ڀروسو خدائي ڏات آهي
”توهان ڪنهن حادثي يا اتفاق جو نتيجو نه آهيون ۽ نه ئي توهان کي ”وسيع پيداوار“ وانگر تخليق ڪيو ويو. توهان ڪا اهڙي شئي به نه آهيو، جنهن کي ڪارخانن ۾ مشينن وسيلي سون جي تعداد ۾ ٺاهيو وڃي، پر توهان کي هڪ جامع مقصد ۽ رٿابنديءَ هيٺ ٺاهيو ويو آهي ۽ توهان کي خاص مهارتون ۽ نعمتون عطا ڪيون ويون آهن. نهايت پيار سان توهان کي دنيا ۾ اماڻيو ويو آهي.“
جيڪڏهن توهان ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان کي پنهنجي ذات تي ڀروسي ۽ يقين جو اظهار ڪرڻو پوندو ته توهان پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي صلاحيت سان مالامال آهيو. توهان ڀلي ان کي پنهنجو برتريءَ جو احساس، خوداعتمادي يا پنهنجو پاڻ تي يقين ڪرڻ سڏيو، ان کي ڪهڙو به نالو ڏيو، پر اهو توهان جو پنهنجي ذات اندر گهرو يقين ۽ ڀروسو آهي جو توهان پنهنجين صلاحيتن ۽ مهارتن وسيلي مرضيءَ موجب پنهنجي لاءِ بهترين ۽ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا.
[b]پنهنجي ڏات تي ويساهه رکو:
[/b] پنهنجي ڏات تي ڀروسو ۽ يقين، توهان جي پنهنجي مرضيءَ ۽ خواهش تي ڀاڙي ٿو. اهو هڪ عام رويو ۽ رجحان آهي، جيڪو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ توهان ۾ پيدا ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ مثبت رويو رکندڙ ۽ سهڪار ڪندڙ ماءُ پيءُ اهو رويو ظاهر ٿيڻ ۾ اسان جا مددگار ثابت ٿين ٿا، پر حقيقت اها آهي ته لڪير جا فقير بڻيل ماءُ پيءُ غيرارادي طور تي ننڍپڻ کان ئي اسان کي پنهنجي خيالن ۽ تصورن جو قيدي رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن.
ماضي ماضي آهي. هن وقت پنهنجي ماضيءَ بابت ڪجهه به چوڻ ڪا به اهميت نه ٿو رکي. هاڻي اها توهان جي ذميداري آهي ته پنهنجن خيالن ۽ تصورن کي پاڻ ئي پرکيو ۽ انهن تي عمل ڪريو. توهان کي هاڻي لازمي طور تي اهو سوچڻ کپي ته جنهن به ڪم ۾ سوچي هٿ وجهندؤ، ان ۾ توهان لاءِ ڪاميابي ئي ڪاميابي آهي.
توهان پنهنجي ذهن جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ڇڪائي سگهو ٿا ته هاڻي ڪا به شئي ناممڪن ڪونهي. ڇاڪاڻ ته توهان هاڻي هر قسم جي ڪاميابي حاصل ڪرڻ واري صلاحيت پيدا ٿي چڪي آهي. ممڪن آهي ته ذهن بابت اها تازي ڄاڻ توهان لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿئي. ڇاڪاڻ ته مثبت ۽ تعميري نموني پاڻ سان ڳالهائڻ سان گڏوگڏ مناسب تربيت ۽ مشق ذريعي ڪو به شخص ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو.
دنيا ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيندڙن کي پنهنجي ڏات ۽ ذات تي ڀروسو هو، جنهن کين سڦل ڪيو.
جيڪڏهن توهان کي اهو ڀروسو آهي ته توهان پنهنجي لاءِ هر قسم جي ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ ان لاءِ عملي ڪم به ڪري سگهو ٿا ته پوءِ توهان انهن سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهو ٿا، جن ذريعي توهان ڪاميابي حاصل ڪريو.
[b]قوت ارادي ۽ ڀروسو:
[/b] اسٽيفن پهرين، چوٿين ۽ ڏهين ڪلاس ۾ فيل ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ٻين شاگردن وانگر پڙهي نه ٿي سگهيو. هو پنهنجي ماءُ وٽ مسلسل پنج ڪلاڪ پڙهندو هو ته به ڪلاس ۾ ڪامياب نه ٿيندو هو. هن پنهنجي هڪ ويجهي دوست کان پڇيو ته: تو امتحان ۾ ڪهڙي نموني ڪاميابي حاصل ڪئي ته اهو کيس مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن کان پوءِ اسٽيفن اندازو لڳايو ته سندس اهو دوست ڪو ايترو ذهين ڪونهي، جيترو هن کيس سمجهيو پئي.
اسٽيفن پوءِ پنهنجي قوت ارادي کان ڪم وٺڻ جو فيصلو ڪيو. پنهنجي ڪمزورين کي نظرانداز ڪري انهن بابت سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو. ان جي ابتڙ هن پنهنجين صلاحيتن ۽ خوبين تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ جنهن شئي ۾ هو ماهر هو ان بابت سوچڻ شروع ڪيو ۽ اها هئي ”فٽبال“ بابت سوچ. کيس راندين ۾ حصو وٺي فخر ۽ برتري جو احساس ٿيو.
هن پنهنجي سموري توانائي ۽ ڌيان فٽبال تي ڏئي، ان فيلڊ ۾ هڪ بهترين رانديگر هجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. ڪاميابيءَ کان پوءِ هن سوچيوته جيڪڏهن آءٌ اڳ ۾ ئي ان ڳالهه تي ڌيان ڏيان ها ته اڃا به جلد ڪاميابي ماڻي سگهان ها.
تنهن کان پوءِ هن پنهنجو اهو اعتماد پنهنجي پيشي ڏانهن منتقل ڪيو. ٽيلويزن لاءِ تبصرا لکڻ شروع ڪيا. آخرڪار هن پنهنجو هڪ ذاتي ادارو ٺاهيو، هن 38 مختلف ٽي وي پروگرامن لاءِ 350 مسودا ۽ ڊراما لکيا. ان وقت وٽس ٻه هزار ماڻهو ڪم ڪندا هئا. ان کان پوءِ به ڏهه ٻيا ناول لکيائين، جيڪي سڀ بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جي فهرست ۾ شامل ڪيا ويا.
اسٽيفن جي جدوجهد جو اهو داستان بهترين مثال آهي ته زندگي توهان کي پاڻ ئي پاڻ ڪاميابي نه ٿي ڏئي، پر توهان کي پاڻ به پنهنجي ذهني ۽ جسماني صلاحيتن کان ڪم وٺي پنهنجي لاءِ ڪاميابيءَ جو ٻوٽو پاڻ پوکڻو آهي.
هنري فورڊ هڪ ڀيري چيو هو ته:
”آءٌ انهن ماڻهن جي ڳولا ۾ آهيان جن ۾ اها بي پناهه صلاحيت موجود هجي ته کين خبر ئي نه آهي ته اهي ڇا ڇا ڪري سگهن ٿا؟“
ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ته: “آءٌ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان”:
پال آرشيلي جو هي ڪارائتا جملو ته:
”انساني ”نفسيات“ ۾ ڪجهه نه ڪري سگهڻ واري ڳالهه هڪ ناڪاري طاقت جي حيثيت رکي ٿي.“
جيڪڏهن توهان زندگيءَ ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان ”آءٌ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان“ ۽ ”ڪاش آءٌ ان قابل هجان ها“ وغيره جهڙن اصطلاحن بابت سوچڻ ڇڏي ڏيو. ان بابت سوچي توهان پنهنجو پاڻ سان جُٺ ڪريو ٿا ۽ پڻ پاڻ کي پنهنجي هٿان بيوس ڪري ٿا ڇڏيو. توهان خود اعتمادي ڇڏي ٿا ڏيو ۽ اهڙا لفظ توهان کي ذهني طور تي معذور ڪري ڪجهه به ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿا ڇڏين.
انساني دماغ اهڙي نموني ٺاهيو ويو آهي ته جيئن توهان ان ذريعي پنهنجا سمورا مسئلا حل ڪري سگهو ۽ اهو توهان کي توهان جي مرضيءَ موجب ڪم ڪري ڏيکاري توهان جيڪي به لفظ سوچيو ٿا يا ڳالهايو ٿا، اهي توهان جي جسم تي گهرو اثر ڇڏين ٿا. ننڍپڻ ۾ جڏهن توهان ٿاٻڙجندي هلڻ لڳندا آهيو ته توهان کي ڪير به نه روڪيندو آهي. توهان هيڏانهن هوڏانهن پيا لڏندا آهيو، پر توهان تي ڪنهن وڏي جي نظر هوندي آهي.
ان کان پوءِ ٿورا وڏا ٿيندا آهيو ته ان وقت توهان کي ڪو به ڊپ نه هوندو آهي. توهان سوچيندا آهيو ته توهان هر شيءِ کي ٽپ ڏئي پار ڪري سگهو ٿا، پر پوءِ آهستي آهستي توهان جيئن جيئن وڏا ٿيندا ويندا آهيو ۽ ڪجهه اڳتي وڌڻ چاهيندا آهيو ته آهستي آهستي توهان جي وڏن دوستن ۽ استادن طرفان توهان تي جسماني پابندين باعث توهان جو اهو احساس برتري ختم ٿيندو ويندو آهي ۽ توهان ڪو به ڪم پنهنجي سر پاڻ ڪرڻ واري خوداعتمادي وڃائي ويهو ٿا.
1980ع جي ڏهاڪي ۾ مون کي هڪ اهڙي تربيتي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو مليو، جنهن ۾ اسان کي سيکاريو ويو ته ٻرندڙ ڪوئلن تي ڪيئن ٿو هلي سگهجي؟
پروگرام ۾ اسان کي سيکاريو ويو ته اسين ڪاغذ جي ٽڪرن تي لکون ته: ”آءٌ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان.“ ”مون کي سٺي ۽ بهترين نوڪرين نه ٿي ملي سگهي.“ ”آءٌ لک پتي نه ٿو ٿي سگهان.“ ”مون کي پنهنجي لاءِ سٺي زال نه ٿي ملي سگهي.“ پوءِ اسان ڪاغذ جي انهن ٽڪرن کي ٻرندڙ ڪوئلن ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ انهن کي سڙندو ڏسندا رهياسين. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اسان انهن ئي ٻرندڙ ڪوئلن مٿان هلندا رهياسين ۽ ڪنهن جو به پير نه سڙيو. پوءِ ان ڏينهن اسان کي محسوس ٿيو ته اهو سوچڻ ۽ ڊپ ڪرڻ ته اسان ٻرندڙ ڪوئلن تي نه ٿا هلي سگهون، رڳو ڪوڙ هو. تنهن کان پوءِ محسوس ٿيو ته اسان جا ٻيا به ان قسم جا ڊپ ۽ خدشا ڪوڙا ۽ غلط هئا ۽ اسان جي صلاحيتن کي محدود ڪري رهيا هئا.
[b]ڪجهه نه ڪري سگهڻ جو سوچي زندگي نه وڃايو:
[/b] دنيا ۾ هر شخص پنهنجي ارادي جي قوت ۽ همت سان هرڪو ڪم ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن توهان پنهنجي حياتي ۾ اهو ٿا سمجهو ته توهان ڪجهه به نٿا ڪري سگهو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان پنهنجي حياتيءَ جو قدر ڪرڻ بدران ان کي ضايع ڪري ڇڏيو. ان جي بدران توهان دنيا ۾ ڪٿي به رهندا هجو، ڪهڙي به عمر جا هجو، اهو سمجهو ته ڌڻيءَ تعاليٰ دنيا ۾ توهان کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم لاءِ موڪليو آهي ۽ توهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا. بس رڳو همت جي ضرورت آهي، پوءِ خدا پاران مدد پاڻهي ٿي ويندي. جيڪڏهن توهان ننڍيءَ عمر جا آهيو ته به ڪا ڳالهه نه آهي. گهڻا ئي ماڻهو ننڍيءَ عمر ۾ وڏا ڪارناما ڏيکاري ويندا آهن. ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ شروعاتي قدم هاڻي ئي کڻڻ شروع ڪريو.
ڪنهن شاعر ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪئي آهي ته:
ڇو پير پساري ويٺو آن،
اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.
ڪاميابيءَ لاءِ ڪنهن سند جي ضرورت ناهي:
مختلف قسم جي کوجنائن ۽ انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته علم، تربيت جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ذات تي ڀروسو سڀ کان وڌيڪ اهم آهي. ٻين لفظن ۾ پنهنجو پاڻ تي اعتماد هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن جي وسيلي توهان پنهنجي لاءِ هر قسم جي ناممڪن کي ممڪن بڻائي سگهو ٿا.
آمريڪا جا ويهه سيڪڙو لک پتي اهڙا آهن، جن ڪڏهن به اسڪول جو منهن نه ڏٺو آهي.
ان مان ثابت ٿيو ته جيتوڻيڪ زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ تعليم ۽ تربيت ضروري آهي پر تعيليم سرٽيفڪيٽ جي هرگز ضرورت ڪونهي ۽ اهو اصول انٽرنيٽ جهڙي فني مهارت تي به لاڳو ٿئي ٿو.
اوريڪل (Orecal) جي سربراهه کي يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو ۽ اهو هن وقت 18 بلين ڊالرن جو مالڪ آهي ۽ بل گيٽس کي هارورڊ مان نيڪالي مليل آهي ۽ اڄ اهو ”مائيڪرو سافٽ“ جو مالڪ آهي ۽ کيس دنيا جو سڀ کان وڏو دولتمند شخص سمجهيو وڃي ٿو.
دنيا جا سڀ کان ڪامياب ماڻهو تعليم مڪمل نه ڪري سگهيا هئا ته به ڪامياب رهيا ته توهان به هن وقت جتي آهيو اتان کان پنهنجي سٺي زندگيءَ جي شروعات ڪري انهن کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا.
ٻين جي ڳالهين جي پرواهه نه ڪريو:
وينس ولميز جا وزنائتا اکر آهن ته:
”ٻين جي ڳالهين ۽ تبصرن تي ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ۽ يقين ڪرڻ سکو. اهوئي رويو ۽ طرز عمل توهان جي ڪاميابيءَ جو راز آهي.“
جيڪڏهن اسين پنهنجي مقصد جي ڪاميابيءَ لاءِ ٻين تي ڀاڙيون ته پوءِ اسين پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ڪاميابي حاصل ڪري نه ٿا سگهون، نه ئي پنهنجن خوابن کي عملي شڪل ڏئي سگهون ٿا. توهان پنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ پنهنجن فيصلن وسيلي پنهنجي ذات ۾ يقين ۽ ڀروسي کي ٺاهيو ۽ والدين، دوستن، ساٿين، ٻارن ۽ ڪاروباري دوستن جي راين ۽ تبصرن کي بنياد نه بڻايو. ٻيا توهان بابت ڇا ٿا سوچين ۽ چون، تنهن تي ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏيو.
توهان کي گهرجي ته 60/40/18 جو اصول ٺاهيو. يعني جڏهن توهان جي عمر ارڙهين سال ٿئي ٿي ته توهان اهو سوچڻ شروع ٿا ڪريو ته ٻيا منهنجي باري ۾ ڇا ٿا سوچين. جڏهن توهان چاليهن سالن جا ٿا ٿيو ته توهان ٻيا ڇا ٿا سوچين؟ بابت سوچڻ ئي ڇڏي ٿا ڏيو ۽ جڏهن وري توهان 60 سالن جا ٿا ٿيو ته ٻيا توهان بابت سوچڻ ڇڏي ٿا ڏين.
[b] ڪهڙي نه حيران ڪندڙ ڳالهه آهي!
[/b] ڪو به شخص هر وقت توهان بابت نه ٿو سوچي. جيڪي ماڻهو توهان بابت سوچين به ٿا ته اهي وري ان ڳالهه بابت حيران پيا ٿيندا آهن ته توهان انهن بابت ڇا ٿا سوچيو ۽ ان جي ابتڙ توهان وري ان ڳالهه تي پريشان پيا ٿيندا آهيو ته هو توهان بابت ڇا پيا سوچين. تنهن ڪري ياد رکو ته هاڻي اهو زمانو آهي،جو ڪنهن کي به ٻئي بابت سوچڻ جي واندڪائي ئي ڪونهي. هو پنهنجي فڪرن مان نڪرن ته ٻين جو فڪر ڪن.
تنهن ڪري توهان ٻين بابت اجايو سوچي پنهنجو وقت ضايع پيا ڪريو. اهو قيمتي وقت اجايو وڃائڻ ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ لاءِ سوچيو ۽ غور ڪريو ته توهان اڃا وڌيڪ ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪري سگهو ٿا.