وسوسا مٽايو
”ٿي سگهي ٿو ته ڪڙين حقيقتن جو ڪو بدل هجي، پر مون کي خبر ڪونهي ته اهو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟“
هن دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو رڳو ان ڪري پنهنجو قيمتي وقت ۽ وسيلا ضايع ڪندا رهندا آهن ته حيران هوندا آهن ته ٻيا ماڻهو ڇا پيا سوچين يا اهي ڇا ٿا ڪرڻ چاهين؟ اهي ماڻهو انهن کان ڪجهه پڇي پنهنجو ذهن صاف ڪرڻ بدران پاڻ ئي انهن بابت خيال تصور قائم ڪري ٿا ڇڏين. انهن بابت هڪ فرضي رويو ۽ موقف اختيار ڪري ٿا وٺن ۽ اهو فرضي موقف انهن ماڻهن خلاف هوندو آهي، پوءِ پنهنجن انهن ئي فرضي خيالن ۽ موقف جي آڌار تي ٻين خلاف فيصلا ڪندا وتندا آهن.
ان جي ابتڙ ڪامياب ماڻهو ڪنهن ٻئي بابت فرضي رويو ۽ موقف اختيار ڪرڻ بدران حقيقت جي دنيا ۾ اهي فيصلا ڪندا آهن. اهي اهو نه سوچيندا آهن ته ٻيا ڇا پيا سوچين ۽ نه ئي اهو ڏسندا آهن ته ٻيا ڇا پيا ڪن، پر اهي چٽا ۽ کليل موقف اختيار ڪندا آهن. اهي پنهنجي ۽ ٻين جي ڳالهين مان ڊپ ڪرڻ جي شڪ شبهن بدران کلئي نموني ٻين کان پڇي، نتيجو ڪڍي ڪم ڪندا آهن.
[b]سچ کان ناواقفيت ۽ خراب خيال
[/b] ڪنهن به شيءِ بابت سوچڻ ۽ ان بابت ڪو رويو يا موقف اختيار ڪرڻ جي حوالي سان بنيادي مسئلو ۽ ڏکيائي ڪهڙي آهي؟
ڏکيائي اها آهي ته عام طور ماڻهن کي ان ڳالهه مان ڊپ ٿيندو آهي، جنهن بابت کين ڪجهه به معلوم نه هوندو آهي، اهي حقيقت جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بدران انهن حقيقتن بابت پاڻ ئي ڪي نه ڪي تصور گهڙي وٺندا آهن، جن جو ڪو وجود ئي نه هوندو آهي ۽ پوءِ انهن تصورن ۽ مفروضن جي بنياد تي هڪ طرفو ۽ تعصباڻو رويو اختيار ڪري وٺندا آهن ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ تيار ڪيل انهن تصورن، مفروضن ۽ ٻين ماڻهن کان ٻڌل اجاين ڳالهين کي سامهون رکي فيصلا ڪندا آهن.
غور ڪريو، جڏهن توهان ڪنهن صورتحال، ماڻهو، مسئلي، ڏکيائيءَ يا موقعي بابت سمورين حقيقتن، بلڪ اصل حقيقتن بابت ڄاڻي ٿا وٺو ته پوءِ توهان انهن اجاين فرضي ڳالهين ۽ تصورن بدران حقيقتن جي بنياد تي اصل صورتحال کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪريو ٿا.
هڪ سيمينار جي موقعي تي مون ڏٺو ته هڪ شخص ڪمري جي آخر ۾ ايئن ويٺو آهي، ڄڻ کيس زوريءَ آڻي ويهاريو ويو هجي. سندس رويو نهايت جارحاڻو هو سندس پنهنجا هٿ ڇاتي تي رکيل هئا ۽ ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ کيس هي شيءِ کان نفرت آهي. منهنجي تقرير مان ته ڄڻ کيس بڇان پئي محسوس ٿي ۽ سندس چهرو نفرت ۽ ڪاوڙ سبب ڳاڙهو ٿي ويو هو. سندس نفرت ڀريل اکيون منهنجي سامهون اينديون رهنديون ۽ منهنجي ذهن ۾ به اٿل پٿل ٿيڻ لڳندي.
ڪو به تقرير ڪندڙ اهو نه چاهيندو ته سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ آيل ماڻهن مان ڪو به يا گهڻا اهڙا هجن، جن کي زوريءَ آندو ويو هجي يا وري اهو تقرير ڪندڙ کي پسند نه ڪندو هجي. مون صورتحال مان مايوس ٿيڻ بدران ان ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
سيمينار جي ڪارروائي جي پهرين وقفي ۾ آءٌ ان ماڻهوءَ وٽ پاڻ هلي ويس. مون کيس چيو ته آءُ سندس ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو. شايد توهان کي ويهڻ لاءِ ڪا سٺي جاءِ نه ملي آهي، جنهن ڪري توهان شرڪت مان مزو نه پيا ماڻيو يا وري پنهنجي آفيسر جي چوڻ تي زوريءَ هتي آيا آهيو ۽ ويٺي ويٺي رڳو بار پيا لاهيو. مون کي توهان بابت فڪر ٿي رهيو آهي.
جڏهن مون ساڻس ڳالهايو ته ڄن سمورو منظرنامو ئي بدلجي ويو. هن چيو ته، اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونهي. آءٌ زوريءَ نه آيو آهيان. مون کي توهان جي تقرير به وڻي پئي. اصل ۾ مون کي ايئن پيو لڳي ته مون کي بخار ۽ نزلو پيو ٿئي. مون گهر به ترسڻ نه ٿي چاهيو ۽ سيمينار کي به ڇڏڻ نه ٿي چاهيو، ڇو ته مون سمجهيو ٿي ته تي اچڻ منهنجي لاءِ فائديمند هوندو.
واهه خدا! جيڪڏهن آءُ ان ماڻهوءَ وٽ وڃي کانئس پڇا نه ڪريان ها ته ڏينهن سندس رويي بابت اجاين وهمن ۽ وسوسن جو شڪار رهان ها.
ته پوءِ توهان بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا جي ڪنهن بابت ڪيترا ڀيرا ان جي سٺي يا خراب هئڻ جو اندازو لڳايو ٿا. توهان جڏهن ڪو خاص منصوبو شروع ڪريو ٿا ته بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا جي اهو طئي ڪري ٿا وٺو ته توهان ان منصوبي کي مقرره وقت تي پورو ڪري ڇڏيندؤ، ڇا توهان بنا پڇا ڳاڇا ۽ ٻئي کان پچڻ کان سواءِ اهو اندازو ڪري سگهو ٿا ته توهان جيڪا شيءِ ٻئي کي ڏيو پيا، کين واقعي ان شيءِ جي ضرورت آهي؟
اهو تصور ڪريو ته اهو ڪيترو آسان آهي، جو توهان پاڻ ڪا ڳالهه تصور ڪرڻ کان سواءِ ٻئي کان اهو پڇيو ته، ”ادا! ڇا اهو صحيح آهي ته توهان ايندڙ جمعي تائين پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيندؤ؟ يا وري چئو ته، ”مهرباني ڪري ايندڙ آچر تائين ڪتاب جي ڇپائيءَ جو ڪم مڪمل ڪرائي ڇڏجو.“ پوءِ ڏسو ته هو ڪهڙو ٿا جواب ڏين ۽ پوءِ اهو ئي اصل جواب هوندو.
[b]خراب خبر ٻڌڻ کان لنوائڻ
[/b] اسين اهو رويو تڏهن اختيار ڪندا آهيون، جڏهن اسين بنا ڪنهن اڳواٽ پڇا ڳاڇا جي ”سڀ کان خراب صورتحال“ بابت پاڻ مرادو سوچي ڇڏيندا آهيون.
جڏهن آءُ گهر پهچان ٿو ۽ مون کي پنهنجي زال ڪاوڙيل ڪاوڙيل نظر اچي ٿي ته پوءِ آءُ پاڻ ئي سمجهي وٺان ٿو ته ان کي ڪنهن ڳالهه تان مون تي سخت ڪاوڙ آهي. پوءِ آءٌ گهر ۾ ڏوهاريءَ وانگر هلندو رهندس ۽ انتظار پيو ڪندس ته منهنجي گهرواري ڪڏهن ٿي مون تي پنهنجي ڪاوڙ ڇنڊي، پر ان سڄيءَ صورتحال بدران آءٌ جيڪڏهن گهر ۾ گهڙڻ شرط کيس ڪاوڙيل ڏسان ته ڪيترو نه سٺو ٿئي، جو سندس ويجهو وڃي پيار مان کانئس پڇان: ”جاني! ڇا ڳالهه آهي، اڄ ڪجهه پريشان پريشان پئي لڳين؟“
توهان جڏهن کانئس اهو سوال ڪريو ٿا ته پوءِ ٻن قسمن جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي.
پهرين اها ته توهان کي اصل صورتحال جي ڄاڻ ٿي وڃي، ته توهان کان ڪهڙي غلطي ٿي آهي ۽ توهان ترت ان جي وضاحت ڪري معافيءَ تلافيءَ سان بروقت ڳالهه کي ٿڌو ڪري سگهو ٿا.
توهان جي گهرواري ڪنهن ٻئي معاملي تي ڪاوڙيل آهي، جيڪو سندس خيال ۾ ته ڪاوڙ جوڳو آهي، پر توهان جي خيال ۾ ان کي آسانيءَ سان حل ڪري، ڪاوڙيل زال جو موڊ صحيح ڪري سگهجي ٿو ۽ پوءِ توهان ائين ئي ڪريو ٿا.
اهي ئي اهڙيون حالتون آهن، جنهن سان توهان جي روزاني زندگيءَ ۾ بهتري پيدا ٿي سگهي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته توهان پاڻ ئي اهو خيال ڪري ويٺا هجو ته توهان کي جنهن ميوزڪ پروگرام ۾ وڃڻو آهي، ان جي ٽڪيٽ آسانيءَ سان نه ملي يا مهانگي ملي جنهن جي توهان اميد ڪئي هجي.
ڇا مطلب؟
ڪنهن به صورتحال بابت اندازو لڳائڻ لاءِ هڪ ترڪيب به موجود آهي، جنهن جي ذريعي پرڻيل جوڙن جا پاڻ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا. ان ترڪيب کي ”ڇا توهان جو مطلب اهو آهي؟“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
منهنجي زال موڪل واري ڏينهن مون کي گيراج جي صفائيءَ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ چوي ٿي، پر مان انڪار ڪري ٿو ڇڏيان. هاڻي منهنجي زال يڪدم اهو سوچي ٿي وٺي ته، ”مان هر وقت ساڻس ڪاوڙيو ٿو وتان، مون کي سندس پريشانين جو ذرو به احساس ڪونهي. وغيره وغيره.“ پر ”ڇا توهان جو مطلب اهو آهي“ ته اڳ واري ترڪيب استعمال ڪندي يڪدم هوءَ مون کان پڇي ٿي ته، آءُ انهن وقت ڇا ڪري رهيو آهيان. پوءِ هوءَ چوندي ته ڇا توهان جو مطلب آهي ته هن وقت توهان مصروف آهيو ۽ اهو ڪم آءُ پاڻ ئي ڪري وٺان. ڪي ماڻهو پڇيل سوال جو جواب ترت نه ڏيندا آهن، يا وري خاموش ويٺا هوندا آهن. ڪڏهن انڪار ڪري ٿا ڇڏين ۽ ان جو سبب به نه ٿا ٻڌائين. عام طور تي مرد ايئن ڪندا آهن، عورتون پنهنجي ‘نه’ ڪرڻ جي وضاحت به ڪري ڇڏينديون آهن. عام طور تي مرد ڪنهن به ڳالهه کي سرسري ٻڌائيندا آهن ۽ تفصيل کان ڀڄندا آهن، جڏهن ته عورتون اها ئي ڳالهه تفصيل سان ٻڌائي ڇڏينديون آهن.
”توهان جو مطلب اهو آهي؟“ هڪ اهڙو طريقو آهي، جنهن ذريعي توهان کي سمورا تفصيل ملي ٿا وڃن ۽ توهان وڌيڪ جاکوڙ ڪرڻ کان بچي ٿا وڃو.
پڇا ڳاڇا لاڀائتي
جڏهن توهان اندازي ۽ تصور بابت پڇاڳاڇا ڪندا آهيو يا ڪنهن ڳالهه بابت سوال جواب ڪندا آهيو ته توهان جي ڳالهائڻ جي صلاحيت، توهان جي ٻين سان ناتن، توهان جي زندگيءَ جي معيار ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته آفيس ۾ توهان جي ڪاميابيءَ ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري ۽ سڌارو اچي ٿو. توهان کي بهتر نتيجا ملڻ شروع ٿي ٿا وڃن. توهان ٻين ماڻهن جي ڪارڪردگيءَ بابت صرف اندازو نه ٿا لڳايو. توهان کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته توهان جي عملي جو ڪو ميمبر پنهنجو ڪم وقت سر ڪري نه سگهندو ته توهان کيس ٻيو ڪم ڏيئي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏيو ٿا.
ٻي عالمي جنگ کان پوءِ جاپان نهايت بهترين گاڏيون ٺاهڻ شروع ڪيون. ان کان سواءِ جاپان ۾ بجليءَ جو ۽ ٻيو سامان به تمام سٺو تيار ٿيڻ لڳو هو. جاپان ۾ اهو معياري پيداواري سرشتو هڪ ذهين شخص ڊبليو ايڊورڊ ڊيمنگ جي اعليٰ تخليقي صلاحيتن جو ڪارنامو هو. هن هڪ دفعو چيو هو ته، ”توهان جي منصوبي جو پهريون 15 سيڪڙو حصو نهايت اهم هوندو آهي. ان حصي دوران توهان هر قسم جي معلومات ۽ انگ اکر گڏ ڪريو ٿا. مثال طور جڏهن ڪن ٻين ساٿين سان گڏجي ڪو ڪاروبار ڪريو ٿا ته ابتدا ۾ نجي ڪاروبار جي شروع جي 15 سيڪڙو حصي ۾ توهان اهو طئي ڪريو ٿا ته توهان کي پاڻ ۾ ڪيئن گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پنهنجا اختلاف ڪيئن نبيرڻا آهن، جيڪڏهن ڪو ساٿي ڪاروبار ڇڏڻ چاهي ته ان جو طريقو ڇا هوندو وغيره وغيره. ڇو ته گڏيل ڪاروبار ۾ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿين ٿا. هي شڪ شبهن جي ڌنڌ کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن ۽ پنهنجي طئي ڪيل ڳالهين کي به چٽو نه ٿا ڪن.
ڊيمنگ جو اهو به چوڻ آهي ته ڪنهن به منصوبي جي شروع ۾ ڪيترائي ماڻهو حقيقت ڄاڻڻ کان سواءِ عملي قدم کڻڻ شروع ڪري ٿا ڇڏين. کين اها خبر ئي نه هوندي آهي ته کين ڪٿي ۽ ڪهڙو قدم کڻڻو آهي ۽ ايئن ڪٿي ڪٿي هو پوئتي پئجي ويندا آهن ۽ ان لاءِ ڏوهه وري ٻين کي ڏيندا آهن.
[b]اصولن وچ ۾ فرق
[/b] بيشڪ 15 سيڪڙو اصول هر اهڙي ذاتي مقصد تي لاڳو ٿيندو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ توهان ڪوشش ڪريو ٿا ان ڪڪ باڪسر بابت غور ڪريو، جنهن رڳو ڇهن هفتن جي سکيا وٺي چيمپيئن شپ کٽي ورتي هئي. هن ماهرن سان ملي انهن کان اهو پڇيو هو ته پهرئين رائونڊ ۾ ٻه ڀيرا جيڪڏهن پنهنجي مخالف کي رنگ کان ٻاهر اڇلائي ڇڏجي، ته به توهان کٽي سگهو ٿا.
ماڻهو ڪڪ باڪسنگ کي صرف باڪسنگ سمجهن ٿا. ان جي ابتڙ جيئن ته ان باڪسر جي سکيا هڪ ڪُشتي وڙهندڙ پهلوان طور ڪئي ويندي آهي، ان لاءِ هن پنهنجي ڪوچ کي چيو ته، ”مون کي اهو نه سمجهاءِ ته پاڻ کي ناڪ آئوٽ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ مخالف کي رنگ کان ٻاهر ڪيئن اڇلايو ويندو آهي؟“ ۽ اهو گُرُ معلوم ڪري هن چيمپيئن شپ کٽي ورتي.
زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي موقعا ايندا آهن، جڏهن اصولن ۽ قانونن ۾ فرق معلوم ڪرڻو پوندو آهي. جيڪڏهن توهان انهن اصولن بابت پڇا ڳاڇا نه ٿا ڪريو ۽ پاڻ ئي فرض ڪري ٿا وٺو ته پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺندؤ ته ان کان بهتر آهي ته توهان انهن اصولن ۽ قانونن بابت پڇا ڳاڇا ڪري وٺو ته شايد توهان کي ڪو آسان رستو نظر اچي وڃي، جنهن ذريعي توهان آسانيءَ سان منزل تي پهچي وڃو.