽ خيال ستن ڪلاڪن جي جسماني ڪوششن جي برابر آهي. اها هڪ وڌاءُ واري دعويٰ آهي، پر ان ذريعي اهو اهم نقطو سامهون اچي ٿو ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ خاص طريقن ۾ تصور ۽ خيال جو عمل هڪ بهترين طريقو آهي. يقين رکو ته توهان اهو ڪم ڪري سگهو ٿا.
ضروري ڪونهي ته پنهنجي مستقبل ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي لڳاتار هڪ ڪلاڪ تائين تصورن ۾ قيد رکو، پر توهان جي ڏهن کان تيرهن منٽن جي خيالي ۽ تصوراتي اڏام به اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.