ڀروسو پيدا ڪريو، سڀ ڪجهه ممڪن آهي
”ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي واٽ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اها آهي ته ماڻهن کي پنهنجو پاڻ تي اعتماد ۽ ڀروسو ڪونهي.“
نيپولين هِل چيو هو ته ”انسان جيڪو ڪجهه به سوچي سگهي ٿو ۽ جنهن تي يقين اٿس، اهو حاصل ڪري سگهي ٿو.“
اصل ۾ ذهن هڪ اهڙو زبردست هٿيار آهي، جنهن ذريعي توهان پنهنجي هر ارادي تي عمل ڪري سگهو ٿا، پر شرط اهو آهي ته توهان کي پڪو يقين، اعتماد ۽ ڀروسو هجڻ گهرجي ته توهان جو هر ارادو ۽ خواهش پوري ٿي سگهي ٿي.
[b]مرضيءَ موجب شيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون:
[/b] گهڻو عرصو اڳ تائين سائنسدان اهو سمجهندا هئا ته انسان ٻاهرين ماحول مان آيل معلومات جو اثر قبول ڪري ٿو، پر هن جديد دؤر ۾ اسان کي اهو پتو پوي ٿو ته اسان جو ذهن ماضيءَ جي تجربن جي اثرن هيٺ مستقبل جي واقعن جي نشاندهي ڪري ٿو.
مثال طور گوڏي جي امڪاني سرجريءَ لاءِ ڪن مريضن کي چونڊيو ويو، جن جا گوڏا خراب ٿي چڪا هئا ۽ انهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جي سرجريءَ جي ضرورت پيش آئي.
فرضي سرجريءَ دوران ڊاڪٽرن هڪ مريض کي بيهوش ڪري ڇڏيو ۽ مريض جي گوڏي ۾ اهڙي نموني زخم ڪيو، ڄڻ ته اوزار وڌا ويا آهن ۽ پوءِ ايئن ظاهر ڪيو ويو، ڄڻ سرجريءَ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. ٻن سالن کان پوءِ اهي مريض جن جي فرضي سرجري ڪئي وئي، انهن به ساڳئي قسم جو آرام محسوس ڪيو، جيترو اصل سرجري ڪرائيندڙ مريضن محسوس ڪيو هو.
ان مان ثابت ٿيو ته فرضي سرجري ڪرائيندڙن به ذهني طور تي سندن گوڏن جي ٿيل سرجريءَ جو امڪاني تاثر قبول ڪيو ۽ بنا سرجريءَ سندن گوڏا صحيح ڪم ڪرڻ لڳا. ان کي اسين نفسياتي اثر به چئي سگهون ٿا.
انساني دماغ ايئن ڪيئن ٿو ڪم ڪري؟ ذهني نفسيات جا ماهر جيڪي ”امڪاني واقعن جي نظرئي“ تي ڪم ڪري رهيا آهن، تن جو چوڻ آهي ته اسين پنهنجي سموري حياتي هڪ خاص قسم جي عمل ۾ گذاريون ٿا. زندگيءَ ۾ پيش آيل واقعن ذريعي انساني دماغ اهو فيصلو ڪري ٿو ته آئينده ڪهڙيون حالتون ۽ واقعا پيش ايندا. ڀلي پوءِ اهي حالتون ۽ واقعا واقعي پيش کڻي نه به اچن ۽ اسان جو ذهن هڪ يقيني طريقي ذريعي آئينده جي واقعن جي نشاندهي ڪري ٿو، تنهن ڪري اسين اڪثر پنهنجي مرضيءَ موجب مقصد ۽ حدف حاصل ڪري ٿا وٺون.
اهوئي سبب آهي جو اها ڳالهه تمام گهڻي اهميت رکي ٿي ته اسين پنهنجي ذهن ۾ مثبت ۽ تعميري خيالن ۽ تصورن کي جاءِ ڏيون. جڏهن توهان پنهنجي ذهن مان پراڻن ۽ ناڪاري تصورن بدران سٺن ۽ نيڪ خيالن، تصورن کي جاءِ ٿا ڏيو ۽ جڏهن توهان کي اها پڪ ٿي وڃي ٿي ته توهان جا خيال ۽ تصور قابل عمل آهن، انهن جو پورو ٿيڻ ممڪن آهي ته پوءِ توهان جو ذهن خيالن ۽ تصويرن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪارروائي شروع ڪري ٿو ڏئي. وڌيڪ اهو چئي سگهجي ٿو ته توهان جو ذهن عملي طور تي انهن خيالن کي پورو ڪرڻ جو سبب بڻبو.
[b]ارادن جي پوري ٿيڻ جو يقين وڏي وٿ آهي:
[/b] نيپولين هل چيو آهي ته:
”جيڪڏهن توهان کي پنهنجن خيالن ۽ تصورن جي پوري ٿيڻ جو مڪمل ڀروسو آهي ۽ توهان پنهنجي رويي ۽ طرز عمل کي ان يقين ۽ ڀروسي مطابق طئي ڪري ٿا وٺو، يعني جيڪي ڪجهه توهان سوچيو ٿا توهان جو دماغ ان کي عملي شڪل ڏئي سگهي ٿو ته پوءِ توهان پنهنجي مرضيءَ موجب هر قسم جي ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا.“
دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪڏهن توهان کي پنهنجن ارادن ۽ خواهشن جي پوري ٿيڻ جو يقين آهي ته توهان انهن کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃو ٿا. جڏهن توهان پنهنجن گهربل مقصدن ۽ حدفن حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به نااميدي تي ڌيان ئي نه ٿا ڏيو ته توهان جو ذهن به ان ريت سوچڻ شروع ڪري ٿو ڏئي ۽ توهان جي تصورن کي عملي شڪل ڏيئي سگهي ٿو ته پوءِ توهان پنهنجي مرضيءَ موجب هر قسم جي ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا.
ان يقين سبب ئي ڪيترن رانديگرن وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون. ڪيترن معذور ۽ اپاهج ماڻهن پنهنجين حياتين ۾ تمام گهڻي دولت ۽ طاقت حاصل ڪئي. تمام گهڻن ماڻهن پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ تمام گهڻا ڪارناما انجام ڏنا. ڪيترن ئي فاتحن دنيا کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو. انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪيتريون ئي اهڙيون ڪارائتيون ايجادون ٿي ويون، جن جو اڳ تصور به ڪري نه پيو سگهجي.
يقين ۽ ڪاميابي گڏگڏ هلندا آهن:
چرڊبيچ اونهي ڳالهه ڪندي چيو ته:
”جن ماڻهن کي پاڻ تي ڀروسو آهي ته اهي دير سوير پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿين ٿا.“
وڏي باڪسنگ رانديگر ٽم فيرس کي صلاحيتن تي ايترو ته پڪو يقين هو، جو هن باڪسنگ ۾ حصو وٺڻ کان رڳو ڇهن مهينن کان پوءِ قومي چيمئپن جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. ان کان اڳ اهو رڳو قومي اعزاز کٽڻ جو خواب ڏسندو رهندو هو.
ڪاميابيءَ لاءِ اعتماد ڪيئن پيدا ڪجي؟
جڏهن ويهن سالن جي روبن آمريڪي اولمپڪ تربيتي مرڪز ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته هڪ ڪاروباري ماڻهو جو ڪارڊ موجود هو. ان شخص کي پڪ هئي ته روبن اولمپڪ کٽڻ جي پنهنجي ان خواب کي تعبير ڏئي سگهي ٿو. ڊوڙڻ جي مشق دوران هو ڪيترائي ڀيرا زخمي ٿيو ۽ سندس هڏ گُڏ به ڀڳا، پر روبن جذبي سان سرشار هو. هو هوسٽن ۾ پنهنجي دوست گريڪ وٽ هليو ويو. جڏهن روبن پهرين ڏينهن سکيا وٺي موٽيو ته گريڪ سندس انتظار ڪري رهيو هو.
روبن گريڪ کي چوڻ لڳو:
”منهنجو سمورو بدن زخمن سان چور چور ٿيل آهي، منهنجو خيال آهي ته مون کي هيءَ راند سکڻ بدران فٽ بال ڏانهن واپس موٽڻ گهرجي.“
گريڪ سندس ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي چيو: ”روبن! ايئن ڪر جو سامهون لڳل آئيني آڏو وڃي بيهه.“ روبن اٿي بيٺو ۽ سامهون لڳل هڪ ماڻهوءَ جي قد جيتري آئيني اڳيان بيهي رهيو.
گريڪ چوڻ لڳس:
”روبن آءٌ جيڪو ڪجهه چوندو وڃان، تون به منهنجي پٺيان اهو ورجائيندو وڃ. پوءِ هن چوڻ شروع ڪيو ته: ”منهنجي ڀلي ڪهڙي به خراب حالت ٿئي، پر مون کي هر حالت ۾ اها اولمپڪ کٽڻي آهي. اهو منهنجو خواب آهي، آءٌ همت نه هاريندس.“
هن اهي لفظ ڪيترائي ڀيرا ورجايا. پنجين ڀيري اهي لفظ ورجائيندي هن گريڪ کي چيو: هاڻي ڪافي بهتر محسوس ڪري رهيو آهي. آءٌ بلڪل سڌو بيهي سگهان ٿو.
ڏهه ڀيرا اهو ورجائڻ کان پوءِ هو ٽپ ڏئي اُٿيو ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳو: ”مون کي پرواهه نه آهي ته ڇا ٿيندو، پر مون کي هر حال ۾ ڪامياب ٿيڻو آهي. آءٌ جلد تندرست ٿي ويندس ۽ هر حال ۾ اولمپڪ ۾ حصو وٺي ڪامياب ماڻيندس.“
جڏهن توهان پنهنجي اکين ۾ اکيون وجهي پاڻ کي چئو ٿا ته توهان هر حال ۾ ڪاميابي حاصل ڪندؤ ته پوءِ توهان ۾ اوچتو ئي اوچتو اعتماد ۽ ڀروسي جو ڪرنٽ اچي وڃي ٿو.
تنهن ڪري توهان جا جيڪي به خواب ۽ تصور هجن، آرسي اڳيان بيهي اهو اعلان ڪريو ته توهان کي هر حال ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي. اها مشق ڪرڻ بعد توهان ڀروسي سان ٽمٽار ٿي ويندا. مقصد ماڻڻ لاءِ وڌيڪ جذبو ايندو ۽ منزل ماڻڻ کان توهان کي ڪير روڪي نه سگهندو.